تازا ترين
  • *سکر: وفاقي حڪومت جون مھانگائي گھٽ ڪرڻ لاءِ دعوائون ڌوڙ، دال جو اگهه مرغي برار ٿي ويو *سکر: يوٽيلٽي ڪارپوريشن 200کان وڌيڪ شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي *سکر: ڪوڪنگ آئل 10 ليٽر تي 200 کان 250 روپين تائين اضافو *سکر: دال ماش جي في ڪلو قيمت 15روپين جي اضافي کانپوءِ 250 روپيا ٿي وئي*
  • *روهڙي: فرانس ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف ناموسِ رسالت ريلي ڪڍي وئي، سوين ماڻهو شريڪ *روهڙي: ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي فرانس حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي *
  • قومي اسيمبلي جي اجلاس مان اپوزيشن ميمبرز جو واڪ آئوٽ *قومي اسيمبلي جو اجلاس، اپوزيشن پاران ڪورم جي نشاندهي *اسان چاهيون ٿا ايوان کي رولز جي مطابق هلايو وڃي: نويد قمر *اسان کي ٻڌايو وڃي ته اسان ڪهڙي رولز جي خلاف ورزي ڪئي آهي: اسپيڪر*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ “ڪورونا کان ڊڄڻو ناهي وڙهڻو آهي” جي سلوگن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي*چيف جسٽس پاران اسلامڪ آڊيلوجي ڪائونسل جي تجويز ڪابينا ۾ پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار *عدالت وفاقي مذهبي معاملن واري سيڪريٽري اطلاعات کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو *وفاقي ادارن جي ماڻهن کي چئو ڪم ڪن يا وري نوڪريون ڇڏي هليا وڃن: چيف جسٽس*
  • *گهوٽڪي ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف ڊسٽرڪٽ بار جي سڏ تي عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ، احتجاج *گهوٽڪي: احتجاج سبب ڪو به وڪيل عدالت ۾ نه پيش نه ٿيو *پاڪستانين کي فرانس جي شين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي: اڳواڻ*
  • *مٺي: وڏو وزير مراد علي شاهه اڄ ننگرپارڪر پهچي ڪاليداس ڊيم جو افتتاع ڪندو*وڏو وزير ميرپورخاص ڊويزن جي چونڊيل نمائندن ۽ پ پ عهديدارن سان گڏجاڻي ڪندو*
  • *احتساب عدالت ۾ ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ کين ريفرنس تي ٻڌڻي*اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري اپيل داخل*بلال شيخ، عيدل شاهه راشدي سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش*
  • *ڪنڌڪوٽ ويجهو ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ ڌنار نينگر فوت *13ورهين جي الهيار قمبراڻي جو لاش سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي*
  • *حيات پتافي: ڪراچي روزگار لاءِ ويل نوجوان 8 ڏينهن کان گم، اغوا جو شڪ *شاهه رخ ڪراچي پورهئي لاءِ ويو هو، سندس ڪو ڏس پتو ناهي: پيءُ محمد علي منگي *ڪنهن سان ڪا دشمني ناهي، شڪ آهي ته پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي: پيءُ*
  • *اسلام آباد: صدارتي ريفرنس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ٻين جي نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي *عدالت درخواستگذارن جي درخواست منظور ڪري ورتي *درخواستگذارن ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي اپيل داخل ڪرائي هئي*

راجسٿان جتي سنڌي ثقافت جو اھڃاڻ موجود آهي …روشن داس

ڀارت جي ٻيو نمبر وڏي رياست راجسٿان، ڀارت جي الهندي حصي ۾ -3º23 کان اتر 12- º30 اتر ويڪرائي ڦاڪ جي وچ ۾ ۽ 30- º69 کان وٺي 17- º78 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا موجب راجسٿان جي ايراضي اٽڪل 3 لک 42 هزار چورس ڪلوميٽر اتر اولهه ۾ پکڙيل آهي. هن خطي ۾ راجپوتن جي حڪومت لڳ ڀڳ هڪ هزار سالن تائين رهي. راجسٿان ۾ راجپوت حڪمرانن پنهنجي عظمت برقرار رکڻ لاءِ وڏا وڏا قلعا ۽ يادگار ٺهرايا هئا. چتور ڳڙهه، جوڌپور ۽ جيسلمير ۾ موجود اُهي قلعا ڏسڻ وٽان آهن. راجپوت حاڪمن وڏن وڏن بادشاهن آڏو به آڻ نه مڃي ۽ خودمختيار پرڳڻي جي حاڪمن طور سموري علائقي تي حاوي رهيا. هتي ٻڌ ڌرم جو پرچار به ڪامياب نه ٿيو. راجپوتن جو ظهور گپتا سلطنت جي پڄاڻيءَ بعد ٿيو، اهو ڇهين ۽ ستين صديءَ عيسويءَ وارو عرصو هو. راجسٿان جي اترئين سرحد هرياڻا سان اوڀارين سرحد اتر پرديش سان، ڏکڻ اوڀر ۾ مڌيه پرديش، ڏکڻ اولهه سرحد ۽ گجرات سان ۽ الهندي سرحد پاڪستان سان ملي ٿي، جيڪا 1070 ڪلوميٽر ڊگهي آهي. راجسٿان جي الهندي حصي ۾ ٻه وڏا ضلعا ٻاڙمير ۽ جيسلمير واقع آهن، انهن ٻنهي ضلعن جي سموري الهندي سرحد سنڌ سان مليل آهي. هنن ضلعن جي اتر ۾ وري بيڪانير ۽ گنگا نگر ضلعا آهن، جن جون سرحدون پنجاب سان لڳن ٿيون. ٻاڙمير ضلعي سان لڳندڙ حصو ڪڇ (گجرات) آهي.
ورهاڱي کان اڳ راجسٿان جو الهندو حصو ٿرپارڪر (سنڌ) سان جڙيل هو، ورهاڱي سبب سنڌ ۽ راجسٿان جا سوين خاندان سرحدن ۾ ورهائجي ويا، پر ان هوندي به ڀارت وارن ويجهن علائقن ۾ اڄ به سنڌي تهذيب ۽ ثقافت زنده آهي. هتان جا رهاڪو اڄ به پاڻ کي سنڌي سمجهن ٿا ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ڍاٽي/ڍاٽڪي لهجو توڙي سنڌي لهجو ڳالهائين ٿا. ڍاٽ پرڳڻي جي ڍاٽي، گجراتي ۽ مارواڙي زبانن ۾ ڪيترا سنڌي لفظ مروج آهن ۽ اهو ميلاپ فطري آهي، ڇاڪاڻ ته ٿرپارڪر کان جوڌپور، پالڻ پور توڙي ڪڇ جا ڪجهه وارياسا علائقا سنڌ جي بدين ۽ ٽنڊي باگي تعلقن سان جڙيل آهن. راجسٿان جاگرافيائي لحاظ کان سڌن ميدانن، مٿانهن پٽن، واريءَ، جبلن، تلائن، ندين، نالن، وڻن ٽڻن، باغن ۽ ٻنين سان ڀرپور علائقو آهي. هن علائقي جو الهندو حصو وارياسو/ ريگستاني آهي، جتي ڪيترائي پهاڙ پڻ آهن. هن پرڳڻي جي بيهڪ وسيع ۽ الڳ الڳ حصن ۾ نظر اچي ٿي. هن جي اڀرندي حصي ۾ هر سال سراسري 25 س. م مينهن پوي ٿو، پر الهندي حصي ۾ برسات جي شرح گهٽجندي 10 س. م رهجي وڃي ٿي ۽ هتان جو گرمي پد º32 سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ٿئي ٿو. هن علائقي جي پسماندگيءَ جو مک ڪارڻ خشڪسالي ۽ برسات جي گهٽتائي آهي ۽ آمدرفت به گهٽ هئڻ ڪري هتي ترقي گهٽ ٿي آهي. هتان جي کوهن جي سراسري اونهائي 250 فوٽ آهي. راجسٿان ۾ مختلف تهذيبن ۽ ٻولين وارا ماڻهو آباد آهن، جهڙوڪ: اولهه ۾ راجسٿان ۾ سنڌي ۽ گجراتي ڳالهائي وڃي ٿي، پر هتان جي بنيادي زبان ’مارواڙي‘ سمجهي وڃي ٿي، جيتوڻيڪ راجسٿان ۾ اهڙي ڪابه هڪ ٻولي ناهي، جيڪا پوريءَ رياست ۾ رابطي جو وسيلو هجي، پر مارواڙ، راجسٿان جو خاص پرڳڻو هئڻ ڪري مارواڙي، آبادي ۽ ادب جي لحاظ کان ٻين ڀارتي ٻولين کان اڳڀري آهي. ڊاڪٽر ايل. پي. تيسيٽري ۽ ڊاڪٽر جارج گريئرسن، اولهه راجسٿان ۽ گجرات جي ٻوليءَ کي سورهين صديءَ تائين هڪ ئي مڃيو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر موتي لال مينارئي راجسٿاني ٻوليءَ کي الڳ الڳ ٻولين جي قسمن ۾ ورهايو آهي:
الهندي راجسٿاني: مارواڙي- ميواڙي، جنهن ۾ ڍاٽڪي/ ٿري بيڪانيري، شيکاوٽي، گوڊواڙي وغيره اچي وڃن ٿيون.
