تازا ترين
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

رابي پيرزاده سوشل ميڊيا تي تنقيد جو شڪار

موسيقي جي دنيا کي الوداع چوندڙ رابي پيرزاده پاران ملڪ ڇڏڻ جي اعلان کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻهير تنقيد جو شڪار ٿي وئي آهي، گذريل سال نازيبا وڊيو وائرل ٿيڻ بعد رابي پيرزاده موسيقي جي دنيا کي الوداع چيو هو ۽ پينٽنگ سميت ٻين مصروفين جي شروعات ڪئي، 9 جولاءِ تي هن ملڪ ڇڏڻ جو اشارو ڏنو،سوشل ميڊيا تي رابي پيرزاده پنهنجي پينٽنگز جي تصوير شيئر ڪندي ڀارتين کي پاڪستان کان بهتر قرار ڏنو ۽ دعويٰ ڪئي ته انهن ڪڏهن به هن خلاف گٿا لفظ ناهن ڳالهايا ايستائين جو هوءَ ڀارتين تي تنقيد ڪندي رهي آهي، هن لکيو ته سندس نامناسب وڊيوز پاڪستان هر هر اپلوڊ ڪن ٿا ۽ اهي وڊيوز مخصوص نمبرز تان ئي شيئرز ٿي رهي آهن، اڳوڻي گلوڪارا لکيو ته ماضي ۾ ڪشمير لاءِ ڀارت سان ويڙهه ڪئي پر ڀارتين ڪڏهن به برو ڀلو نه چيو ، رابي لکيو ته هر قابل شخص پاڪستان مان ڀڄي جان ڇڏائي ٿو، هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ هن پاڪستان ڇڏي ويل گلوڪار عدنان صديقي کي مينشن ڪندي لکيو ته ماضي ۾ پنهنجي سخت ڳالهين تي معافي وٺان ٿي.هن چيو ته پاڪستاني قوم ٽيلينٽ جو قدر ناهي ڪندي، ان ڪري آئون به جلد ئي ملڪ ڇڏي وينديس، جيڪڏهن ملڪ ڇڏي ويس ته سعودي عرب وينديس، جتي مڪي ۾ رهنديس، جڏهن ته عوام جي سخت ردعمل تي رابي پيرزاده پنهنجي ٽوئيٽس تي معافي ورتي ۽ پاڪستان کي پنهنجي دل ۽ جان قرار ڏنو، پر ان باوجود رابي پيرزاده تي تنقيد جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي، صارفين لکيو ته رابي قوم کي بيوقوف بڻائي رهي آهي، پهريان ملڪ ڇڏڻ جون ڳالهيون ڪري ٿي پوءِ وري معافي وٺي پاڪستان سان محبت جو اظهار ڪري ٿي ڇا ان جي ڳالهين تي يقين ڪيو وڃي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *