تازا ترين
  • * حڪمرانن غريبن ۽ مسڪينن کي ملندڙ راشن ۽ ٻين سهولتن ۾ به ڪرپش ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي:محمد حسين محنتي * هن ڏکئي وقت ۾ رياست پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري رهي آهي جيڪا هن کي ڪرڻ گهرجي: جماعت اسلامي اڳواڻ *
  • *ڪراچي: 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا 45نوان ڪيس آيا: سنڌ حڪومت جو ترجمان * ٽنڊو محمد خان ۾ 7 ۽ حيدرآباد ۽ شهيد بينظير آباد ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيا: ترجمان * ڪراچي ۾ هڪ ڄڻو ڪورونا وائرس سبب زندگي جي جنگ هارائي ويو: سنڌ حڪومت جو ترجمان * ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 16 ٿي ويو: سنڌ حڪومت جو ترجمان *
  • *جاپاني وزيراعظم شنزو ايبي ملڪ ۾ هڪ مهيني لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي * جاپان ۾ ايمرجنسي واري صورتحال اڄ کان 6 مئي تائين رهندي: شنزو ايبي *ايمرجنسي لڳائڻ جو فيصلو ڪورونا وائرس جا ڪيسز وڌڻ سبب ڪيو ويو: جاپاني وزيراعظم *جاپان ۾ ايمرجنسي واري صورتحال ٽوڪيو سميت ڪورونا وائرس متاثر رياستن ۾ لاڳو رهندي: جاپاني وزيراعظم * رياستن ۾ بنيادي معاشي سرگرميون جاري رهنديون، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ سپر مارڪيٽ به کليل رهندا: پڌرنامو*
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب 18 ماڻهو فوت ٿي چڪا: عوام گهرن مان ٻاهر نه نڪري، جلد وائرس تي ضابطو آڻينداسين:وڏو وزير*
  • *سپريم ڪورٽ حڪومت کي هڪ مهيني ۾ سرحدن تي قرنطينه سينٽر ٺاهڻ ۽ مڪمل فعال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو * تافتان، چمن ۽ طورخم وارن هنڌن تي قرنطينا سينٽر ٺاهيا وڃن، هي اهي داخلي رستان آهن، جتان وائرس داخل ٿيو آهي: چيف جسٽس *جيڪڏهن عدالتي حڪومت تي عمل نه ڪيو ويو ته توهين عدالت ڪارروائي ڪئي ويندي: اسپتالن جي بندش واري ڪيس ۾ چيف جسٽس ريمارڪس *
  • *پلاٽ جي غيرقانوني الاٽمينٽ وارو ڪيس: خانگي ٽي وي چئنل جي مالڪ مير شڪيل الرحمان جي ضمانت واري درخواست رد*
  • *پاڪستانين جي جلد واپسي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪريون پيا: پرڏيهي وزير * اسان کي هڪ قوم جي حيثيت سان هن خطرناڪ وبا جو مقابلو ڪرڻو آهي: شاهه محمود قريشي * هي وقت سڄي قوم لاءِ سخت امتحان آهي، انشاءَ الله اسان ايمان جي جذبي سان وبا کي شڪست ڏينداسين *
  • * کپرو لڳ ٻن پورهيتن جي گهرن کي باهه لڳڻ سبب الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو *. کاهي ڳوٺ رتو جوکيو ۾ غريب پورهيتن منگل ۽ پونيون ڪولهي جي گهرن کي بجلي جي تار مان باھ لڳي وئي * باهه سبب ڏهه مڻ ڪڻڪ، پنج مڻ سرنهن، چانديءَ جا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو گهريلو سامان سڙي رک ٿي ويو*
  • *سپريم ڪورٽ پاران انڊر ٽرائل قيدين جي ضمانت تي آزادي وارا هاءِ ڪورٽس جا فيصلا ڪالعدم قرار *اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي 5رڪني بينچ قيدين جي آزادي بابت درخواست تي فيصلو ٻڌايو *
  • *ڪابل: طالبان قيدين جي آزادي ۾ دير تي افغان اختيارين سان ڳالهيون معطل ڪري ڇڏيون *ڪابل: طالبان پنهنجي قيدين جي سڃاڻپ ۽ تصديق لاءِ هڪ ٽيم ڪابل موڪلي هئي: افغان طالبان جو ترجمان *
  • *ڪراچي: اڄ هلندڙ سال ۾ چوٿون ڀيرو سپر مون ڏٺو ويندو: موسميات کاتو *معمول کان وڏو ۽ روشن چنڊ رات 7 لڳي 35 منٽ کان ڏٺو ويندو: موسميات کاتي جو ڊائريڪٽر * چنڊ زمين کان 3 لک 54 هزار 42ڪلو ميٽر جي فاصلي تي هوندو: موسميات کاتو *
  • * برطانوي وزيراعظم بورِس جانسن ڪورونا وائرس جون علامتون وڌيڪ ڳڻتي جوڳيون ٿيڻ تي آءِ سي يو وارڊ منتقل * بورس جانسن کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف وڌڻ تي آءِ سي يو وارڊ ۾ رکيو ويو: برطانوي خابرو ادارو *رات کان آءِ سي يو وارڊ ۾ هئڻ باوجود برطانوي وزيراعظم بورس جانسن جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو: خابرو ادارو * وقتي طور تي ڊومنڪ راب کي وزيراعظم جون ذميواريون حوالي ڪيون ويون آهن: ڊائوننگ اسٽريٽ *
  • *پي ايم ڊي سي بحالي ڪيس: عدالت صحت واري وزارت، ضلعي انتظاميه ۽ پوليس کي پي ايم ڊي سي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو*
  • *ڪورونا معاملي تي غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو ويو، وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي: پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ حمزه شهباز شريف جي ضمانت درخواست اڪلائي ڇڏي *عدالت حمزه شهباز شريف پاران درخواست واپس وٺڻ تي اڪلائي ڇڏي *لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ جسٽس سردار احمد نعيم جي سربراهي ۾ ٻڌڻي ڪئي *
ايشيا ڪپ ۾ ڀارت جي مرضي نه هلندي: احسان ماني
پاڪستان سپر ليگ جو ايندڙ ايڊيشن پاڪستان ۾ ٿيندو، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ ميچون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي: پي سي بي چيئرمين

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ بحال ٿي وئي، ٻيون رانديون اڃا چيلنج آهن، ايشيا ڪپ ۾ ڀارت جي مرضي نه هلندي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي احسان ماني جو چوڻ هو ته پاڪستان سُپر ليگ جو ايندڙ ايڊيشن پاڪستان ۾ ٿيندو، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ ميچون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته پي ايس ايل پاڪستان ۾ ڪرائڻ چيلنج هو، ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ بحال ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا آهيون، ٻيون رانديون اڃان به چيلنج آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايم ڊي پي سي بي وسيم خان کي انگلينڊ بورڊ آڇ ڪئي هئي، پر هن ملڪ سان محبت جي ڪري انڪار ڪيو، ملڪ ۾ راندين جا گرائونڊ آباد ڪرڻ جو رٿيو آهي، وقت لڳندو پر ڪامياب ضرور ٿينداسين. هن وڌيڪ چيو ته ايشيا ڪپ پاڪستان ۽ ڀارت جو نه پر اي سي ميمبرن جو گڏيل معاملو آهي، گڏجاڻي ڪوروانا وائرس جي ڪري ملتوي ٿي وئي، جيڪڏهن ڀارت سان ٻطرفي سيريز ٿئي ها ته انڊيا تي پاڪستان اچي کيڏڻ تي زور ڀريان ها، ايشيا ڪپ بابت فيصلو اجلاس ۾ ئي ٿيندو، ملڪ ۾ ڪرڪيٽ کانسواءِ ٻيون رانديون به بحال ڪرڻ چيلينج آهي.

ڪراچي: پي سي بي چيئرمين احسان ماني پريس ڪانفرنس ڪري رهيو آهي

ڪراچي: پي سي بي چيئرمين احسان ماني پريس ڪانفرنس ڪري رهيو آهي

بين جوغلط آئوٽ:ري پلي امپائر کي منجهائي ڇڏيو،پي سي بي تي تنقيد
ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي بيٽسمين بين ڪٽنگ شاٽ کيڏيو ته ليونگ اسٽون هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ پشاور زلمي جي ميچ ۾ بين ڪٽنگ جي آئوٽ تي نو بال چيڪ ڪرڻ لاءِ اسٽمپ ڪيميرا جا غلط فٽيج هلايا ويا. ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي بيٽسمين بين ڪٽنگ حدف حاصل ڪرڻ لاءِ شاٽ کيڏيو ته ليونگ اسٽون هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. امپائر وهاب رياض جو نوبال چيڪ ڪرڻ لاءِ ايڪشن ري پلي جو سهارو ورتو ۽ مختلف اينگلز کي بار بار ڏسي فيصلو ڪيو ويو ته وهاب رياض نو بال نه ڪرائي آهي، پر جڏهن غور ڪيو ويو ته اسڪرين تي هلندڙ ري پلي ئي غلط هو. ميچ ۾ سائيڊ ڪئمرا سان جڏهن ڏٺو ويو ته ائين لڳو ته ڄڻ نو بال آهي، پر شڪ ختم ڪرڻ لاءِ اسٽمپ ڪيمرا جو ري پلي ڏٺو ويو ته محسوس ٿيو ته بالر جو پير لائين جي اندر آهي. جائزو وٺڻ تي پتو پيو ته سائيڊ ڪمرا جو ري پلي بين ڪٽنگ جي آئوٽ ٿيڻ واري بال جو هو ۽ محمد نواز نان اسٽرائيڪر اينڊ تي موجود هو. امپائر فوٽيج جي بنياد تي فيصلو ڏنو، پر اهڙي غلطي تي سوشل ميڊيا تي پي سي بي کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

قومي اسيمبلي ڪاميٽي جو اجلاس: احسان ماني جي بيان تي ميمبرن جو احتجاج
بين الصوبائي رابطن واري ڪاميٽي اجلاس ۾ احسان ماني ميمبرن کي اعزازي پاس ڏيڻ جي مخالفت ڪئي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ڪاميٽي جو اجلاس، احسان ماني جي بيان تي ميمبرن جو احتجاج، معذرت، ان ڏس ۾ اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جي بين الصوبائي رابطن بابت اسٽيڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس آغا حسن بلوچ جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ پي سي بي چيئرمين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ميمبرن پاڪستان سپر ليگ جون ميچز ڏسڻ لاءِ اعزازي پاس جي ڳالهه ڪئي ته احسان ماني مخالفت ڪندي چيو ته ڪاميٽي ميمبرن کي اهو حق ناهي ته کين پاڪستان سپر ليگ جي ميچز جا اعزازي پاسون ڏنيون وڃن. ڪاميٽي ميمبرن احسان ماني جي اهڙي بيان خلاف احتجاج ڪيو ۽ پي سي بي چيئرمين آڏو اُٿي بيهي رهيا، جنهن تي هن معافي ورتي.

سرفراز احمد به ورلڊ ڪپ لاءِ غور هيٺ آهي: مصباح الحق
پي ايس ايل ۾ ڏسنداسين ته ڪهڙا رانديگر بهترين ڪارڪردگي ڏيکارين ٿا

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ فائيو جي ٽيم اسلام آباد يونائيٽڊ جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق چيو آهي ته سرفراز احمد به ورلڊ ڪپ لاءِ غور هيٺ آهي. اسلام آباد يونائيٽڊ جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پي ايس ايل ۾ ڏسنداسين ته ڪهڙا رانديگر بهترين ڪارڪردگي ڏيکارين ٿا.مصباح الحق چيو ته بالنگ کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، گذريل ميچن ۾ سٺي بالنگ نه ڪرائي وئي، شاداب خان ون ڊي ڪپ ۾ سٺي بيٽنگ ڪئي، سندس بالنگ ۾ به بهتري آئي آهي. هن چيو ته موجوده اسڪواڊ ۾ سٺي رانديگر آهن، صورتحال موجب موقعو ڏينداسين.

پاڪستاني بيڊمنٽن ماحور شهزاد جو هڪ ٻيو اعزاز

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)پاڪستان جي نمبر ون بيڊمنٽن رانديگرياڻي ماحور شهزاد جي ڪاميابين جو سفر جاري آهي. هن هڪ وڌيڪ مقابلو کٽي بيڊمنٽن جي نئين عالمي رينڪنگ ۾ ٽاپ 140 ۾ شامل ٿيڻ جواعزاز ماڻي ورتو آهي. ماحور شهزاد عالمي رينڪنگ ۾ 138 نمبر تي اچي وئي آهي، ان کان اڳ هوءَ عالمي رينڪنگ ۾ بهترين پوزيشن 149 نمبر سان حاصل ڪئي. بيڊمنٽن مقابلا کٽيندڙ رانديگرن پڻ سوشل ميڊيا تي تصوير شيئر ڪئي.

مقصودو رند ۾ ٽي ٽين چيمپئن شپ موري جي ٽيم جي نانءِ
ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڏيڍ مهينو جاري رهڻ بعد پڄاڻي تي پهتو: فائنل ۾ دلچسپ دنگل

مقصودورند (رپورٽ: بهادر رند) مقصودو رند ۾ ٽي ٽين چيمپئن شپ موري جي ٽيم جي نانءُ، ان ڏس ۾ حامد فقير ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ايريا ڪرڪيٽ ڪائونسل جي سهڪار سان ٽورنامينٽ ڏيڍ مهينو جاري رهڻ بعد پڄاڻي تي پهتو. فائنل ۾ جيو ڀاڄي موري اليون پهريان کيڏندي مقرر اوورن ۾ 171 رنز جو حدف ڏنو. جواب ۾ رئيس بروهي اليون 110 رنز ٺاهي سگهي. جيو ڀاڄي موري اليون طرفان عبدالرزاق شاندار سنچري ٺاهي ۽ مين آف دي ميچ رهيو. فاتح ٽيم کي پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪاشف قريشي، پهلوان رند، ايڊووڪيٽ ارسلان شيخ ۽ ٻين انعام ڏنا.

پي سي بي عورتن جي ڏهاڙي تي ڪرن خان ۽ سارا محبوب کي ڀيٽا پيش ڪندو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ عورتن جي عالمي ڏينهن تي اولمپئن ڪرن خان ۽ قومي ٽينس اسٽار سارا محبوب کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پي سي بي موجب گولڊ گرل جي خطاب سان مشهور سوئمر ڪرن ۽ سارا کي ايوارڊ ڏنا ويندا.

ڊيل اسٽين سان بالنگ ڪرائڻ اعزاز سمجهان ٿو: رومان رئيس

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر رومان رئيس چيو آهي ته پي ايس ايل ۾ ڊيل اسٽين سان بالنگ ڪرائڻ اعزاز سمجهان ٿو. ڊگ آئوٽ ۾ اسٽين جهـڙي ليجنڊ جي موجودگي جو فائدو ٿي رهيو آهي، گهڻو ڪجهه سکڻ ۾ ملي رهيو آهي.خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن ڊيل اسٽين پي ايس ايل ۾ هجي ۽ ان کان ٽپس نه وٺجن ته اها ناانصافي هوندي. ليجنڊ رانديگر گهڻو ڪجهه سيکاري رهيو آهي.

نوشهرو فيروز ۾ والي بال ٽورنامينٽ هالاڻي کٽي ورتو ڪپتان کي انعامن ڏني وئي

نوشھروفيروز(رپورٽر) ڪنڊيارو ۾ والي بال ٽورنامينٽ ڪرايو ويو، جنهن جو فائنل هالاڻي ۽ ٽانوري ٽيمن وچ ۾ ٿيو. هالاڻي والي ٽيم 20 پوائنٽ ڪري ٽورنامينٽ جو ٽائٽل پنهجي نالي نالي ڪري ورتو، جڏهن ته ٽانوري ٽيم 15 پوائنٽس حاصل ڪري سگھي. فاتح هالاڻي والي بال ٽيم جي ڪپتان اسد سولنگي کي ونر ٽرافي ڏني وئي.

گرائونڊ اسٽاف هيرو آهي، پي سي بي کين فوري طور بونس ڏئي: وقار يونس

لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي بالنگ ڪوچ وقار يونس پي سي بي کان گرائونڊ اسٽاف کي بونس ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته برسات کانپوءِ اسٽاف گرائونڊ کي ميچ جي قابل بڻائي ٿو، پنڊي ۽ لاهور جو گرائونڊ اسٽاف اصل ۾ هيرو آهي، کين فوري طور بونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو وڃي.

پي ايس ايل کٽڻو آهي ته ٽيم جو نالو تبديل ڪريو: لاهور قلندرز جي مالڪ کي تجويز
لاهور قلندرز کي قلندرز هٽائي بادشاهه ڪرڻ سان ٽيم ۾ نالي جي ته تبديلي ايندي، ناڪامي جو داغ ختم ٿيندو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ ۾ لاڳيتو ناڪامين جي ملبي ۾ دٻيل لاهور قلندرز جي مالڪ کي ٽيم جو نالو تبديل ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي. اڳوڻي ڪرڪيٽر باسط علي جاري ڪيل وڊيو ۾ چيو ته لاهور قلندرز کي شڪستن مان جند ڇڏائڻي آهي ته فوري طور ٽيم جو نالو تبديل ڪيو وڃي.هن چيو ته لاهور جي ٽيم ۾ قلندرز هٽائي بادشاهه رکيو وڃي، افسوس آهي ته لاهور قلندرز جي پرفارمنس خراب آهي، جنهن ڪري مداح مايوس ٿي ويا آهن. باسط علي چيو ته شاهين شاهه آفريدي ان فٽ ٿي ويو آهي، سلمان بٽ ٽيسٽ ميچ جو رانديگر آهي پر کيس فخر زمان جي جاءِ تي کيڏايو ويو، لاهور قلندرز کي غلط فيصلن جي ڪري به ناڪامي جو داغ لڳو. هن چيو ته پهرين ڪاميابي کانپوءِ اوچتو 3 تبديليون ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، هاڻي لاهور قلندرز جي ايونٽ ۾ واپسي ناممڪن لڳي رهي آهي.

زال جي ميچ ڏسڻي آهي؟، آسٽريلوي بالر ميچ اڌ ۾ ڇڏي ڏيهه واپس
مچل اسٽارڪ زال ايلسا هيلي جي ميچ ڏسڻ لاءِ ڏکڻ آفريڪن ٽور اڌ ۾ ڇڏي ڏنو

جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ کي گهر واري جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ فائنل ميچ ڏسڻ لاءِ ڏکڻ آفريڪي ٽور اڌ ۾ ڇڏڻ جي اجازت ملي وئي. ان ڏس ۾ آسٽريلوي فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ زال ايلسا هيلي جي ميچ ڏسڻ لاءِ ڏيهه واپس وڃڻ جي اجازت گهري، جيڪا کيس ملي وئي آهي. وومين ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو فائنل آچر تي آسٽريليا ۾ هوم ٽيم ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏيو ويندو، مچل اسٽارڪ جي زال ايلسا هيلي فائنل ٽيم جو حصو آهي، مچل ڏکڻ آفريڪا جي دوري تي هو هن ٽئين ون ڊي کيڏڻ کان معذرت ڪئي. هن ٽيم مينجمينٽ آڏو موقف اختيار ڪيو ته مونکي پنهنجي زال جي سپورٽ ڪرڻ لاءِ ملڪ وڃڻو آهي.

ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي آل رائونڊر ڪيلس اڌ ڏاڙهي ۽ شهپر ڪوڙائي ڇڏيا

ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي اسٽار آل رائونڊر جيڪس ڪيلس اڌ ڏاڙهي ۽ شهپر ڪوڙائي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي ڪرڪيٽر اڌ ڏاڙهي ۽ شهپر ڪوڙي تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي ته نئون بحث ڇڙي ويو. ڪيلس ٽوئٽر تي ڪيپشن ۾ لکيو ته ڪجهه ڏينهن دلچسپ هوندا ۽ اهو سڀ گينڊي جي نسل جي تحفظ ۽ گالف جي بهتري لاءِ ڪيو آهي. واضح رهي ته جيڪس جانورن لاءِ مهم شروع ڪئي آهي.

ٺارو شاهه ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ دلچسپ مقابلا

ٺاروشاھه(ن پ ا)ٺارو شاهه ڪيمپس هاءِ اسڪول ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري، ڪالهه هڪ وڌيڪ ميچ جو فيصلو، ان ڏس ۾ ڇهين کان ڏهين درجي جي شاگردن جي ٽيمن ۾ مقابلا جاري آهن. نائين بي ڪلاس ٽاس کٽي پهريان کيڏندي 10 اوورن ۾ 156 رنز ٺاهيون، جواب ۾ نائين اي ڪلاس مقرر اوورن ۾ 150 رنز ٺاهي سگهي. فاتح ٽيم کي استادن پاران داد ڏنو ويو.

نوشهرو فيروز ۾ سني ڪلب ڪرڪيٽ ميچ کٽي ورتي
ڀٽائي ڪلب پهريان کيڏندي 25اوورن ۾6وڪيٽن جي نقصان تي187رنزاسڪورڪيون

نوشھروفيروز(رپورٽر) نوشهرو فيروز ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ٻئي رائونڊ جي اهم ميچ سني ڪلب کٽي ورتي. ان ڏس ۾ مرحوم راشد حنيف ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ٻئي رائونڊ ۾ سني ڪلب ۽ ڀٽائي ڪلب جي ٽيمن ميچ کيڏي. ڀٽائي ڪلب پهريان کيڏندي 25اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 187 رنز ٺاهيون. ذاڪر اڄڻ 51، شھزاد 32 ۽ ڪاشف 25 رنز ٺاهي نمايان رهيا. سني ڪلب جي معظم لغاري 3، سيف الله ۽ اختر شاھ 2-2 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ سني ڪلب 24 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي حدف حاصل ڪيو.افتخار 57 جي شاندار اننگز کيڏي. ڀٽائي ڪلب جي ڪاشف 4، وسيم ملاح ۽ سھيل پنھور 1-1 وڪيٽ ورتي، افتخار سومرو کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.