تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

ذڪر ھڪ سادن ڪردارن تي لکيل ناول “پير ڪامل” جو …شھر بانو ھاليپوٽو

مون 2004ع ۾ ھڪ ناول “پير ڪامل” پڙھيو ھو ۽ ان ناول جا سادا ڪردار اڄ به منهنجي ذھن ۾ گھمي رھيا آھن، عميرہ احمد جو لکيل ھي اردو ناول 500 صفحن تي مشتمل آھي، ھي ناول نفسيات جي حوالي سان ھڪ شاهڪار ناول آھي. ھن ناول جو مک ڪردار امير خاندان جو ھڪ ڇوڪرو آھي، جنھن جو نالو سالار سڪندر آھي، سالار سڪندر جي ننڍپڻ کان ئي ھر خواهش وقت سر پوري ٿيندي آھي، سالار کي ھڪ سوال هميشه پريشان ڪندو آھي ته خوشي ڇا آھي؟ ڏک ڪھڙي بلا جو نالو آھي، خوشي ڪيئن محسوس ڪبي آھي، ڏک جي تڪليف ڪيئن محسوس ڪجي. ھڪ دفعي سالار پنھنجي ٻانهن جي رڳ ڪٽي، تڪليف محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، گھر وارن کيس تڪڙ ۾ اسپتال پھچرائي، ڪٽيل رڳ جي مرھم پٽي ڪرائي، پوءِ وڃي سڪون جو ساھه کنيو، مطلب ته سالار پاڻ کي تڪليف پهچائڻ جا نوان نوان رستا پڻ ڳوليندو ھو، سالار جي خودڪشين ۽ عجيب غريب حرڪتن تي سالار جو ڪٽنب پريشان رھڻ لڳو، سالار کي خوش رکڻ لاءِ مختلف تقريبون به ٿينديون رھيون ۽ سالار کي سندس خاندان وارن ھڪ مهانگي ڪمپنيءَ جي ڪار پڻ وٺي ڏني، آھستي آھستي سالار کي ان ڪار سان لڳاءُ پڻ ٿي ويو.
ناول جو ٻيو ڪردار اميما آهي، اميما کي اکين جو ڊاڪٽر ٿيڻ جو جنون هوندو آھي، ھڪ ڏينهن اميما جي ڪنن تي ھڪ خوبصورت نعت رسول جو آواز پئي ٿو، جيڪو آواز کيس گهڻو متاثر ڪري ٿو، اھو آواز ھو جلال نالي ھڪ نعت خوان جو. جلال ناول جو ٽيون ڪردار آھي، اميما ۽ جلال جي وچ ۾ مختصر ملاقاتون پڻ ٿين ٿيون، اميما کي جلال جون ملاقاتون ھڪ سچو مسلمان ڪري ڇڏين ٿيون، جيڪا ڳالھه اميما جي خاندان کي بلڪل ئي نٿي وڻي. اميما ۽ سالار شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وڃن ٿا، شاديءَ کان پوءِ اميما ۽ سالار جي وچ ۾ هزارين مسئلا اچي وڃن ٿا، شاديءَ کي سال ئي نه گذريا ته اميما ۽ سالار جو معاملو طلاق ۽ڪورٽ تائين وڃي پهتو. سالار اوچتو، بنا ڪم جي پنهنجي پسنديده ڪار ۾ چڙهي شھر کان ٻاهر هليو ويو، شام ٿيڻ تي رستي ۾ کيس ڦورو ڦري اچن ٿا جيڪي سالار کان ڪار، پيسا، واچ، سيل فون ، منڊيون، لاڪيٽ ته ڦر ڪن ئي ٿا، پر سالار جا ھٿ پير ٻڌي، سندس وات ۾ رسو وجھي کيس ھڪ سنسان جڳھه تي اڇلائين ٿا، رات جو وقت سنسان علائقو، ڪتن جون ڀونڪ ۽ ٻين خونخوار جانورن جا آواز ٻڌي سالار پاڻ کي موت جي ويجھو محسوس ٿو ڪري، اٺن ڪلاڪن جي محنت کان پوءِ کولڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو، ڪيئن به ڪري ھو شھر تائين پھچي ٿو، گھر وارا کيس اسپتال داخل ڪرائين ٿا. اسپتال مان نڪرڻ کان پوءِ سالار قرآن پاڪ جو ترجمو پڙھڻ سان گڏ، ٻيا مذهبي ڪتاب پڻ پڙھي ٿو، سندس فئملي اھڙي تبديليءَ تي حد کان وڌيڪ خوش ٿئي ٿي، سالار ان وچ ۾ اميما سان پڻ ويجھو ٿي وڃي ٿو ۽ سالار وري اميما کي حج به ڪرائي ٿو.
ھي ناول سادن ڪردارن تي لکيل ھڪ بهترين ناول آھي، جيڪو پڙھڻ کان پوءِ اڌ ۾ ڇڏڻ تي دل ئي نٿي چئي، مان چاهيان ٿي ته ھھڙن سادن ۽ ننڍڙن موضوعن تي سنڌيءَ ۾ به ناول لکيا وڃن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *