تازا ترين
  • *تنگواڻي ۾ باگڙي برادري جي گهرن کي باهه، چوپايو مال ۽ٻيو سامان سڙي رک*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران زرعي دوائن جي دڪانن سميت گڊز ٽرانسپورٽ کي کولڻ جي اجازت*
  • *غوثپور ۾ 2 مغوي بازياب: پوليس پاران مقابلي بعد هڪ هٿياربند کي به گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ * غوثپور/ڪرمپور: 5 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل زوهيب ۽ فردوس پٺاڻ کي ڪچي مان بازياب ڪرايو ويو *
  • *ڪراچي: وڏي وزير پاران عبدالقادر جوڻيجي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار کير جا دڪان رات 8 وڳي تائين کولڻ جو حڪم*
  • *اسلام آباد: وزيراعظم جو ڪورونا سان وڙهڻ لاءِ ٽائيگر فورس ٺاهڻ جو اعلان * اسلام آباد:ڪورونا وائرس بزرگن ۽ بيمار ماڻهن لاءِ خطرناڪ آهي:عمران خان * اسلام آباد: ڪهڙي قسم جو لاڪ ڊائون ڪامياب نٿو ٿي سگهي: عمران خان * اسلام آباد:قوم متحد ٿي ڪورونا وائرس سان وڙهي سگهي ٿي: وزيراعظم * اسلام آباد: 5 کان 7 ڏينهن تائين ڪورونا جي صورتحال واضح ٿي ويندي:وزيراعظم * اسلام آباد: قوم کي چوان ٿو ته هيءَ جنگ اسان کي گڏجي وڙهڻي آهي:عمران خان * اسلام آباد: ماڻهن جي بُکن تي پئسا ٺاهيندڙ منافعي خورن کي بخش نه ڪبو:وزيراعظم * اسلام آباد: منافعي خورن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي: عمران خان *
  • *ڪراچي: هاڻي مون کي ڪورونا وائرس ناهي: صوبائي وزير سعيد غني جو وڊيو بيان*
  • *ڪراچي: ڪورونا وائرس: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تبليغين کي روڪيو ويو، مرڪزن کي پوليس جو ڪڙو، چرپر تي پابندي * ڪراچي: لاڙڪاڻو، نوابشاهه، ڄامشورو سميت ٻين شهرن ۾ پوليس تبليغين کي روڪي ورتو *
  • *ڪراچي: جمعي نماز دوران اجتماع ڪندڙن خلاف ڪيس ختم ڪريو: وڏي وزير جي آءِ جي سنڌ کي هدايت * ڪراچي: جن به ماڻهن ضمانتون ڪرايون آهن، انهن کي پنهنجا مچلڪا واپس ڪيا ويندا: وڏو وزير * ڪراچي: عالمن حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي: سيد مراد علي شاهه*
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 21 متاثر صحتياب: انگ 41 ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: حيدرآباد ۾ ڊي ايس پيز جون بدليون ۽ مقرريون:اسلم لانگاهه وڏي عرصي بعد بدلي، سي آءِ اي انچارج ٽنڊوالهيار مقرر *حيدرآباد: مورو، جهول، کپرو، ٽنڊوالهيار، حسين آباد سميت اٺن تعلقن جا ڊي ايس پيز بدلي *حيدرآباد: انور شيخ جي جاءِ تي اسلم لانگاهه کي سي آءِ اي انچارج ٽنڊوالهيار مقرر ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪيءَ ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پوليس 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.*
  • *ڪريم بخش کوسو ڀرسان مينهن ٽَڪر هڻي ڇهن ٻارن جي پيءُ کي ماري ڇڏيو*
  • *اتر وزيرستان ۾ ن ليگ جي اڳوڻي ايم اين اي محمد نذير تي قاتلاڻو، محفوظ*
  • *سکر: باگڙجي جي ڪچي ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب نوجوان حياتي وڃائي ويٺو، گهرواري جو مخالفن تي قتل جو الزام*
ڪوهلي 10سالن دوران وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙبيٽسمين قرار،فهرست جاري، پاڪستاني رانديگر جاءِ ٺاهڻ ۾ ناڪام
ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي پهريون، روهيٽ شرما ٻيون، هاشم آملا ٽيون، ڪمار سنگاڪارا چوٿون ۽ روز ٽيلر پنجون نمبر ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا

دبئي(اسپورٽس نيوز) ليجنڊ ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي 10 سالن دوران وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽسمين بڻجي ويو، جاري ڪيل فهرست ۾ ڪوبه پاڪستاني رانديگر جاءِ ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيو. آءِ سي سي پاران گذريل 10 سالن دوران ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ 5 رانديگرن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي پهريون، روهيٽ شرما ٻيون، ڏکڻ آفريڪي بيٽسمين هاشم آملا ٽيون، سريلنڪا جو اڳوڻو ڪپتان ڪمار سنگاڪارا چوٿون ۽ نيوزيلينڊ جو سينئر بيٽسمين روز ٽيلر پنجون نمبر ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ويرات ڪوهلي 221 مئچن ۾ 40 سينچرين ۽ 51 ففٽين جي مدد سان 10820 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيو انڪري کيس پهرين پوزيشن ڏني وئي جڏهن ته روهيٽ شرما 174 مئچن ۾ 27 سينچرين ۽ 38 ففٽين سان 7962۽ هاشم آملا 159 مئچن ۾ 26 سينچرين ۽ 33 ففٽين سان 7265 رنسون ٺاهيون .ڪمار سنگاڪارا 142 مئچن ۾ 15 سينچرين ۽ 42 ففٽين سان 6356 ۽ روز ٽيلر 155 مئچن ۾ 17 سينچرين ۽ 39 ففٽين سان 6339 رنسون ٺاهيون.

قومي ٽيم جا ڪوچ ڪنهن سان ڪاوڙيل آهن، تنقيد تي آپگهات جون ڳالهيون ڇو پيا ڪن ؟
ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگي بعد اڳوڻن ڪرڪيٽرن ۽ ميڊيا جڏهن ٽيم ۽ انتظاميا کي تنقيد جو نشانو بڻايو ته رانديگر ۽ ڪوچ ڪاوڙجي پيا

ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگي بعد اڳوڻن رانديگرن ۽ ميڊيا جڏهن قومي ٽيم ۽ انتظاميا کي تنقيد جو نشانو بڻايو ته رانديگر ۽ ڪوچ ڪاوڙجي پيا ۽ آپگهات جون ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيو، ڪوچز جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ٽيم جي مثبت رخ کي ڪير ڏيکارڻ لاءِ تيار ناهي، رڳو ناڪاري ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. لاڊز ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ميچ بعد حارث سهيل جي فٽنيس جي سوال تي مڪي آرٿر سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. بالنگ ڪوچ اظهر محمود جو خيال آهي ته ميڊيا ڪجهه به مثبت نه ڏيکاري رهيو آهي، پاڪستاني ٽيم تي رڳو تنقيد ڪئي وڃي، جيڪو غلط عمل آهي، جڏهن ڪابه شيءِ مثبت نظر نه اچي رهي آهي ته اسان خودڪشي ڪري ئي جند ڇڏايون ٿا. ياد رهي ته ايجبسٽن ۾ اظهر محمود کان سوال ڪيو هو ته باب وولمر بعد مڪي خودشڪي جي ڳالهيون ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن ڪوچ اهڙي ريت دٻاءُ جو شڪار ٿي ويندا ته رانديگرن جي ڪهڙي حالت هوندي. جواب ۾ اظهر محمود مسڪرائيندي جواب ڏنو ته اوهان چاهيو ٿا ته اسان مان ڪو مري وڃي، کلڻ بعد سنجيده انداز ۾ اظهر محمود چيو ته ميڊيا جو پريشر تمام گهڻو آهي، ڪوبه مثبت ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. سندس چوڻ هو ته مڪي سان حارث سهيل بابت غير ضروري سوال ڪيو ويو ته هو ٿڪجي پيو هو، اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي، جڏهن بار بار ناڪاري ڳاليهون ٿينديون ته انسان سوچيندو آهي ته جيئڻ جو ڪو مقصد ناهي، ان کان بهتر آهي ته مري جند ڇڏائجي. اظهر محمود چيو ته جائز تنقيد سڀني جو حق آهي پر ذاتي حملا نه ٿيڻ گهرجن، ڪرڪيٽ جي مداحن کي اپيل ٿو ڪريان ٿه هو گاريون نه ڏين، ڪرڪيٽ ۾ ڪاميابي ۽ ناڪامي راند جو حصو آهي.

ٽور ڊي فرانس سائيڪل ريس جو ٽيون مرحلو، جولين ڪامياب
رانديگرن کي بيجليم کان فرانس تائين 215 ڪلو ميٽر جو فاصلو طئي ڪرڻو هو

پيرس(اسپورٽس ڊيسڪ)ٽور ڊي فرانس سائيڪل ريس جو ٽيون مقابلو فرانس جي جولين ايلا کٽي ورتو، ٽور ڊي فرانس سائيڪل ريس جي ٽيئن مرحلي ۾ شريڪ رانديگرن کي بيجليم کان فرانس تائين 215 ڪلو ميٽر جو فاصلو طئي ڪرڻو هو، فرانسيسي رائيڊر جوليسن ايلا مقرر ٽائيم 4 ڪلاڪ 40 منٽن ۾ فاصلو طئي ڪري پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي، جولين ايلا فلپي اوول آل ليڊ ۾ به سڀني کان اڳڀرو رهي ڪاميابي ماڻي ورتي.

ورلڊ ڪپ 2019: پاڪستان ڪيچ ڊراپ ڪرڻ ۾ سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو
قومي ٽيم جي ناقص فيلڊنگ جو سلسلو بدستور جاري آهي، فيلڊرن ڪيئي ڪيچ ڇڏيا

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ 2019: پاڪستان ڊراپ ڪيچز ۾ سڀني ٽيمن کي پوئتي ڇڏي ڏنو. پاڪستان جي ٽيم ڏکڻ آفريڪا خلاف شاندار ڪارڪردگي سبب فتح حاصل ڪرڻ ۾ ته ناڪام رهي پر قومي ٽيم جي ناقص فيلڊنگ جو سلسلو بدستور جاري آهي. حارث سهيل جي بهترين بيٽنگ ۽ پوءِ بالرز جي بائولنگ سبب پاڪستاني ٽيم ڏکڻ آفريڪا کي 49 رنز سان شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب رهي پر هن ميچ ۾ به بدترين فيلڊنگ پاڪستاني ٽيم لاءِ مٿي جو سور بڻيل رهي. ۽ ميچ ۾ پاڪستان 6 ڪيچ ڊراپ ڪيا. فاسٽ بالر محمد عامر ڏکڻ آفريڪا خلاف هڪ ميچ ۾ 3 ڪيچ ڇڏيا، ڪپتان سرفراز سميت ٻين رانديگرن به ڪيئي ڪيچ ڇڏي ٽورنامينٽ ۾ ٽيم جي اهميت گهٽائڻ لاءِ گڏ ناقص فيلڊنگ جو ثبوت ڏنو.

شڪست جو سلسلو ٽوڙينداسين، عامر مڪمل فٽ آهي: سرفراز

ناٽنگهمن(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته فاسٽ بالر محمد عامر مڪمل فٽ ۽ اڄ دستياب آهي. محمد عامر بابت اطلاع هئا ته هن ڪوچ مڪي آرٿر کي آگاهه ڪيو آهي ته هو مڪمل فٽ ناهي ان لاءِ پهرين ميچ لاءِ دستياب نه هوندو. جڏهن ته ناٽنگهم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان جي ڪپتان سرفراز احمد چيو ته عامر مڪمل فٽ آهي ۽ ويسٽ انڊيز خلاف ميچ لاءِ موجود آهي. سرفراز احمد جو چوڻ آهي ته ٽيم ڀرپور تياري ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته ويسٽ انڊيز خلاف ميچ ۾ شڪستن جو سلسلو ٽوڙينداسين. هن چيو ته آءِ سي سي ايونٽ ۾ وڪيٽون ضرور مختلف هونديون ۽ ڪوشس هوندي ته 3 سئو کان وڌيڪ رنز ڪريون جڏهن ته لڳي اهو رهيو آهي ته اڄ ٽاس ٽي ڪوئي به ڪپتان پهريان بالنگ ڪندو. سرفراز احمد چيو ته هو ورلڊ ڪپ ۾ پنجين نمبر تي بيٽنگ ڪندو پر جيڪڏهن ڊيٿ اوورز ۾ بيٽنگ ڪرڻي پئي ته بيٽنگ آردر مختلف ٿي سگهي ٿو. انگلينڊ خلاف چار ٻڙي سان شڪست جي حوالي سان سرفراز چيو ته اسان جي بيٽنگ خراب ناهي، انگلينڊ ۽ پاڪستان جي کيڏڻ جو انداز مختلف آهي.

پنو عاقل ۾ ينگ سٽي ٽيم سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي
ماما خوشي ڪلب سکر پهريان کيڏندي 10 اوورن ۾ 107 رنز ٺاهيون

پنوعاقل (رپورٽ: نديم بوزدار) پنوعاقل جي شهيد ذوالفقار ڀٽو اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ آل سنڌ ڊاڪٽر آفتاب سومرو ٽي ٽين نائيٽ ٽورنامينٽ جا شاندار مقابلا هلندڙ آهن، اٺارهين ڏينهن تي ينگ سٽي ڪلب پنوعاقل ۽ ماما خوشي ڪلب سکر جو رائونڊ ٿيو جنهن ۾ ماما خوشي ڪلب سکر ٽاس کٽي پهريون بئٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 10 اوورن ۾ 7 رانديگرن جي نقصان تي 107 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو، جواب ۾ ينگ سٽي پنوعاقل مليل ٽارگيٽ جو پيڇو ڪيو ۽ صادق ڪٽپر جي 18 بال تي 60 رنز جي زبردست اننگز جي ڪري 7 اوور ۾ مليل اسڪور 3 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري آل سنڌ نائيٽ ٽورنامئنٽ جي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي.

پاڪستان سپر ليگ 4: اڄ زلمي، يوٽائيٽيڊ، ملتان ۽ ڪوئيٽا ۾ دنگل

دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جا دلچسپ مقابلا جاري آهن. اڄ پشاور زلمي، اسلام آباد يونائيٽيڊ، ملتان سلطانز ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز وچ ۾ دنگل ٿيندو. دبئي اسٽيڊيم تي پهريون مقابلو پشاور ۽ اسلام آباد وچ ۾ رٿيل آهي. ٻئي دنگل ۾ ملتان سلطانز ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ٽيمون به مهاڏو اٽڪائينديون. پهرين ميچ پاڪستاني وقت موجب ساڍي چار وڳي شروع ٿيندي، جڏهن ته ٻئي رات جو نائين وڳي ٿيندي. ملتان سلطانز جي سربراهي شعيب ملڪ سنڀالي رهيو آهي، جڏهن ته جيمز وينس، شان مسعود، نڪولس پورن، عمر صادق، لوري ايونس، ٽوم موريس، علي شفيق ۽ ٻيا به اسڪواڊ جو حصو آهن.

پاڪستان سپر ليگ 4: اڄ زلمي، يوٽائيٽيڊ، ملتان ۽ ڪوئيٽا ۾ دنگل

پاڪستان سپر ليگ 4: اڄ زلمي، يوٽائيٽيڊ، ملتان ۽ ڪوئيٽا ۾ دنگل

خداره رانديگرن لاءِ گٿا لفظ استعمال نه ڪريو: محمد عامر جي قوم کي اپيل

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد عامر چيو آهي ته رانديگرن لاءِ گٿا لفظ استعمال نه ڪريو جڏهن ته شوقين پرفارمينس تي تنقيد ڪرڻ جو حق رکن ٿا. محمد عامر جو چوڻ هو ته ٽيم ڪم بيڪ ضرور ڪندي، سپورٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي. واضح رهي ته آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت هٿان شڪست کانپوءِ پاڪستاني ٽيم کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. محمد عامر آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف ٿيل ميچ ۾ 10 اوورز ۾ 47 رنز ڏئي 3 رانديگر آئوٽ ڪيا هئا.

ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان لاءِ چيلينج، برسات پئي ته سيمي فائنل ۾ پهچڻ ناممڪن

لنڊن (اسپورٽس نيوز) آچر تي اولڊ ٽريفرڊ جي ميدان ۾ پاڪستان جي انڊيا هٿان ڊڪ ورٿ لوئس جي نظام تحت 89 رنز سان شڪست کانپوءِ پاڪستان جي فائنل تائين رسائي انتهائي ڏکي بڻجي وئي آهي. ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان جي سريلنڪا خلاف ميچ برسات سبب ختم ٿي وئي هئي. جڏهن ته ٻين چئن ميچز مان به هڪ ۾ ڪاميابي ۽ ٽن ۾ شڪست ملي. هن وقت پوائنٽس ٽيبل تي پاڪستان رڳو ٽن پوائنٽس سان نائين نمبر تي آهي جڏهن ته اڃا به موسم ساٿ ڏنو ته ٽيم لاءِ هڪ انتهائي نادر موقعو موجود آهي ۽ ٽيم کي ايندڙ سڀني ميچز ۾ کٽڻو پوندو، جيڪڏهن برسات سبب ڪا به ميچ رد ٿي ته گرين شرٽس جي سيمي فائنل تائين پهچ ناممڪن ٿي ويندي. ڄاڻ موجب پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ 23 جون تي ڏکڻ آفريڪا خلاف لارڊز جي مدان تي کيڏندو جنهن کانپوءِ ايندڙ ٽي ميچز نيوزيلينڊ، بنگلاديش ۽ افغانستان خلاف آهن. جيڪڏهن پاڪستان سموريون ميچز کٽي ٿو ته سندس پوائنٽ 11 ٿي ويندا پر پوائنٽس ٽيبل ۾ پهرين چار پوزيشنز تي موجود ٽيمن جي ايندڙ ميچن جا نتيجا به پاڪستان جي حق ۾ اچڻ گهرجن. واضح رهي ته پاڪستان تازو ئي ڀارت هٿان شڪست کاڌي هئي.

نوابشاهه ورسٽي ۾ اسپورٽس فيسٽيول: فٽبال، ٽيبل ٽينس ۽ ٻين راندين جا مقابلا

نواب شاھ (رپورٽ: اياز ڏاھري) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نواب شاھ سالياني انٽر ڊپارٽمينٽل اسپورٽس فيسٽيول ٻئي ڏينھن به جاري رھيو. فٽبال رائونڊ ميچ مڪينيڪل ڊپارٽمينٽ ٽيليڪام بي ايس سي ايس ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏھن ته ٽيبل ٽينس ۾ پھريون نمبر سول ڊپارٽمينٽ جي شاگرد رانديگرن حاصل ڪيو. قائد عوام يونيورسٽي ۾ ھلندڙ اسپورٽس فيسٽوئل جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون ڪاميابي حاصل ڪندڙ شاگرد رانديگرن کي داد ڏنو. ميلي دوران يونيورسٽي جي شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري ڪامياب ٿيندڙ ڊپارٽمينٽن جي رانديگرن کي زبردست داد ڏنو. اسپورٽس فيسٽيول دوران بھترين راند کيڏڻ تي ڊپارٽمينٽن جي ٽيمن جي حق ۾ نعريبازي ڪئي.ان موقعي تي شاگرد ۽ شاگردياڻين چيو ته اسپورٽس فيسٽيول ۾ بھترين رانديون کيڏڻ سان گڏ شاگرد لطف اندوز ٿي رھيا آھن، ٽيبل ٽينس ۾ سول ڊپارٽمينٽ جي شاگرد رانديگرن جي ڪاميابي تي ڏاڍي خوشي ٿي آھي. اسپورٽس ڊائريڪٽر عبدالحميد پيرزادو چيو ته اسپورٽس فيسٽوئل ۾ شاگرد انجوائيمينٽ ڪري رھيا آھن.

عمر ڪوٽ ۾ ٽي ٽوئنٽي جو ٻيو سيمي فائنل، سرداڻي ڪلب هٿان ينگ اسٽار کي مات
سرداراڻي ڪلب ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 168 رنسن جو هدف ڏنو

عمرڪوٽ (رپورٽ: اوي گوسوامي) عمر ڪوٽ ۾ سرداراڻي ٽي 20 نائٽ ھارڊ بال ٽورنامينٽ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ سرداراڻي ڪلب ۽ ينگ اسٽار ڪلب آمهون سامهون ٿيا.سرداراڻي ڪلب ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 168 رنسن جو هدف ڏنو، جنهن ۾ سجاد جنجھي 43 رنز ٺاهي نمايان رهيو. جواب ۾ ينگ اسٽار ٽيم جا رانديگر بالرن آڏو بيهي نه سگهيا ۽ سموري ٽيم 160 رنز تي آئوٽ ٿي وئي. ڀڳوانو 40 ۽ دلبر خان 38 رنز جي اننگز کيڏي. ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ ذڪريا ۽ سرداراڻي ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. ان حوالي سان رانديگرن پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي آهي.

محمد عامر انگلينڊ خلاف آخري ون ڊي مان به آئوٽ

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جو فاسٽ بالر محمد عامر ڪمزوري سبب انگلينڊ خلاف پنجون ميچ به نه کيڏي سگهندو. ذريعن موجب ٽيم مئنجمينٽ اهو فيصلو ڪيو آهي ته فاسٽ بالر کي پنجين ميچ به نه کيڏائي ويندي، ڇو ته محمد عامر هن وقت ڪمزوري جو شڪار آهي. هن وقت کيس کيڏائڻ تڪڙ هوندي. ذريعن موجب محمد عامر جي ورلڊ ڪپ ۾ شموليت تي به سواليا نشان لڳي ويو آهي، ڇو ته هو انگلينڊ خلاف ٿيندڙ سيريز ۾ ڪارڪردگي ڏيکاري ميگا ايونٽ ۾ شموليت حاصل ڪري سگهيو ٿي، جڏهن ته ان دوران هو پوري سيريز ۾ هڪ به ميچ ناهي کيڏي سگهيو. ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيو ويندو. رہے کہ فاسٹ باؤلر محمد عامر کو چکن پاکس کی بیماری ہوئی تھی جس کے بعد ساؤتھمپٹن میں موجود پاکستانی کرکٹرز کو باؤلر کی بیماری کا جان کر خوف میں مبتلا ہو گئے تھے۔ خدشہ ظاہر کیا گیا کہ یہ مرض کسی اور کھلاڑی کو بھی لگ سکتا ہے، اس لئے محمد عامر کو فوری طور پر لندن میں ان کے سسرال منتقل کر دیا گیا جہاں اُنہیں الگ تھلگ کمرے میں رکھا گیا ہے اور ڈاکٹر ان کے مزید ٹیسٹ کررہے ہیں۔

گهوٽڪي جا رانديگر

گهوٽڪي جا رانديگر

گهوٽڪي ۾ ڪرڪيٽ جو دنگل، رانديگرن کي انعام ڏنا ويا

گهوٽڪي(رپورٽ: ماجد علي سنگهڙ)گهوٽڪي ۾ عماره هائيرسڪنڊري اسڪول ۾ اسپورٽس ويڪ جي حوالي سان ٽيون رائونڊ ٿي گذريو. اڄ ٽيئن راونڊ ۾ يارنهين ڪلاس جي ٽيم ڏهين ڪلاس جي ٽيم کي شڪست ڏئي سيمي فائينل لاء ڪواليفاءِ ڪري ورتو. گهوٽڪي جي ڪلمه چوڪ جي ڪرڪيٽ گراونڊ تي عماره هائير سيڪنڊري اسڪول طرفان شروع ٿيل اسپورٽس ويڪ جي حوالي سان اڄ ٽيئن راونڊ ۾ يارنهن ڪلاس ۽ ڏھين ڪلاس جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۾ مقابلو ٿيو. يارنهن ڪلاس جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان اسامه سليمان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 8 اورن ۾ 74 رنسون اسڪور ڪيون.ڏهين ڪلاس جي ڪرڪيٽ ٽيم 74 رنسون جو ڏنل حدف حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، 7 اورن ۾ سموري ٽيم 60رنسون ٺاهي سگهي ال آئوٽ ٿي وئي. اهڙي طرح يارنهن ڪلاس جي ڪرڪيٽ ٽيم ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري سيمي فائينل لاء ڪواليفاءِ ڪري ورتو

مرزا پور ۾ سپر ڪپ ٽورنامينٽ ۾ طارق اليون سوڀاري

مرزاپور(ن پ ا) مرزاپور ۾ رمضان سپر ڪپ ٽورنامينٽ جا دلچسپ مقابلا جاري آهي، ڪالهه طارق اليون ۽ سيد اليون ۾ ميچ کيڏي وئي. سيد اليون ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي 10اوورن ۾ 96رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جنهن ۾ مجيب لوهر 34 ۽ تنوير جوڻيجو 30رنز ٺاهي نمايان رهيا، جڏهن ته اظھر شيخ 2 ۽ طاهر انصاري هڪ شڪار ڪيو. جواب ۾ طارق اليون سخت مقابلي بعد آخري اوور ۾ هدف پورو ڪري ميچ پنهنجي نانءُ ڪري ورتي، جنيد شيخ 30 ۽ طارق انصاري 20 رنز ٺاهي سوڀ ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.

مصباح جو ٻارڙن جي دل جي مفت سرجري اسپتال ٺاهڻ جو اعلان

فيصل آباد (اسپورٽس ڊيسڪ) عمران خان بعد مصباح الحق به ملڪ ۾ اسپتال ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق ٻارڙن جي دل جي مفت سرجري جي پهرين اسپتال ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. لاهور ۾ 2 ارب رپين جي لاڳت سان ٺاهي ويندڙ اسپتال 125 بسترن تي ٻڌل هوندي، جتي ساڳئي وقت 5 سينيئر اسپيشلسٽ مقرر ڪيا ويندا.

اڳوڻو ڪپتان مصباح الحق

اڳوڻو ڪپتان مصباح الحق