اتر- اڀرندي واري راجسٿاني: اهيرواٽي ۽ ميواٽي.
وچ اوڀر واري راجسٿاني: جنهن ۾ ڊونڍاڙي، هاڙهوتي، تيراوٽي، جئرپوري، ڪاٺوڙا، راجاوٽي، اجميري ۽ ناگرپال وغيره شامل آهن.
ڏاکڻي ۽ اڀرندي واري راجسٿاني: ان ۾ جنمالي ۽ مالوائي اچي وڃن ٿيون.
پهاڙي راجسٿاني: جنهن ۾ ڀيلي ٻولي شامل آهي.
سنڌ جي سرحد وٽ الهندي راجسٿان ۾ اڄ به مقامي ماڻهو چارڻ، توڙي مڱڻهار، جيڪي لوڪ داستان ڳائين ٿا، تن ۾: عمر مارئي، مومل راڻو، نوري ڄام تماچي، سسئي پنهون، لِيلا چنيسر، سورٺ راءِ گنگهار، هير رانجهو، سهڻي ميهار، بوبنا ڄام جراڙ ۽ جسماڻ اوڏڻ ۽ لاکو وغيره شامل آهن. انهن داستانن ۾ سنڌ جي پسمنظر، ثقافت ۽ تاريخ جا رنگ سمايل آهن. 1949ع ۾ متحده رياست مستيا ڀرت پور، الور، ڪرولي ۽ دولپور تي مشتمل علائقا راجسٿان ۾ شامل ٿيا ته راجسٿان ڀارت جو ٻيو نمبر وڏو پرڳڻو بڻجي ويو. هتي اراولي ٽڪرين جو سلسلو، اتر- اوڀر کان اتر- اولهه راجسٿان مان گذري ٿو. هن جي اوڀر طرف صحرائي علائقو آهي. اراولي رينج جبل 750 ميٽر اوچائيءَ ۾ آهن. سمنڊ جي سطح کان ڪٿي 100 ته ڪٿي 350 ميٽر بلندي اٿن. سڀ کان وڏي چوٽي گرو شِڪر 1721 ميٽر اوچي آهي، جيڪا مائونٽ ابو جبل جي چوٽي آهي. اراولي جابلو سلسلو راجسٿان کي ٻن مکيه ندين ۾ ورهائي ٿو، مڌيا پرديش جي چمبل ندي ۽ اتر طرف ونديا ندي. صحرائي علائقو جيسلمير، بيڪانير، ٻاڙمير ۽ چورو ضلعن تي مشتمل آهي. هيءَ ڀارت جي هڪ ثقافتي طور شاهوڪار رياست آهي، جنهن ۾ سنڌو سڀيتا جا اهڃاڻ پڻ موجود آهن. ويجهي ماضيءَ ۾ هندستاني سرڪار هن علائقي تي توجهه ڏئي هن کي سياحت لاءِ ترقي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
راجسٿان جي صحرائي علائقي مان ڪيترا پنڊپهڻ به لڌا ويا آهن، جن لاءِ اندازو آهي ته ٽي ڪروڙ سال اڳ جا آثار آهن. سياحن لاءِ به راجسٿان وڏي ڪشش جو باعث رهيو آهي، هتان جا رهاڪو آيل جو وڏو آڌرڀاءُ ڪن ٿا. سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ هتي گهڻي گرمي ٿئي ٿي، ڊسمبر کان مارچ تائين موسم خوشگوار ۽ سياحت لاءِ موزون هوندي آهي. راجسٿان جي آبادي هن وقت 7 ڪروڙن کان به وڌيڪ چئي وڃي ٿي، جن ۾ هندو 89 سيڪڙو ۽ مسلمان 7.28 سيڪڙو، جين ڌرم وارا 1.82 سيڪڙو ۽ سک 1.44 سيڪڙو آهن، جيڪي اڪثر گنگانگر ۾ آباد آهن. جوڌپور ۾ 1952ع کان هڪ خشڪ ايراضيءَ تي تحقيقي مرڪز قائم ڪري، نرالن قسمن جا ٻوٽا پوکيا وڃن ٿا، جيڪي دوائن ۾ به ڪم اچن ٿا. راجسٿان ۾ چئن قسمن جي موسم ٿئي ٿي.راجسٿان جا پراڻا ماڳ ڏسڻ وٽان آهن، هتان جي جوهر بازار پنهنجي خاص سڃاڻپ رکي ٿي، جتي ڪافي سونارڪا دڪان آهن. ان کانسواءِ سواري منارو، ڪپڙي جي باپو بازار ۽ پراڻي شهر ۾ ٺاهيل ’هوا محل‘ مشهور آهن. انهيءَ هوا محل ۾ ميوزم به ٺاهيو ويو آهي، محل جي ڇت تان وري جئپور شهر جو شاندار نظارو نظر اچي ٿو. اڻويهين صديءَ ۾ هتي چندرا محل ۽ مبارڪ محل ٺهرايا ويا هئا. محل ۾ ديوان عام ۽ خاص ديوان تي فارسي ۽ سنسڪرت تحريرون آهن. هتان جي سينٽرل ميوزم ۾ قديم شيون رکيل آهن. هتان جو نهرو پارڪ خوبصورت گلن سان سينگاريل آهي. راجسٿان ۾ ڀرت پور شهر ۾ پکين جو پارڪ به ڏاڍو مشهور آهي، جتي 354 قسمن جا مختلف پکي موجود رهن ٿا. الور شهر ۾ به سهڻا باغ موجود آهن. هتان جي جهنگلن ۾ شينهن ۽ هاٿي وڏي تعداد ۾ موجود آهن. هتان جا پراڻا هوٽل ۽ تاريخي مندر گهمڻ جهڙا آهن. هتان جا راج مندر ۽ گنگا مندر تمام گهڻو مشهور آهن. راجسٿان ۾ ڪيترائي وڏا گهراڻا ’راجا‘ سڏيا وڃن ٿا. ڪي شاهي خاندان وارا راجا سياست ۾ به سرگرم آهن. گهڻن پنهنجن محلن کي هوٽلن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ اڌيپور جي هوٽل ’ليڪ پيليس‘، جئپور ۾ ’اميد ڀوَن محلات‘ وغيره قابل ذڪر آهن.
راجسٿان ۾ موهن لال سکدايا يونيورسٽي، راجسٿان ايگريڪلچر يونيورسٽي، اُڌيپور يونيورسٽي، بيڪانير ۽ راجسٿان يونيورسٽي، جئپور قائم آهن. هن رياست جي معاشيات جو زراعت تي مدار آهي. هتي جَوَ، ڪڻڪ، مڪئي ۽ ڪپهه جي پيداوار گهڻي ٿئي ٿي. هتي ڪپهه جا ڪيترا ڪارخانا ۽ سيمنٽ فيڪٽريون قائم آهن. هتي دستڪاري جي صنعت به عروج تي آهي. قديم آثارن ۾ جيسلمير جو قلعو سياحت لاءِ ڪشش جو باعث آهي. ان کان سواءِ هتي مغلن ۽ هندن جا ڪيترا قديم آثار موجود آهن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *