تازا ترين
  • *گهوٽڪي ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ڪرڻ وارو ڪيس: ضمانت رد ٿيڻ بعد ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ۽ اڪائونٽنٽ کسڪي ويا * گهوٽڪي: ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ٿيڻ جو الزام آهي، اينٽي ڪرپشن عدالت سان رابطو ڪيو: عدالت * گهوٽڪي: سيد اصغر علي شاهه ۽ محبوب ڪولاچي تي ميونسپل آفيس جو سمورو رڪارڊ چوري ڪرڻ جو الزام آهي *
  • *ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: نجي ڪمپني جي مبينا زيادتين خلاف ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ پورهيتن، مهاڻن ۽ ٻين جو ڪوسٽل هاءِ وي تي ڌرڻو * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: مقامي مهاڻن کي چيڪنگ بعد ڇڏيو ويندو آهي، جنهن لاءِ سندن قيمتي وقت ضايع ٿئي ٿئي: مظاهرين * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: سڪيورٽي گارڊز جا جائز مسئلا حل ڪري ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي: مطالبو *
  • *جيڪب آباد:”بنگلي آڏو ڪار ڇو بيهاري اٿئي“ جيڪب آباد ۾ پ پ سان واڳيل ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جو هندو نوجوان نڪيش ڪمار تي تشدد، رتورت * جيڪب آباد: سردار زاده قادر خان کوسي تشدد ڪيو ۽ سندس محافظ ڪار جي شيشا ٽوڙيا: متاثر شخص نڪيش ڪمار * جيڪب آباد: واقعي جو ڪيس ٻن مک جوابدارن ۽ 8 اڻسڃاتل ماڻهن خلاف داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي *
  • ڀلي سڀئي ڪرپٽ ليڊرز گڏجي وڃن،چورن کي نه ڇڏيندس ، 4سال سڪون سان گذارڻ لاءِمشرف جيان اين آر او نه ڏيندس:وزيراعظم جي اپوزيشن تي تنقيد*بلاول لبرلي ڪرپٽ آهي، سندس نظرئي سان آئينسٽائين جو روح تڙپيو هوندو،نواز شريف لاءِ گارنٽي گهري ته شهباز شريف ڊراما شروع ڪيا *اسلام آباد۾فضل الرحمان جي سرڪس مان ڪمزوردل واراوزيرگهٻرائجي ويا،مون سمجهايو ته ڪجهه نه ٿيندو:موٽروي جي افتتاحي تقريب کي خطاب *
  • فنڪاره ثمينه سنڌو جي قاتل کي 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا*دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2018ع ۾ شادي تقريب دوران قتل ٿيل فنڪاره جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو*
  • پاڪستان شاهين ون ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو*شاهين ون ميزائل 650 ڪلوميٽرز تائين هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو: ڊي جي آءِ ايس پي آر*
  • جسقم چيئرمين سوڌواڍائي هزارڪارڪنن خلاف بغاوت جوڪيس*پيغامِ سنڌ مارچ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو،دهشتگردي لاءِڀڙڪائڻ۽رياستي ادارن خلاف نعريبازي جاالزام *
  • پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ مل کي تباهه ڪيو ويو: سُپريم ڪورٽ اسٽيل ملز جي زمين وڪرو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو: وفاقي سرڪار جو موقف رد*اسٽيل ملز جي ملازمن کي پرويڊنٽ فنڊز ڏيڻ لاءِ پئسا ناهن، پگهارون ڏيڻ لاءِ ملز جي زمين وڪرو ڪري رهيا آهيون: وفاقي سرڪار جو وڪيل*ملز جي زمين عوامي ملڪيت آهي، وڪرو نٿي ڪري سگهجي، اڳي گاڏيون، ٽرڪ ۽ راڪيٽ ٺهندا هئا، هاڻي ملز ۾ پيداوار ٻُڙي آهي: عدالت*
  • اوڪاڙه ڀرسان درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي، 8 لاش ڪڍيا ويا*ملڪو شيخو ويجهو واقعو پيش آيو، ٻيڙي ۾ 25 کان مٿي ماڻهو سوار هئا، وزيراعليٰ پنجاب طرفان رپورٽ طلب*
  • پي آءِ اي جا ٽشو پيپرز حجام جي دڪانن تي استعمال ٿيڻ لڳا*
جهول۾ملاکڙو: سنڌ جا ڪونڌر پنجاب جي پهلوانن کان زور
پهرين جوڙ ۾ بالم ڀيل عبدالقادر چانڊيي کي دسي غش ڪري ڇڏيو، غلام بگٽي مختيار ملوڪاڻي کان زور

جهول(رپورٽ: ممتاز شر) جهول لڳ ديھه ڌامرڪي ۾ سيد ثابت علي شاهه جي ميلي جي ٽئين ڏينهن به ملاکڙي ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي پهلوان زور آزمائي ڪئي. پهرين جوڙ ۾ بالم ڀيل عبدالقادر چانڊيو کي دسي غش ڪري ڇڏيو. ٻئي جوڙ ۾ علي غلام بگٽي مختيار ملوڪاڻي کي شڪست ڏني. ٽئين جوڙ ۾ حسين بخش ملوڪاڻي لطيف شر کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو. اهڙي ريت جان محمد مڱريو، اميد علي چانڊيو، پير بخش بگٽي، ڍولڻ ملوڪاڻي، معشوق ملوڪاڻي، صادق مري به زور آزمائي ڪري خوب داد وصول ڪيو. ستين جوڙ علي دوست بگٽي عزيز ملاح کي هارائي ڪنڌين جا هوڪرا ڪرائي ڇڏيا. اٺون مقابلو بادل مري کٽي ورتو، حنيف خاصخيلي، لالو ملاح ۽ ٻين پهلوانن به پاڻ مڃايو.

ڪنڊياري ۾ راندين جوميلو:ڪرڪيٽ۽فٽبال جادلچسپ مقابلا
شاهه ڀٽائي ڪنڊيارو ۽ ڌامراهه ڪلب لاڙڪاڻو ۾ دوستاڻي ميچ ٿي

ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو جي ڊگري ڪاليج گرائونڊ تي شاهه ڀٽائي ڪنڊيارو ۽ ڌامراهه ڪلب لاڙڪاڻو ۾ دوستاڻي ميچ ٿي، ڀٽائي ڪنڊيارو پهرين کيڏيندي مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 272 رنز ٺاهيون، ڪامران هاليپوٽو 77، اظهر موٽو 55 رنز ٺاهي نمايان رهيا. جمشيد ۽ نعيم 3-3 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ لاڙڪاڻو ڌامراهه 125 رنز تي ڍير وئي، جنهن ۾ بلاول 28 رنز ٺاهي نمايان رهيو. ڀٽائي جي غازي گوپانگ 4 ۽ عادل 3 وڪيٽون ورتيون.هوڏانهن ڪنڊيارو جي سٽي گرائونڊ تي ڊولفن فٽبال ڪلب ڪنڊيارو ۽ سومرا فٽبال ڪلب ٺاروشاھ وچ ۾ فٽبال ميچ کيڏي وئي، جيڪو دلچسپ مقابلي کانپوءِ 1-1گول سان برابر رهيو، ڪنڊيارو ڊولفن طرفان هڪ گول ممتاز ڪَلو ڪيو ۽ سومرا فٽبال ڪلب طرفان حماد هڪ گول ڪيو

مصباح جي مقرري مثبت آهي،سرفرازڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏئي: عمران خان
ڪرڪيٽرن جي ڪارڪردگي جو اندازو ٽي ٽوئنٽي مان نه پر ون ڊي ۽ ٽيسٽ ميچ ۾ ٿيندو آهي

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته سرفراز ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏئي. وزير اعظم موڪل واري ڏينهن تي پنهنجي ويجهي دوستن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، هن چيو ته ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ بهتري سان ئي ڪرڪيٽ بهتر ٿي سگهي ٿي، نئين ڊوميسٽڪ سان ئي نوان ۽ سٺا ڪرڪيٽر سامهون ايندا، سرفراز سٺو ڪرڪيٽر آهي، ڪم بيڪ ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ڪرڪيٽرن جي ڪارڪردگي جو اندازو ٽي ٽوئنٽي مان نه پر ون ڊي ۽ ٽيسٽ ميچ ۾ ٿيندو آهي. وزير اعظم چيو ته مصباح الحق جي مقرري مثبت آهي، هو ايماندار ڪرڪيٽر آهي، هن ۾ ڪرڪيٽرن ۾ بهتري آڻڻ جي اهليت آهي. وزير اعظم چيو ته ون ڊي ۽ ٽيسٽ ميچن لاءِ مصباح الحق بهتر ثابت ٿيندو.

پاڪستاني ٽيم آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ برسبين پهتل
ڪالهه رانديگرن آرام ڪيو،اڄ برسبين ڪرڪيٽ گرائونڊتي پريڪٽس ڪندا،ڪوچ کين ٽپس به ڏيندو

برسبين(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ٽيسٽ سيريز لاءِ برسبين پهتل آهي، جتي ڪالهه رانديگرن آرام ڪيو، اڄ پاڪستاني ٽيم جا رانديگر پريڪٽس سيشن ۾ حصو وٺندا. پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ 2 ٽوئر ميچ بنا نتيجي ختم ٿي ويون هيون، ٽيسٽ سيريز جو امتحان 21 نومبر کان شروع ٿيندو، بابر اعظم ٽيسٽ ميچن ۾ به سٺي پرفارمنس ڏيکارڻ لاءِ پرعزم آهي. اظهر اليون اڄ برسبين ۾ پريڪٽس شروع ڪندي، آسٽريليا اي خلاف کيڏيل 2 ٽوئر ميچ بنا نتيجي رهيون، پر قومي رانديگرن بيٽنگ ۽ بالنگ ۾ بهترين ڪارڪردگي جي اميد ڏياري آهي. قومي ٽاپ آرڊر بئٽسمين بابر اعظم جو چوڻ آهي ته پريڪٽس ميچز ۾ ڪارڪردگي شاندار رهي، اميد آهي ته وڏي امتحان ۾ به سڀ پاس ٿي وينداسين، واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز 21 نومبر کان شروع ٿيندي، پرٿ ۾ کيڏيل ٻي پريڪٽس ميچ ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽر فارم ۾ نظر آيا، بخار ۾ ورتل اظهر علي جي جاءِ تي ڪپتاني جا فرض انجام ڏيندڙ اسد شفيق جي سينچري جي مدد سان 385 رنز 7 رانديگر آئوٽ تي پهرين اننگز ڊڪليئر ڪئي هئي.

پاڪستان ۾ کيڏي خوشي ٿيندي آهي: ليوڪ رونڪي

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ جي اڳوڻي ٽاپ آرڊر بيٽسمين ۽ وڪيٽ ڪيپر ليوڪ رونڪي چيو آهي ته پاڪستان ۾ کيڏي خوشي ٿيندي آهي، تنهن ڪري پي ايس ايل جو منتظر آهيان. اڳوڻي ڪيوي وڪيٽ ڪيپر بئٽسمين ليوڪ رونڪي جي ليگز ۾ سدائين گهرج رهي آهي، ليوڪ رونڪي پاڪستان سپر ليگ کي به رونق بخشي چڪو آهي ۽ سندس ڪارڪردگي به شاندار رهي. نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽر اسلام آباد يونائيٽيڊ کي چيمپئن بڻائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري چڪا آهن، جڏهن ته 2018ع ۾ مين آف دي ٽورنامينٽ جو اعزاز به حاصل ڪيو. ليوڪ رونڪي ابوظهبي ۾ جاري ٽي ٽين ليگ ۾ قلندرز جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، هن خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ٽي ٽين ليگ ۾ هڪ نئين فرنچائز قلندرز سان گڏ ڳنڍجڻ جو موقعو مليو آهي. هن چيو ته پي ايس ايل کيڏڻ جو انتظار اٿم، پاڪستان سپر ليگ تمام گهڻي خوشي ڏيندو آهي.

چوٿين ٿل ڊيزرٽ جيپ ريلي جو ڪواليفائنگ رائونڊ مڪمل
80 کان وڌيڪ ريسر گاڏين حصو ورتو، نادر مگسي، سلطان احمد ۽ ٻيا شريڪ

مظفر ڳڙهه(اسپورٽس نيوز) چوٿين ٿل جيپ ريلي لاءِ گاڏين جي انسپيڪشن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪواليفائنگ رائونڊ شروع ٿي ويو آهي، سوا 2 ڪلو ميٽر ٽريڪ تي گاڏين جو ڪواليفائنگ رائونڊ ٿي، جنهن ۾ 80 کان وڌيڪ ريسر گاڏين حصو ورتو. شيڊيول موجب جيپ ريلي جو ڪواليفائنگ ٽرائل اڄ مڪمل ڪيو ويو. واضح رهي ته ٿل جيپ ريلي جو 180 ڪلو ميٽر ڊگھهو ٽريڪ مظفر ڳڙهه ۽ ليا ۾ ٿل جي علائقي تي ٻڌل آهي. ٿل ڊيزرٽ جيپ ريس ۾ عالمي شهرت يافتا نادر مگسي، سلطان احمد سميت ملڪ جا مشهور رانديگر شريڪ ٿيندا. هوڏانهن فائنل رائونڊ جون به تياريون مڪمل، ڊرائيور ڪاميابي لاءِ پرعزم.

ڪرونڊي ۾ ميلي دوران ڏاندن جي گوءِ جا دلچسپ مقابلا

ڪرونڊي (ن پ ا ) ڪرونڊي ۾ محمد سجاول خاصخيلي جي 15 ورسي تي ميلو لڳرايو ويو، جنهن ۾ ڏاندن جي گوءِ ڪرائي وئي، پهرين جوڙ ۾ 10 جوڙن ۽ ٻئي جوڙ ۾ 15 جوڙن حصو ورتو. حاجي احمد بروهي جو جوڙو پهرين نمبر تي آيو، جنهن تي کيس انعام ڏنو ويو، پهرين جوڙ ۾ حاجي احمد بروهي جا ڏاند پهرين پوزيشن ماڻڻ ۾ ڪامياب ويا، ذوالفقار سانگي جا ڏاند ٻئين ۽ منٺار سانگي جا ڏاند ٽئين نمبر تي رهيا.

آسٽريلوي بالر تي پابندي،پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز مان ٻاهر

سڊني(اسپورٽس نيوز)آسٽريليا ڪرڪيٽ بورڊ فاسٽ بالر جيمز پٽينسن کي خراب رويي جي ڪري پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ جاري ٽيسٽ سيريز مان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب گذريل هفتي ڪوئينز لينڊ خلاف وڪيٽوريا جي شيلڊ راند دوران جيمز پٽينسن آسٽريليا ڪرڪيٽ بورڊ جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي. بورڊ اهو واضح ناهي ڪيو ته جيمز مخالف ٽيم جي رانديگرن کي ڇا چيو هو، پر گورننگ باڊي کيس فليڊنگ دوران ڪنهن رانديگرن سان اڻوڻندڙ رويو اختيار ڪرڻ تي سزا ڏني آهي. جيمز پٽينسن کي غلطي جو احساس ٿي ويو هو، هن اعتراف ڪيو ته مان جذباتي ٿي ويو هئس، جنهن تي مخالف امپائر ۽ رانديگر کان معافي پڻ ورتي. هن چيو ته غلطي جي سزا قبول آهي، ٽيسٽ ميچ کان محروم ڪرڻ تي افسوس آهي پر معيار جي پاسداري تي سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي. خيال رهي ته ڪيمرون بين ڪرافٽ ۽ جو برنز کي پاڪستان خلاف سيريز لاءِ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جيمز پيٽنسن، مچل اسٽارڪ، پيٽ ڪمنز ۽ جوش هيزل وڊ تي ٻڌل بالنگ اٽيڪ جي معاونت لاءِ بالنگ آل رائونڊر مائيڪل نيسر کي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو هو،

ڀارتي مخالف کي هارائڻ جي لاءِ تيار آهيان: باڪسر نادر بلوچ

ڪراچي: لياري سان تعلق رکندڙ باڪسر نادر بلوچ جو چوڻ آهي ته مان پنهنجي پروفيشنل فائٽ ۾ ڀارتي مخالف کي هارائڻ جي لاءِ تيار آهيان.سنڌ حڪومت جي راندين واري کاتي نيوزيلينڊ ۾ پروفيشنل فائٽ جي لاءِ انٽرنيشنل باڪسر نادر بلوچ کي خرچي جي مد ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي خاص هدايت تي چيڪ جاري ڪيو.

محمد وسيم ميڪسيڪن باڪسر سان دبئي ۾ مقابلي لاءِ تيار

ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستاني پروفيشنل باڪسر محمد وسيم هڪ ٻي عالمي مقابلي لاءِ تيار آهي، محمد وسيم فائٽ لاءِ 22 نومبر تي دبئي ۾ رنگ ۾ لهندو. ڪوئيٽا سان واسطو رکندڙ پاڪستاني باڪسر محمد وسيم سان ميڪسيڪو جو گينگان لوپز مقابلو ڪندو. ميڪسيڪن باڪسر گينگان لوپز هيل تائين 46 مقابلن مان 36 ۾ ڪامياب رهيو، لوپز 3 ڀيرا ڊبليو بي سي لائٽ فلائي ويٽ جو عالمي چيمپئن به رهي چڪو آهي. ان مقابلي جي حوالي سان محمد وسيم جو چوڻ آهي ته ميڪسيڪن باڪسر سان مقابلي لاءِ تياري ڪئي آهي. هن چيو ته گينگان لوپز مونکان وڌيڪ تجربو رکي ٿو، پر مان ڪاميابي لاءِ پرعزم آهيان.

انٽراسڪول۽ڪاليجزهاڪي چيمپئن شپ جوفائنل لاڙڪاڻي جي نانءِ
پهرين ڪوارٽر فائنل ۾ سيتا روڊ واپڊا ڪاليج گڊو کي 5.1 تان شڪست ڏئي ڇڏي

لاڙڪاڻو(رپورٽ: شاهه محمد لاشاري) لاڙڪاڻي ۾ انٽر اسڪول ۽ ڪاليج هاڪي چيمپئن شپ 2019ع ۽ 20ع جي پهرين ڪوارٽر فائنل ۾ سيتا روڊ واپڊا ڪاليج گڊو کي 5.1 تان شڪست ڏئي ڇڏي پهرين سيمي فائنل ۾ پائليٽ اسڪول لاڙڪاڻي طرفان ڊگري ڪاليج شڪارپور کي 4.1 تان شڪست ڏني، پائليٽ اسڪول پاران جواد، عادل تقي ۽ ياسر هڪ هڪ گول ڪيو، شڪارپور ڪاليج پاران واحد گول طفيل احمد هڪ ڪيو، سيمي فائنل جو مهمان خاص غلام جعفر سامٽيو هيو، ٻئي سيمي فائنل ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول سيتا جيڪب آباد کي 4.1 تان شڪست ڏني، هاءِ اسڪول سيتا روڊ پاران سراج چانڊيو ۽ عبدالقادر 2-2گول ڪيا، جيڪب آباد پاران امان الله هڪ گول ڪيو، جڏهن ته فائنل ميچ ۾ پائليٽ اسڪول لاڙڪاڻي گورنمينٽ هاءِ اسڪول سيتا روڊ کي دادو کي 3.1 تان شڪست ڏئي فائنل کٽي ورتو. پائليٽ اسڪول لاڙڪاڻي پاران جواد چانڊيو ٻه گول ۽ عادل هڪ گول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا.

ڇا پاڪستان جو 20 ڪروڙ عوام محفوظ ناهي؟: محمد حفيظ
نواز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت سٺو سئنوڻ آهي

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي عدالتي حڪم تي ڪرڪيٽر محمد حفيظ رد عمل ظاهر ڪيو آهي. هن ٽوئٽر ۾ چيو ته سٺي ڳالهه آهي ته اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف علاج لاءِ پرڏيهه وڃي رهيو آهي، ميڊيڪل پينل به چيو هو ته کيس علاج لاءِ ٻاهر وڃڻ جي ضرورت آهي. محمد حفيظ وڌيڪ لکيو ته ڇا عدالت به تسليم ڪري ورتو ته پاڪستان ۾ طبي سهولتن جي کوٽ آهي؟، ان جو مطلب ته پاڪستان جو 20 ڪروڙ عوام هتي محفوظ ناهي؟

گمبٽ ۾ پنهنجو ايڪتا ملاکڙو: پهلوانن جا خطرناڪ جانٺا ۽ وارا

گمبٽ (ن پ ا) پنهنجي اخبار پاران پهرئين ڊسمبر تي پنهنجو ايڪتا ڏهاڙو ملائڻ واري اعلان کانپوءِ گمبٽ ۾ ثقافتي پروگرام شروع ٿي ويا آهن. اڳڙا ۾ ملهه جا زبردست مقابلا ٿيا، پنهنجي اخبار جي سر واڻ علي قاضي طرفان پهرئين ڊسمبر تي پنهنجي ايڪتا جي سري هيٺ ڏهاڙو ملهائڻ واري اعلان کي گمبٽ واسين ڀرپور موٽ ڏني آهي. اڳڙا ۾ سنڌ جي ثقافتي راند ملهه جا مقابلا ٿيا، جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي پهلوانن زور آزمائي ڪري انعام وصول ڪري خوب داد حاصل ڪيو. پهرين جوڙ ۾ پهلوان عرفان ملاح ، ٻئي ۾ پرويز ملاح ۽ ٽيون جوڙ پهلوان فدا چنو کٽيو، جن کي روڪ رقم ۽ ٽرافيون ڏنيون ويون.

لاڙڪاڻي ۾ انٽر بورڊ هاڪي چيمپئن شپ اڄ کان شروع

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ آل پاڪستان انٽر بورڊ هاڪي چئمپين شپ جي افتتاحي تقريب اڄ کهڙو اسپورٽس ڪامليڪس جي هاڪي گرائونڊ تي ٿيندي. چئمپين ميئر خير محمد شيخ، سنڌ بيڊمنٽن ايسوسيئيشن جو صدر نثار الله شيخ ۽ محمد رمضان جمالي ڪندا. هاڪي چئمپين شپ ۾ پوري ملڪ جي 18 تعليمي بورڊن جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن، جن ۾ ثانوي بورڊ ڪراچي، اعليٰ ثانوي بورڊ ڪراچي، ثانوي بورڊ حيدرآباد، تعليمي بورڊ سکر، تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو، تعليمي بورڊ ميرپورخاص، ثانويٰ ۽ اعليٰ ثانوي بورڊ لاهور، تعليمي بورڊ گوجرانوالا، ٽيڪنيڪل تعليمي بورڊ لاهور، تعليمي بورڊ فيصل آباد ۽ تعليمي بورڊ سوات جون ٽيمون شامل آهن.

پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ بحال ٿي وئي آهي: پي سي بي

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ بحال ٿي وئي آهي، پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ وومين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جي ڪاميابي ۽ شوقينن جي گرائونڊ ۾ آمد ڪرڪيٽ بورڊ ٽوئٽ ڪيو. پي سي بي بيان ۾ چيو ته ڊگھين ڪوششن جو ثمر ملي رهيو آهي، سريلنڪا کانپوءِ ٻين ملڪن جون ٽيمون به جلد پاڪستان اينديون، سريلنڪا سان به ٽيسٽ سيريز جي حوالي سان ڳالهيون جاري آهن، واضع رهي ته بنگلاديش جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري تي پهتل آهي، پهرين ميچ ۾ پاڪستان ڪامياب پڻ ٿيو آهي.