تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

راحت اندوري اردو جو سهڻو شاعر شاعر … امداد سولنگي

ڪنھن به شاعر جو موت ڪو عام واقعو نه آھي ،راحت اندوري سيھوڳي عھد ۾ اردو ٻولي جو بيحد سھڻو شاعر ھو جيڪو ھاڻ اسان جي وچ ۾ نه رھيو آهي. سندس شاعراڻا تصور فوڪس وٽ جلد پاپولرٽي حاصل ڪري وٺندا ھئا. نقادن جي آڏو شايد ڪنھن به شاعر جي ڪلام جون اھڙيون اسپيشلٽيز متان ڪا وڏي معنيٰ نه به رکنديون ھجن پر راحت اندوري جو شعر پنھنجي سڃاڻپ ڪرائڻ ۾ تمام گھڻو ڪامياب ٿي ويندو ھو.ھو جڏھن مشاعري ۾ لھندو ھو ته پنھنجي ھر آڊينس کي پنھنجي شعر جي مٺاس سان لطف اندوز ڪري ڇڏيندو ھو. راحت اندوري 1آگسٽ 1950ع ڌاري ھندستان جي رياست مڌياپرديش جي مک شھر اندور ۾ جنم ورتو. راحت جو والد ڪپڙي جي مل ۾ ورڪر ھو. راحت ڀوپال جي مک تعليمي اداري برڪت الله يونيورسٽي مان اردو ادب ۾ امتيازي حيثيت ۾ ماسٽرس ڪئي. جڏھن ته ھن 1985ع ڌاري مڌياپرديش جي يونيورسٽي ڀوڄ مان اردو ۾ مشاعري جي روايت جي سبجيڪٽ تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي. لڳ ڀڳ گذريل 50 سالن کان راحت اندوري عالمي طرز جي مشاعرن جي جان بڻيل ھو. راحت ڪيتري ئي عرصي کان ديوي اھليا يونيورسٽي اندور ۾ اردو ادب جو پيڊياگاگسٽ رھي چڪو ھو. تاريخ 10 آگسٽ 2020ع تي جڏھن سندس طبعيت خراب ٿي ته ضروري ٽيسٽن کان پوءِ ڊاڪٽرن کي ڪنفرم ٿي ويو ته ھو ڪوڊ 19 ۾ ورتل ھو .بدقسمتي سان ٽيسٽن جي رزلٽ کان پوءِ رڳو ھڪ ڏينھن سروائيو ڪري سگھيو.راحت اندوري جي ڪيترن ئي شعرن آرٽيفيشل انٽيليجنس جي وسيلن تي ريڊنگ ۽ لسنگ جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا.ھن جي ويوورشپ سرحدن جي محتاج نه ھئي سندس شعر ضرب المثال بنجي ويندا ھئا ھو شارپ اميجينيشنس کي ڪيچ ڪرڻ جو ماھر ھو سندس لفظ تصوير بنجي اکين آڏو اڀري ايندا ھئا سندس شاعري ۾ وڏي عوامي اپيل ھئي ان جو مثال سندس ھي شعر آھن .
لوگ هر موڙ په رڪ رڪ ڪي سنڀلتي ڪيون هين
اتنا ڊرتي هين تو ڦر گهر سي نڪلتي ڪيون هين
يا وري سندس ھي شعر پڙهي ڏسو
اس ڪي ڪٿئي آنکون مين هين جنتر منتر سب
چاقو واقو ڇريان وريان خنجر ونجر سب
جس دن تم روٺي مجهه سي روٺي روٺي هين
چادر وادر تڪيا وڪيا بستر وستر سب
راحت اندوري جو ھي غزل سندس وڇوڙي جي وارتا کي اڳواٽ ڪيڏو نه المياتي انداز سان پورٽيٽ ڪري رھيو آھي.
يه سانحا تو ڪسي دن گذرني والا ٿا
مين بچ ڀي جاتا تو اڪ روز مرني والا ٿا
تيري سلوڪ تيري آگهي ڪي عمر دراز
ميري عزيز ميرا زخم ڀرني والا ٿا
واقعي ئي شاعرن کي پنھنجي موت جا اوراڻا اڳ ۾ پئجي ويندا آھن جيئن ھن شعر ۾ راحت اندوري پنھنجي موت جو ڊڪليريشن ڪري رھيو آھي سندس شعر سندس جسماني غير موجودگي جو خال ڀري ته نه سگھندا پر سندس تخيلاتي عمل جماليات جو پرتوو بنجي سموري عھد کي گرمائيندا ضرور رھندا.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *