تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

راجپوت قبيلو … روشن داس

راجپوت لفظ، سنسڪرت جي لفظ ’راجا پترا‘ مان اخذ ڪيل آهي، جيڪو ’راج پُتر‘ بڻيو ۽ ان مان ’راجپوت‘ لفظ بڻيو آهي. لفظ راجپوت جي معنيٰ آهي ’راجا جو پٽ‘. راجپوت هن وقت هندستان جي اولهه، وچ ۽ اتر وارن علائقن ۽ سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ آباد هندن جو هڪ مکيه قبيلو آهي. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا موجب ڇهين کان ٻارهين صديءَ عيسويءَ تائين هندستان ۾ راجپوتن جي حڪومت چئي وڃي ٿي. ويهين صدي عيسويءَ ۾ راجپوت اڪثر راجسٿان ۽ سوراشٽر رياستن تي حاڪم ٿي رهيا. سندن حڪومت ننڍي کنڊ، خاص ڪري هندستان جي اتر، اولهه ۽ وچولن علائقن ۽ پاڪستان ۾ خاص ڪري سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ موجود هيون. هندستان ۾ راجپوتن جي اڪثر آبادي راجسٿان، گجرات، سوراشٽر، اتر پرديش، هماچل پرديش، هرياڻا، ڄمون ڪشمير، پنجاب، اتر ڪانڊ، مڌيه پرديش ۽ بهار ۾ رهائش پذير آهي. پاڪستان جي پنجاب ۽ سنڌ واري حصي ۾ موجود ڪيترا راجپوت پاڙا ۽ راجپوت ذاتيون مسلمان به آهن.نامياري تاريخدان جان ڪِي (John Keay) موجب هڪ خاص قبيلي ۽ گروهه لاءِ ڪتب ايندڙ لفظ ’راجپوت‘ مغل دؤر جي ابتدا 1526ع کان به اڳ ۾ ڪم ايندو هو.
هڪ نظريي موجب ڇهين صديءَ جي آخري دؤر ۾ سفيد هنن (Hephthalites) هندستان تي حملو ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ گپتا سلطنت زوال پذير ٿي هئي. حملي آورن مان سندن اڳواڻ عالي نسب ۽ امير طبقي جا فرد هئا، جيڪي پوءِ هندن جي جاتي سرشتي تحت ’ڪشتريه‘ (کتري) جي ذمري ۾ شامل ٿي ويا، ان ڪري ڪشتريا (فوجي) جي عهدي تي فائز ٿيا. جڏهن ته سندن ٻيا ساٿي، جن ساڻن سهڪار ڪيو ۽ سندن پوئلڳي ڪئي، سي شودر جي درجي تي پهتا، جن ۾ آهر، گورجر ۽ جت شامل هئا، ساڳئي وقت ڪجهه مقامي قبيلن کي راجپوت جي عهدي تي فائز ڪيو ويو، جن مان پوءِ ٻيا قبيلا: بنديلا، چنڊيلاس ۽ راٺوڙ نروار ٿيا.انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا (The Encyclopaedia of Britannica) مطابق راجپوتن جو اصل شاهاڻو شجرو، گوهلوت ۽ ڪچواها سان ملي ٿو، جيڪي زرعي زمينن جا آبادڪار هئا. نائين صديءَ جي شروعات ۾ هندستان جي اترين علائقن ۾ راجپوت سلطنتون پنهنجي عروج تي رهيون، جن مان ڪي راجپوت بادشاهتون مسلمانن جي شروعاتي حملن وقت نه رڳو وڏيءَ رنڊڪ طور سامهون آيون پر پنجاب ۽ گنگا واديءَ ۾ مسلمانن جي فتح دوران به راجپوت، راجسٿان ۽ وچ هندستان ۾ پنهنجي خودمختيار حڪومت برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ڪجهه عرصي بعد علاءُ الدين خلجي، اوڀر راجسٿان ۾ چتور ۽ رتناپور ۾ قائم راجپوتن جي ٻن قلعن کي فتح ڪيو، پر قلعن تي گهڻي عرصي تائين پنهنجي حڪومت قائم نه رکي سگهيو.
1718ع کان 1818ع ڌاري انگريز مراٺا جنگ کانپوءِ هڪ معاهدي تحت راجپوتانه خطي جون سموريون رياستون برطانوي راڄ جي ماتحت ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ حوالي ڪري ڇڏيون، جن مان اجمير جي رياست سڌيءَ ريت برطانوي سرڪار جي حڪومت هيٺ رهي، جنهن کي پوءِ اجمير مارواڙ جي پرڳڻي جي حيثيت ڏني وئي. اهڙيءَ طرح برطانوي حڪومت دوران راجسٿان جي خطي ۾ راجپوتن جون 13 مکيه رياستون ۽ جتن جون ٻه رياستون ڀرتپور ۽ ڍولپور ۽ ٻه ٻيون رياستون ٽونڪ ۽ جهالاواڙ قائم ٿيون. ساڳيءَ ريت وچ ۽ اولهه هندستان ۾ موجود راجپوت رياستن ۾ وڏي پيماني تي تبديلي آئي، جن مان ڪي رياستون سينٽرل انڊيا ايجنسي ۽ ڪي ڪاٺياواڙ اسٽيٽ ايجنسيءَ جي ماتحت رهيون.انگريز حڪومت دوران، راجپوت ذاتين جا مردَ، پنهنجي بهادرانه ۽ ويڙهاڪ خصلتن جي ڪري گهڻي قدر انگريز فوجي دستن ۾ شامل رهيا. ان دؤر جي هڪ عهديدار ڪئپٽن اي. ايڇ. بنگلي (A. H. Bingley) موجب، ”راجپوت ماضيءَ کان وٺي موجوده وقت (1899ع) تائين فوجي دستي ۾ اهم عهدن تي پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا رهيا آهن. هنن هندستاني فوج ۾ رهندي تقريبا هر جنگي مشق ۽ معرڪي ۾ ڀرپور حصو ورتو“ ميجر فورڊ جي سربراهيءَ ۾ راجپوتن ڪونڊور علائقي ۾ فرينچن ۽ منرو جي اڳواڻيءَ ۾ بوڪشر (Buxar) جي هنڌ تي اوڌ جي نواب واجد علي شاهه جي فوجي دستي کي شڪست ڏني. ساڳيءَ ريت ميجر ليڪ (Lake) جي سربراهيءَ ۾ راجپوت سپهه سالارن ٽي وڏيون سوڀون ماڻيون، جن سان مرهٽن جي طاقت کي تمام وڏو ڌڪ رسيو.
برصغير جي ورهاڱي وقت 1947ع ڌاري راجپوتن جي ’راجائي رياستن‘ کي هندستان ۾ شامل ڪيو ويو، جڏهن ته 50-1949ع ۾ انهن رياستن کي ملائي راجسٿان نالي هڪ رياست ٺاهي وئي. موجوده وقت راجسٿان پراڻن راجائن جي جاگيرن، تجارتي طور طريقن، قيمتي خزاني ۽ ثقافتي ورثي سبب سياحن جي دلچسپيءَ جو مرڪز بڻيل آهي.راجپوتن کي ڪيترين درجي بندين ۾ ورهايو ويو آهي، جهڙوڪ: ونش ۽ ومشا ۽ هڪ خاص ذيلي ورڇ ’جاتي‘ (جي نالي سان).
ونش، ابتدائي طرح ٽن حصن ۾ورهايل آهن: (1) سوريه ونسي، جيڪي سج جا پوڄاري آهن. (2) چندر ونسي، جيڪي چنڊ جا پوڄاري آهن. (3) اگني ونسي، جيڪي باهه جا پوڄاري آهن.ان کانسواءِ ونش جي ٻيءَ تقسيم ۾ ادي ونسي، راج ونسي ۽ رشي ونسي اچي وڃن ٿا. ونس کان هيٺ ننڍين درجي بندين ۾ ڪُل، کمپ يا کنپ (Khamp or khanp) ۽ نَڪ (Nak) شامل آهن. راجپوت قبيلن ۾ رسم رواج کي وڏي اهميت حاصل آهي. منجهن ٻار جي جنم کان وٺي ڇٽيءَ، بانبڙن پائڻ، پنڌ ڪرڻ، خوراڪ کائڻ جي ابتدا، جوانيءَ، شاديءَ ۽ ٻين خوشيءَ ۽ غميءَ جي موقعن تي سماجي ۽ مذهبي رسم رواج جي پورائي ضروري سمجهي ويندي آهي.ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا جي مصنف خير محمد ٻرڙي موجب ’راجپوت لفظ ’راج پُتر‘ مان نڪتل آهي. هي اصل ۾ راجپوتانا جي راجائن جو لقب آهي، جن سنڌ تي ڪيترائي سال حڪومت ڪئي، جن مان ڪي مسلمان ٿيا ۽ ڪي هندو آهن. انهن مان ٻه خاندان هڪ چندر ونسي ۽ ٻيا سورج ونسي ڪافي مشهور ٿيا. سنڌ جو واسطو ٻنهي گهراڻن سان رهيو آهي. سورج ونسي گهراڻي وارا، جن مان راجا اڪشو اڪوءَ کان گهڻو پوءِ راجا دسرٿ ۽ سري رامچندر پيدا ٿيا، سي قديم زماني ۾ سنڌ ۾ به هئا.
ڊاڪٽر لال بخش نائچ ۽ ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ جي تحقيق موجب سام بن نوح جي هڪڙي پٽ جو نالو حضرت سنڌ هو، جنهن هن خطي ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي، جنهن جي اولاد مان سماٽ ۽ راجپوت پيدا ٿيا.شماريات جي بنياد تي 1891ع جي بمبئي گزيٽيئر موجب راجپوتن جي مکيه حڪمران قبيلن جي ورڇ هيٺينءَ ريت بيان ڪئي وئي:
(1) چــاوڙا، (2) چــوهـاڻ، (3) دائـمـا، (4) گـوئـيـل، (5) گــــوري، (6) جـاڙيجـا، (7) ڄيــٺوا، (8) جهالا، (9) پرمار، (10) راٺوڙ، (11) ريـهواڙ، (12) سروئيا، (13) سِشوڏيا، (14) سولنڪي ۽ (15) واگهيلا.
راجپوت قبيلن جي انهيءَ ورڇ ۾ اهم سماجي انفراديت هيءَ آهي ته اهي قبيلا پاڻ ۾ اخلاقي ۽ رسمي ميل جول رکن ٿا. گڏيل سهڪار، کاڌي پيتي ۽ شادين مرادين ۾ گڏيل آهن. سواءِ ڪجهه قبيلن جي، جن ۾ جاڙيجا، چودساما ۽ ڀٽ وغيره اچي وڃن ٿا، جيتوڻيڪ هي قبيلا گهڻو وقت اڳ ئي الڳ ٿي ويا هئا، باوجود ان جي جاڙيجن ۽ چودساما قبيلن جي وچ ۾ شادين جو لاڙو تمام گهٽ آهي.گجرات ۾ راجپوتن جا تقريباً 103 قبيلا ۽ ذاتيون آباد آهن، جن مان ڪي هن ريت آهن: آدا، اويرا، بالاتير، بارود، ڀٽي، بيهولا، سولنڪي، بيا، بودو، چمڙيا، چندورات، چاوڙا، ڪوچو، چوهاڻ، ڊڀي، دائما، دائرجا، ديوچند، ديودا، ڍنڍو، ڊوڊ، دوديا، گاليچا، گوئيل، گولٽر، گور، گجر، هديال، هاراشي، هاٿا، جادو، جاڙيجا، جهالا، جويا، جوڌا، راٺوڙ، جوجا، جٽ، ڪابا، ڪڇوٽيا، ڪروڊيا، خير، خولا، مهيڊا، مڪواڻا، مل، ماساني، مير، موهل، موري، نروان، پڌر، پرهياڙ، پالونيا، پرمار، پيسرو، پوراويا، رانا، راٺوڙ، راول، راور سولنڪي، سيڍال، سشوڏيا، سوڍا، سودريا/ سدريا، سؤ جاتريا، سونگد، سُرچا، سوور، ٽينڪ، ٽينٽول، ٺوڪيا، ٽؤر، واڍيل، ودواسيا، واگهيلا، ويش، واجا، والا، وملا، وينول، ورم، ويجولا، ويرپُورا سولنڪي، ادوت ۽ اُما وغيره.
راجپوت اصل ۾ ڪشتريه (کتري) طبقي جو موجوده نمائنده نسل آهي. ماضيءَ جي ڪجهه ڏهاڪن کان هن قبيلي پاران ٻين حڪمران گهراڻن، ڪولهين ۽ ڀيلن مان شادين سبب راجپوت قبيلي جي اصل سڃاڻپ ختم ٿي چڪي آهي. راجپوت قبيلي چوٿين صدي عيسويءَ ۾ هندستان تي حملو ڪيو هو. هن قبيلي جو شمار بهادر ۽ ويڙهاڪ قبيلي طور ٿيندو اچي، ان ڪري کين ’کتري‘ جو نالو ڏنو ويو. هندستان ۾ حملي بعد راجپوتن راجپوتانه کي پنهنجي حڪومت جو مرڪز بڻايو. راجپوت عام طرح موروثي طور بهادر سپاهين، جاگيردارن ۽ زميندارن طور سڃاتا وڃن ٿا. منجهن نوڪري ڪرڻ جو رجحان تمام گهٽ ٿو ڏسجي. راجپوتن جا ٻه گروهه گراسياس (Garasias) ۽ تلوڪ درس (Talukdars) وڏين رياستن جا مالڪ رهيا آهن. گجرات ۾ آباد راجپوتن جي اڃا تائين اڌ کان وڌيڪ گجرات تي گرفت آهي. راجپوت مرد جسماني طور سگهارا ۽ قدآور ٿين ٿا. اهي گهڻو ڪري خوبصورت ۽ تکي نڪ نقشي جا مالڪ آهن. سندن نڪ سڌو ۽ ڪنڍيارو، اکيون وڏيون، چمڪدار ۽ اکين جي پتلين جو رنگ عام طور ڪارو ۽ وات ننڍو هوندو آهي. سندن عورتون به خوبصورت رنگت ۽ سهڻن نقشن جون حامل آهن. راجپوت گهراڻي جون عورتون جاذب نظر، پنهنجي سار سنڀال ۽ خوبصورتيءَ کي قائم رکڻ لاءِ مشهور آهن. خوبصورتيءَ سان گڏ سندن بهادري به مشهور آهي. هڪ روايت موجب چتوڙ جي جنگ دوران راجپوت عورتون پنهنجي عزت ۽ ناموس بچائڻ لاءِ ٻرندڙ باهه ۾ ٽپي پيون هيون. گجرات ۾ رهندڙ راجپوتن جي ٻولي گجراتي آهي، جڏهن ته ڪڇ جي جاڙيجا راجپوتن جي ٻولي ڪڇي آهي، جنهن جو لهجو هيٺينءَ سنڌ ۾ ڳالهائجندڙ لهجي سان تمام گهڻي مماثلت رکي ٿو. ان کانسواءِ ڪيترا راجپوت هندستاني ۽ مارواڙي پڻ ڳالهائيندا آهن..
راجپوتن جي ڪجهه مخصوص قبيلن کان سواءِ ٻين مڙني راجپوتن جو مذهبي عقيدو ۽ طور طريقا عام هندن کان مختلف نه ٿيندا آهن. راجپوتن جي اڪثريت ولڀ آچاريه ۽ رامانُج جي پرچار ڪيل ’وشنو نظريي‘ جي پوئلڳ آهي. ان کانسواءِ ڪجهه راجپوت گهراڻا شِوَ جي پوڄا به ڪندا آهن. مٿن سوامي نارائڻ جي پرچار جو گهڻو اثر ملي ٿو. ساڳئي وقت هندو راجپوت هندو ڌرم جي سڀني ديوتائن ۽ ديوين جي پوڄا ڪندا آهن، سندن گهرن ۽ ڪم جي جڳهين تي وشنو، شيوا، گڻپتي موريا، شري ڪرشن، سرسوتي، آشا پوري، نگ ماتا، منڏاوري، کوڙيار ماتا ۽ چمندا جون تصويرون/ مورتيون رکيل هونديون آهن، جن جي پوڄا ڪندا آهن. راجپوتن جي سنڌ ۾ رهندڙ ذاتين ۾ چوهاڻ، راوت، رانگڙ، باگڙي، راٺوڙ، جويا، مهر، سيال، کچي، ڍونڍي، ميڪڻ، تيوڻا، راٺي، اعواڻ، کوکر، ڪاٺيا، کڳا، ڏوگر يا ڏنگر، ٽڳا، پرهياڙ، چندر بنسي، راڻا، سوڍا، ٺاڪر، پنوار وغيره، سنڌ جي مختلف حصن ۾ رهن ٿا. مغل بادشاهه اڪبر جي هڪ گهر واري جوڌا ٻائي، ڀارمل (بهاري مل) راجپوت جي ڌيءُ هئي. سنڌ جا سومرا، سما، جويا ۽ ٻيون ڪيتريون سماٽ ذاتيون اصل ۾ راجپوت آهن. سنڌ جي نيم تاريخي داستان ’دودي چنيسر‘ ۾ سومرين جو ستيون ٿيڻ راجپوت روايت موجب هو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *