تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

راحت ڏيندڙ نظم جو وِرد…ياسين جوڻيجو

خواھشن جو نِسرڻ رڪجي وڃيس، اھڙي ڪنھن ماڻھوءَ جي مَنَ جي ايڊريس لوڪن جي داستانن ۾ اڃان سڻڻ لاءِ ميسر ناھي. موت جي ذائقي جيان خواھشن جي ڪسوٽي به ھر شعوري نفس لاءِ اَڏِبي رھي ٿي. مڇيءَ لاءِ اُڇلايل ڪُنڍيءَ ۽ ڀوريءَ لاءِ اڏيل ڇُڙڪ ۾ شڪار کي ھرکائڻ واري سامان جيان راحتن جي لطف جو خيال ماڻھو ماڻھو جي ھردي کي ھڪليندو رھي ٿو. ڳالهھ عام جياپي جي ڪجيس ته سانوڻ جي مند ۾ نديءَ مٿان پٿريل ٽالھيءَ جي ڇانوَ ۾ وھنجڻ يا ڊسمبر ۾ ڪَنڊيءَ جي سڪل ڪاٺين کي ٻاري سيڪ وٺڻ، ان ماڻھوءَ لاءِ به ممڪن آھي ته راحت جوڳو خيال ھجي، جيڪو لفظن کي ڇَند وِديا جي ماڻَ ۾ ماپي ادا ڪندو ھجي. اھڙن وِدياوانن تي مگر عورت جي عشق ۾ الست ھجڻ جو بُھتان زورآو رھندو آھي. ٻار جي پيرن کي جُتيءَ جي گھرج واري نظرئي تي شعر ڳولھڻا پوندا آھن، سانوريءَ جي چيلھه ۽ چيروئين تي فدا ٿيڻ جا ھوڪا پر شعرن ۾ ڪثرت سان ڪشيد ٿيل ملن ٿا. شعور جي ڪئنواس تي چِٽ جيتوڻيڪ پيچيدہ آھن پر تن جي وسعتن تي آڱر نه ٿي کڻي سگھجي، سبب اھو آھي جو شعور جي اوچي منزل تان ئي فيض چيو “ راحتين اور ڀي هين، وصل ڪي راحت ڪي سوا”.
بيشڪ ٻين راحتن جا تصور به گھڻا سگھا آھن، اھڙا جھڙا، سڙھ وارن ٻيڙن کي ڌڪيندڙ ھوا جا مِٺا مِٺا جھوٽا. پر ڪجي ته ڇا ڪجي جو شاعر اَلھڙ عمر ۾ ھجي ۽ جِنسِ نفيس ڪائنات جو اڪيلو اِسرار رھجي اچي ته پوءِ شعر ازخود انھيءَ اِسرار جي الجھاوَ جو عڪس ئي پيش ڪرڻ لڳندا. ڪنھن ڪتاب ۾ ڪنھن ساکَ پَتِ واري تاريخدان ڪونھي لکيو پر ماڻھن واتان ٻڌو اٿئون ته “ٽالپرن جي حڪمرانيءَ ڀيري، ڪي امير ڪبير ميرواھ ۾ اُپسرائن سان گڏ تُڙڳندا ھا”. امر اقبال انھيءَ خيرپور ۾، شاعريءَ جون گھٽيون سينڍ وڄائي گھمندو رھيو آھي. ميرواھ به موجود رھيو مگر ڪناري تي کيس اُپسرا جي قربت تڏھن اڃان ميسر نه ھئي شايد، جڏھن ھي نظم سندس ھِردي ۾ ھُري آيو
“اسانجي دل ڀي عجيب دل آ،
اسانجي دل جي ھر ڪھاڻي عجيب آھي”
اڻ سڃاتل راھگير کي اگر صرف ھي ٻه سٽون ٻڌائجن، سندس ردعمل تعريفي ڪنھن به ريت نه ھوندو، ممڪن آھي راھگير اھو ئي چوي ته ”دل ڀي عجيب ٿيندي آھي ڇا؟” پر آتما جي اونھائين تي اک رکندڙ ئي سمجھي سگھن ٿا ته دلين جا ڀيد اڻانگھا ئي ھوندا آھن. دلين ۾ ڪھاڻين جا ڪيئي سِرا ھر وقت ايئن لڙڪندا رھندا آھن جيئن سُٽ ڪتيندڙ جي گھر مٿان رنگين ڌاڳا پيل ھوندا آھن. امر اقبال جو نظم تسلسل ۾ طئي ٿيل ڳالھه ڪندي اھو راز به سلي ٿو
“اسان جي دل ڄڻ ڪَلي آ ڪائي،
روز جنھن کي مسڪرائي، تون مَروڙي ٿي ڇڏين”
دل جي عجب ڪھاڻيءَ جو ھڪڙو اِسرار ھن نظم ۾ اھو سامھون اچي ٿو ته راحت جي جيڪا خواھش شاعر جي دل ۾ گل نُما آھي سا مروڙجڻ واري موڙ تي پڄي ٿي. واڍي جيان ھن نظم کي سادي پروليءَ جيان واھولي سان آڏا ابتا وار ڪري ڀڃڻ بجاءِ اگر تسلسل سان پڙھبو ته نظم جي نغمگي ۽ عشقيه رَمز اُجري آبشار جيان ٿي پوندي؛
“اسانجي دل ڀي عجيب دل آ،
اسانجي دل جي ھر ڪھاڻي عجيب آھي
اسانجي دل ڄڻ ڪلي آ ڪائي
روز جنھن کي مسڪرائي، تون مروڙي ٿي ڇڏين.
اسانجي دل جو ڪنھن به مند سان
ٺاھ ئي ناھي رھيو
اسانجي دل جو چَين سان ڪو چاھُ ئي ناھي رھيو.
اسانجي دل کي ھر خزان ۾ ٽڙي پوڻ جي آرزو
اسان جي دل رولاڪ دل آ
جنھن کي ھرپل ھر گھٽيءَ ۾ گھڙي پوڻ جي آرزو
اسانجي دل جي سرڪشيءَ کي ڪو ئي ڏانوڻ ٿو پڪاري

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *