تازا ترين
  • *ميرپورخاص ۾ بئنڪ عملي جي مبينا زيادتين خلاف استادن جو احتجاجي مظاهرو *بئنڪ عملو ايجنٽس ذريعي پگهارن مان 3 کان 4سئو روپيا ڪٽوتي رشوت وٺن ٿا: مظاهرين *
  • *موهن جو دڙو ويجهو گرمي جي سٽ نه سهندي پورهيت فوت ٿي ويو *ڳوٺ انب پور واسي 35ورهين جو نياز علي جوڳي گرمي سبب فوت ٿي ويو *نياز علي گهر ۾ ويٺو هو، اوچتو گرمي جون دانهون ڪرڻ بعد فوت ٿي ويو: وارث *
  • *دوڙ ۾ 11 عورتن سميت وڌيڪ 18ڄڻا ڪورونا جو شڪار، متاثرن جو انگ 86 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن *
  • *دادو مان شاگرد ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم *نائين ڪلاس جو شاگرد مير ماجد پنهور ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم، ڳولا باوجود ڏس پتو نه پيو *خميس جي ڏينهن کان ڀاءُ گم آهي: خالد پنهور *
  • *ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ٻيهر ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا *تازو برسات کانپوءِ ڦٽل گاهه ماڪڙ کائي چٽ ڪري ڇڏيو، ڏڪار متاثر ماروئڙا پريشان *
  • *حيدرآباد: احساس ڪفالت پروگرام جي رقم سينٽر بدران فصل ۾ ڏيڻ وارو معاملو، عملدارن نوٽيس ورتو *ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ کانپوءِ احساس پروگرام جي عملدارن نوٽيس ورتو، جاچ جو حڪم جاري *هوسڙي ۾ قائم سينٽر جي ايجنٽ 1000 رپيا ڪٽوتي ڪري مستحق ماڻهن کي رقم ڏني *
  • *واهي پانڌي: نئن نلي تي ڊيم ٺاهڻ خلاف جمالي ۽ شاهاڻي برادري پاران احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مظاهرين اسپتال کان گورک چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو،ڇتي نعريبازي *نئن نلي جي قدرتي وهڪري تي سمال ڊيم ٺهڻ سان زمينون بنجر ٿي وينديون: مظاهرين *
  • *خيرپورناٿن شاهه ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *ڳوٺ ڪريم داد لنڊ واسي ساجد جمالي گهر اندر مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪيو *
  • *ڏاهلي تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 14ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا جي متاثرن جو انگ143ٿي ويو*
  • *ٻانڌي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 7ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي11 ٿي ويو *سمورا متاثرن پنهنجي گهرن اندر آئيسوليٽ *3ڏينھن اڳ رورل ھليٿ سينٽر جي ملازمن سميت 50ماڻھن جا سيمپلز ورتا ويا هئا *7ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي: صحت کاتو*
  • *سکر: سرڪاري ڪڻڪ ۾ خرد برد ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف نيب جي ڪارروائي *ڪڻڪ اسمگلنگ جي الزام ھيٺ نوشھرفيروز مان 3 ڄڻا گرفتار: نيب ذريعا *گرفتار ٿيلن ۾ عظيم آرائين، جمعا خان ۽ منور شامل آهن: نيب ذريعا *گرفتار جوابدارن تي ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ اسمگل ڪرڻ جو الزام آهي: نيب ذريعا *
  • *جيڪب آباد ۾ مقتول نوجوان اسلم شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪيل احتجاج تي پوليس جي ڪاهه *پوليس مقتول نوجوان جي وارث عورتن ۽ ٻارڙن کي موبائل ۾ کنڀي کڻي وئي *
  • *ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو گئس جي فراهمي باوجود بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري *ملير، شاهه فيصل، ڪورنگي، قائد آباد، ناظم آباد، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ لوڊشيڊنگ *
  • *قاضي احمد ۾ وڌيڪ19 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن ۾ 5 عورتون به شامل *هڪ ڏينهن اڳ 86 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 19ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *
  • *نئون ڪوٽ: مٺي روڊ تي ٻن چنگچي رڪشائن وچ ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي *اعواڻ پيٽرول پمپ ڀرسان ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر ٿيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ عمران راجپوت، عاقل، دانش راجپوت ۽ صداقت راجپوت شامل *
انگلينڊ ون ڊي ۾ هيرو، ٽيسٽ ۾ زيرو
لارڊز ۾ کيڏيل ٽيسٽ سيريز جي واحد ميچ ۾ انگلينڊ آئرلينڊ خلاف ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو

لارڊز(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي ٽيم آئرلينڊ خلاف ٽيسٽ ميچ ۾ 85 رنز تي ڍير ٿي وئي. لارڊز ۾ کيڏيل ٽيسٽ سيريز جي واحد ميچ ۾ انگلينڊ آئرلينڊ خلاف ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو. ميزبان ٽيم راند جي پهرين ڏينهن ئي 23.4 اوورن ۾ پويلين موٽي آئي. ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ تازو ئي قدم رکندڙ آئرلينڊ جي ٽيم شروعات ۾ ئي انگلش بيٽسمينن جون متيون منجهائي ڇڏيون. انگلينڊ جي پهرين وڪيٽ ٻئي اوور ۾ ڪري پئي، جڏهن ڊيبيو ڪندڙ بئٽسمين جيسن روئي 5 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. پهرين وڪيٽ ڪرڻ بعد ڪو به انگلش بئٽسمين بيهي نه سگهيو ۽ هڪٻئي پٺيان پويلين موٽڻ شروع ٿيا. انگلينڊ پاران سڀ کان وڌيڪ رنز جو ڊينلي اسڪور ڪيون، جنهن 23 رنز ٺاهيون. آئرلينڊ پاران ٽم مرفي 5 ۽ اڊائر 2 رانديگر آئوٽ ڪيا.

لاڙڪاڻي ۾ ڪنگفو جا مقابلا، نوجوانن خوب ڪرتب به ڏيکاريا
حيدر عباس ميتلو ذاڪر ڀٽو کي پهرين ئي رائونڊ ۾ ناڪ آئوٽ ڪيو

لاڙڪاڻو(رپورٽ: شاهه محمد لاشاري) لاڙڪاڻي جي جان محمد پبلڪ پارڪ ۾ ووشو ڪنگفو رانديگرن وچ ۾ مقابلا ڪرايا ويا جنهن ۾ حيدر عباس ميتلو پنهنجي ذاڪر ڀٽو کي شڪست ڏني، عاشق بليدي آصف لاشاري کي هارايو ته نظير ڀٽو مخالف محبوب شيخ کي زبردست مقابلي بعد شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي. جڏهن ته نوجوان رانديگرن اسد کھاوڙ 12 فٽ جي لٺ سڄي جسم سان ڦيرائڻ جو ڪرتب ڏيکاري خوب داد حاصل ڪيو. ان موقعي تي ووشو ڪنگفو ايسوسئيشن لاڙڪاڻي جي صدر زبير احمد سومرو، ووشو ڪوچ مقبول احمد سومرو ۽ پهلوان بابر طرفان ڪاميابي ماڻيندڙ رانديگرن کي ميڊل ڏيڻ سان گڏ کين مبارڪون پڻ ڏنيون.

ويرات ڪوهلي ناڪام ڪپتان ۽ شڪست جو ذميوار قرار
ڀارت جي سيمي فائنل ۾ شڪست تي اڳوڻا ڪرڪيٽر ڪوهلي تي ڪاوڙجي پيا آهن

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ 2019 جي سيمي فائنل ۾ عبرتناڪ شڪست جو ذميوار ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي کي قرار ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته اڳوڻن ڪرڪيٽرن کيس ناڪام ڪپتان پڻ قرار ڏنو آهي. ڀارت جي سيمي فائنل ۾ شڪست بعد اڳوڻن ڪرڪيٽرن تنقيدي تيرن جو رخ ويرات ڪوهلي طرف ڪري ڇڏيو آهي، کانئنس فوري طور ٽيم جي قيادت ڇڏڻ جو مطالبو پڻ ڪيو پيو وڃي.

پاڪستان کي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ 3 ميچز کٽيون پونديون، مجموعي ميچ کٽڻ ۾ ڪيويز اڳتي
ورلڊ ڪپ پوائنٽس تي نظر ڊوڙائجي ته هن وقت بنگلاديش ۽ ويسٽ انڊيز پاڪستان کان اڳتي آهن،

ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ پاڪستاني ٽيم وٽ غلطي جي گنجائش ناهي ۽ شاهينن کي آخري 3 ميچز ۾ واضح برتري سان ڪاميابي حاصل ڪرڻي آهي. برسات سبب ٽاس اهميت اختيار ڪري وئي آهي.ورلڊ ڪپ پوائنٽس تي نظر ڊوڙائجي ته هن وقت بنگلاديش ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون پاڪستان سان اڳتي آهن، پر جيڪڏهن پاڪستان باقي ٽن ميچ ۾ سوڀ حاصل ڪري وٺجي ته سڌي سيمي فائنل جو ٽڪيٽ ملي ويندو ۽ پوءِ نيٽ رن ريٽ پاڪستان جي رستي ۾ رنڊڪ نه بڻجندي.سرفراز احمد جو چوڻ آهي ته ڀارت خلاف بدترين شڪست بعد قومي ٽيم تي تنقيد ٿي، جيڪا گهڻي ڀاڱي جائز هئي، اسان غلطيون ڪيون آهن، پر اسان تنقيد کي مثبت ورتو، غلطيون سڌاريون ۽ عهد ڪيو ته ٻيهر ائين نه ڪنداسين. پاڪستان 7 مان 2 ميچ انگليند ۽ ڏکڻ آفريڪا خالف کٽيون آهن، جڏهن ته سريلنڪا خلاف ميچ برسات سبب رد ٿي وئي هئي. نيوزيلينڊ سٺي ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي، بالرن جي ڪارڪردگي جي سڀ واکاڻ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته بيٽنگ ۾ ڪين وليم سن نمايان آهي، ڪين وليم سن پنج ميچ ۾ 373 رنز 2 سينچرين جي مدد سان ٺاهي چڪو آهي،سندس سڀ کان وڏو اسڪور 148 رنز آهي. پاڪستان پاران بابر اعظم 232 رنز ٺاهي نمايان آهي،2015 ع جي ورلڊ ڪپ ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٿيل يارهين ميچ ۾ پاڪستان هڪ ميچ کٽي سگهيو آهي، جڏهن ته ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان 6 ۽ نيوزيلنيڊ 2 ميچ کٽيون آهن.پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ون ڊي سيريز هڪ هڪ تان برابر ٿي هئي، جڏهن ته نيوزيلينڊ ۾ ڏيڍ سال اڳ ٿيل سيريز ۾ پاڪستان کي سمورين ميچز ۾ شڪست ملي هئي.ٻنهي ٽيمن ۾ 106 ون ڊي ميچز کيڏيون ويون آهن، نيوزيلينڊ 54 ۽ پاڪستان 48 ميچز کٽيون، جڏهن ته هڪ ميچ ٽاءِ ٿي هئي.برمنگهم ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ميچ برسات سبب متاٿر ٿيڻ جا امڪان گهٽ آهن، ڇاڪاڻ ته اربع تي خوشگوار موسم جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

ورلڊ ڪپ کانپوءِ پاڪستاني ٽيم انتظاميا ۾ تبديلين جو امڪان

برسٽل: (اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کانپوءِ پاڪستاني ٽيم انتظاميا ۾ وڏي پيماني تي تبديلين جو امڪان آهي. موجوده پاڪستاني ٽيم ۾ سڀ کان سينيئر پرڏيهي بيٽنگ ڪوچ گرانٽ فلاور آهي، زمبابوي جو اڳوڻو بيٽسمين پنج سال اڳ وقار يونس سان ڪوچ بڻيو ۽ پوءِ هن مڪي آرٿر وٽ ٽي سال ڪوچنگ ڪئي. پنج سالن دوران يونس خان، مصباح الحق به پاڪستاني ٽيم جو حصو رهيا پر بيٽنگ لائين اڪثر دوکو ڏيندي رهي. گرانٽ فلاور جو چوڻ آهي ته اهو تاثر غلط آهي ته مان ورلڊ ڪپ کانپوءِ پاڪستان ٽيم سان ڪم نٿو ڪرڻ چاهيان. ان بابت پاڪستاني ميڊيا جي خبرن ۾ ڪابه صداقت ناهي. برسٽل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گرانٽ فلاور چيو ته مان پاڪستان ٽيم سان ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو پر منهنجي عهدي جي مدي جو فيصلو ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگي تي هوندو. ورلڊ ڪپ کانپوءِ ڪم ڪرڻ چاهيندس پر فيصلو بورڊ کي ڪرڻو آهي. هن چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني رانديگر پنهنجي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏئي رهيا آهن کين پنهنجي ذميواري جو احساس آهي. هن وقت بابر اعظم دنيا جي بهترين بيٽسمين مان هڪ آهي. ويسٽ انڊيز خلاف ميچ اسان جو خراب ڏينهن هو اسان ڪنڊيشن جو فائدو نه ورتو ۽ ٽيڪنيڪي حوالي سان به اسان ڪمزور هئاسين. انگلينڊ خلاف ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم مختلف نظر آئي ۽ رانديگرن پنهنجون صلاحيتون ظاهر ڪيون. جيڪڏهن بيٽسمين 350 رنز ٺاهي رهيو آهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته هو صحيح ڪم ڪري رهيو آهي. انڊر پريشر بيٽسمينن سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي.

پنو عاقل ۾ ينگ سٽي ٽيم سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي
ماما خوشي ڪلب سکر پهريان کيڏندي 10 اوورن ۾ 107 رنز ٺاهيون

پنوعاقل (رپورٽ: نديم بوزدار) پنوعاقل جي شهيد ذوالفقار ڀٽو اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ آل سنڌ ڊاڪٽر آفتاب سومرو ٽي ٽين نائيٽ ٽورنامينٽ جا شاندار مقابلا هلندڙ آهن، اٺارهين ڏينهن تي ينگ سٽي ڪلب پنوعاقل ۽ ماما خوشي ڪلب سکر جو رائونڊ ٿيو جنهن ۾ ماما خوشي ڪلب سکر ٽاس کٽي پهريون بئٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 10 اوورن ۾ 7 رانديگرن جي نقصان تي 107 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو، جواب ۾ ينگ سٽي پنوعاقل مليل ٽارگيٽ جو پيڇو ڪيو ۽ صادق ڪٽپر جي 18 بال تي 60 رنز جي زبردست اننگز جي ڪري 7 اوور ۾ مليل اسڪور 3 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري آل سنڌ نائيٽ ٽورنامئنٽ جي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي.

پي ايس ايل فور لاءِ پشاور زلمي جو سمورو اسڪواڊ پاڪستان ايندو: جاويد آفريدي

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پشاور زلمي جي چيئرمين جاويد آفريدي چيو آهي ته پي ايس ايل فور لاءِ پشاور زلمي جو سمورو اسڪواڊ پاڪستان ايندو.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ پشاور زلمي جي چيئرمين جاويد آفريدي چيو ته پي ايس ايل فور لاءِ زلمي جو سمورو اسڪواڊ پاڪستان ايندو، ماضي جيان پشاور زلمي پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جيبحالي کي پنهنجو مقصد سمجهي ڪردار ادا ڪندي. هن پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ جو به ذڪر ڪندي چيو ته ڀارت خطي جو امن تباهه ڪرڻ ۾ رڌل آهي، پاڪستان امن جي بحالي لاءِ سدائين پيغام ڏيندو رهيو آهي ۽ ڏيندو رهندو. هن چيو ته ڀارت ڪرڪيٽ کي به سياست ۾ ڇڪي ٿو، پر اسان راندين کي راندين تائين محدود رکندا آهيون.

پي ايس ايل فور لاءِ پشاور زلمي جو سمورو اسڪواڊ پاڪستان ايندو: جاويد آفريدي

پي ايس ايل فور لاءِ پشاور زلمي جو سمورو اسڪواڊ پاڪستان ايندو: جاويد آفريدي

سيمي فائنل ۾ نه پهتو ته سرفراز ڪپتان نه رهندو: هرڀجن سنگهه

لنڊن (اسپورٽس نيوز) ڀارت جي مشهور اڳوڻي سپنر هرڀجن سنگهه جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت کي جنون جي حد تائين پيار ڪيو ويندو آهي ۽ جڏهن به ٻئي ملڪ وڏي ايونٽ ۾ آمهون سامهون ٿيندا آهن ته هارائيندڙ ٽيم جي ڪجهه رانديگرن کي ٽيم مان ڪڍڻو پوندو آهي. هرڀجن سنگهه اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان ايندڙ ميچن ۾ سٺي ڪارڪرڪدگي سان ڪاميابي حاصل ڪري سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهيندو جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته سرفراز احمد کي ڪپتان تان هٽايو ويندو.

اڳوڻو ٽينس اسٽار محمود غفار ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻو پاڪستاني ٽينس اسٽار محمود غفار ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس جنازي نماز ڊفينس ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ اڳوڻن رانديگرن کانسواءِ معزز شهري ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. ياد رهي ته اڳوڻو ٽينس اسٽار محمود عبدالغفار ٽيبل ٽينس ۾ ڪيترائي قومي اعزاز پنهنجي نالي ڪيا. ٽينس مان ريٽائرمينٽ کانپوءِ هو ڪراچي ۾ رهائشپذير هو جتي هو مختصر علالت کانپوءِ فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪندي ٽينس رانديگرن سميت ٻين شخصيتن افسوس جو اظهار ۽ مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

نوابشاهه ورسٽي ۾ اسپورٽس فيسٽيول: فٽبال، ٽيبل ٽينس ۽ ٻين راندين جا مقابلا

نواب شاھ (رپورٽ: اياز ڏاھري) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نواب شاھ سالياني انٽر ڊپارٽمينٽل اسپورٽس فيسٽيول ٻئي ڏينھن به جاري رھيو. فٽبال رائونڊ ميچ مڪينيڪل ڊپارٽمينٽ ٽيليڪام بي ايس سي ايس ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏھن ته ٽيبل ٽينس ۾ پھريون نمبر سول ڊپارٽمينٽ جي شاگرد رانديگرن حاصل ڪيو. قائد عوام يونيورسٽي ۾ ھلندڙ اسپورٽس فيسٽوئل جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون ڪاميابي حاصل ڪندڙ شاگرد رانديگرن کي داد ڏنو. ميلي دوران يونيورسٽي جي شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري ڪامياب ٿيندڙ ڊپارٽمينٽن جي رانديگرن کي زبردست داد ڏنو. اسپورٽس فيسٽيول دوران بھترين راند کيڏڻ تي ڊپارٽمينٽن جي ٽيمن جي حق ۾ نعريبازي ڪئي.ان موقعي تي شاگرد ۽ شاگردياڻين چيو ته اسپورٽس فيسٽيول ۾ بھترين رانديون کيڏڻ سان گڏ شاگرد لطف اندوز ٿي رھيا آھن، ٽيبل ٽينس ۾ سول ڊپارٽمينٽ جي شاگرد رانديگرن جي ڪاميابي تي ڏاڍي خوشي ٿي آھي. اسپورٽس ڊائريڪٽر عبدالحميد پيرزادو چيو ته اسپورٽس فيسٽوئل ۾ شاگرد انجوائيمينٽ ڪري رھيا آھن.

عمر ڪوٽ ۾ ذڪريا ٽيم ٽي ٽوئنٽي جي فائنل ۾ سرداڻي ڪلب کي شڪست ڏئي ڇڏي
سرداراڻي ڪلب ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 127 رنسن جو هدف ڏنو

عمرڪوٽ (رپورٽ: اوي گوسوامي) عمرڪوٽ ۾ پھرين سرداراڻي ٽي 20 ھارڊ بال نائٽ ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ سرداراڻي ڪلب ۽ ذڪريا ٽيمون آمهون سامهون ٿيون. سرداراڻي ڪلب ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 127 رنسن جو هدف ڏنو، جواب ۾ ذڪريا ڪلب 127 رنسن جو هدف 9 وڪيٽن جي نقصان تي پورو مخالف ٽيم کي 10 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. ان موقعي تي ڊاڪٽر آيسر داس سوٽھڙ ونر ٽيم جي ڪپتان ڊاڪٽر حفيظ راھمون کي تي ونر ٽرافي ۽ موٽرسائيڪل انعام طور ڏني، جڏهن ته مين آف دي سيريز لال بلال پٺاڻ، بيسٽ پرفارمنس ايوارڊ اجيت سوٽھڙ، بيسٽ آل رائونڊر ايوارڊ سميع الله ڀنڀرو، بيسٽ بالر جو ايوارڊ ڀواني شنڪر کي ڏنو ويو.

محمد عامر انگلينڊ خلاف آخري ون ڊي مان به آئوٽ

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جو فاسٽ بالر محمد عامر ڪمزوري سبب انگلينڊ خلاف پنجون ميچ به نه کيڏي سگهندو. ذريعن موجب ٽيم مئنجمينٽ اهو فيصلو ڪيو آهي ته فاسٽ بالر کي پنجين ميچ به نه کيڏائي ويندي، ڇو ته محمد عامر هن وقت ڪمزوري جو شڪار آهي. هن وقت کيس کيڏائڻ تڪڙ هوندي. ذريعن موجب محمد عامر جي ورلڊ ڪپ ۾ شموليت تي به سواليا نشان لڳي ويو آهي، ڇو ته هو انگلينڊ خلاف ٿيندڙ سيريز ۾ ڪارڪردگي ڏيکاري ميگا ايونٽ ۾ شموليت حاصل ڪري سگهيو ٿي، جڏهن ته ان دوران هو پوري سيريز ۾ هڪ به ميچ ناهي کيڏي سگهيو. ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيو ويندو. رہے کہ فاسٹ باؤلر محمد عامر کو چکن پاکس کی بیماری ہوئی تھی جس کے بعد ساؤتھمپٹن میں موجود پاکستانی کرکٹرز کو باؤلر کی بیماری کا جان کر خوف میں مبتلا ہو گئے تھے۔ خدشہ ظاہر کیا گیا کہ یہ مرض کسی اور کھلاڑی کو بھی لگ سکتا ہے، اس لئے محمد عامر کو فوری طور پر لندن میں ان کے سسرال منتقل کر دیا گیا جہاں اُنہیں الگ تھلگ کمرے میں رکھا گیا ہے اور ڈاکٹر ان کے مزید ٹیسٹ کررہے ہیں۔

نوابشاهه: شاگردياڻيون پرفارمنس ڪندي

نوابشاهه: شاگردياڻيون پرفارمنس ڪندي

بختاور ڪيڊٽ ڪاليج ۾ چيمپئن شپ، شاگردياڻين ۾ دلچسپ مقابلا

نوابشاهه(رپورٽ: اياز ڏاهري) ملڪ جي پهرين نياڻين لاءِ قائم ڪيل بختارو ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز شهيد بينظير آباد ۾ ٻيون انٽر هائوس ڪامپيٽيشن چئمپين شپ جي مقابلن واري پڄاڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ خصوصي طور تي ايئر فورس جي ڪمانڊر عامر سرور شرڪت ڪئي، انهيءَ موقعي تي ڪاليج جي گرلز ڪيڊٽ پاران پي ٽي شو، رسو ڇڪڻ جو مقابلو، جمناسٽڪ ۽ جوڊو ڪراٽي جا شاندار ڪرتب ڏيکاريا، انهيءِ موقعي تي ايئر فورس جي ڪمانڊر عامر سرور چيو ته اسان جي نياڻين هميشه هر ميدان ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري ملڪ نالو روشن ڪيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد ابرار احمد جعفر چيو ته بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز سنڌ ۽ شهيد بينظير آباد لاءِ هڪ انمول تحفو آهي، جنهن سان نياڻين کي ايئرفورس جهڙي شعبي ۾ تعليم گهر ويٺي ملي رهي آهي، انهيءَ موقعي تي بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فارگرلز نوابشاهه جي پرنسپال شفيق احمد انصاري پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته راند کٽيندڙ جويرا عباسي، شاهينام، حميرا زرداري، مانيا شاهه ۽ ٻين کي مهمان خاص ايئر ڪمانڊر عامر سرور ايوارڊ ۽ ميڊل انعام طور ڏنا، پروگرام ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر سيڪندري تعليم راضي خان جمالي، ڊائريڪٽر ڪاليجز محمد صديق انڙ، سميت شاگردياڻين جي والدين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

قومي ٽيم ڪاميابي لاءِ پرعزم آهي: ڪپتان سرفراز

لنڊن(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته قومي ٽيم اڄ انگلينڊ خلاف ٻئي ون ڊي ۾ ڪاميابي لاءِ پرعزم آهي، گذريل ميچ برسات سبب ملتوي ٿي ،جڏهن ته رانديگرن اڄ مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ ڀرپور پريڪٽس ڪئي آهي، اميد ته ڪامياب ٿينداسين. هن وڌيڪ چيو ته ٽيم ۾ ڪامبينيشن بهتر آهي سمورا رانديگر فارم ۾ آهن.

زلمي اسڪول ليگ ٽرافي اي پي ايس جي شهيدن نالي

پشاور (اسپورٽس ڊيسڪ) آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کي 4 سال مڪمل ٿيڻ تي پشاور زلمي جي چيئرمين جاويد آفريدي چيو آهي ته زلمي اسڪول ليگ جي ٽرافي سدائين شهيد ٻارڙن جي نالي سان ٿيندي. جاويد آفريدي جو چوڻ هو ته اسڪول ليگ کي آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن نالي ڪرڻ سان شهيدن جي ياد سدائين ڏياريندي رهندي ۽ نئين نسل ۽ شاگردن کي ڏکين حالتن ۾ زندگي جي ڊوڙ ۾ اڳتي وڌائڻ ۽ کين همٿ ڏيڻ جو مثال به جوڙيندي.

پشاور زلمي جو چيئرمين جاويد آفريدي

پشاور زلمي جو چيئرمين جاويد آفريدي