تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ذڪر ڪجي سعادت حسن منٽي جو ! ….عذير عابد

مشھور فلاسافر برٽينڊ رسل لکيو آ: جڏھن به مان ڪنھن موضوع تي لکڻ چاھيندو آھيان ته پھريان ڪجھه ڏينھن شدت سان ان موضوع تي سوچيندو آھيان ‘ مان ڪجھه ڏينھن کان سعادت حسن منٽو جي باري ۾ لکڻ پئي چاھيو ۽ ان بابت سوچيم پر سائين مڪمل طرح ڪنھن ڳالھه تي ڌيان ٽڪائي سگھڻ ھر ماڻھو جي وس ۾ نه آھي ـ بھرحال اڄ نه سعادت حسن منٽو جي سالگرھ آ ۽ نه ئي ھن جي ورسي ,پر پاڻ عظيم ماڻھن کي صرف سالگرھ يا ورسي تي ياد ڪرڻ واري روايت کي ٽوڙيندي اڄ اردو ادب جي ھڪ بھترين افسانا نگار سعادت حسن منٽو جو ذڪر ڪنداسين ـ
مشھور ڳالھه آھي ته اھي ماڻھو جيڪي پٺتي پيل سماجن کان الڳ ٿلڳ ھوندا آھن اھي انهن مدي خارج سماجن کان مٿانھان ڪردار ھوندا آھن ۽ اڪثر غير معمولي ماڻھن سان اھا ڳالهه لاڳاپيل آھي منٽو سميت سموري دنيا جا بھترين ليکڪ ۽ ڏاھا ان خيال جا قائل آھن ته توھان ميووي کي ڪڏھن به تبديل نٿا ڪري سگھو جيسيتائين وڻ کي تبديل نٿا ڪريو ـ يعني صرف ڪن ڳالھين کي درست ناھي ڪرڻو پر براين ۽ عيبن کي وڏيون وبائون سمجھي بنا ڪنھن ھٿرادو مھذبپڻي جي لحاظ رکڻ جي توھان کي انھن ڳالھين تي سرعام ۽ چٽو موقف رکڻو آهي ـ بھرحال اسانجو الميو ھي آهي ته: اسان ھن سماج ۾ رھندڙ ماڻھن جي زرخيز زمينن ۾ بھترين نظرياتي ۽ فڪري ٻج پوکڻ ڇڏي ڏنا آھن ته ماڻھن جي ذھنن جي زمين تي ڪنڊا ۽ ڊڀ ڦٽڻ لڳا آھن ان جي باوجود اسان required يا desired result يعني پنھنجي من پسند نتيجن اچڻ جو انتظار ٿا ڪيون، ان لاءِ ڪم ڪرڻ بنا پر سعادت حسن منٽو جھڙا عجيب ليکڪ ماڻھن جي ذھنن ۾ پنھنجي تحريرن جي ذريعي بھترين اناج پوکڻ گھرندا آھن ـ ھو چوندا آھن: يعني سماجي روايتن ۽ ھٿرادو ٺاھيل غيرتن ۽ عزتن کي وساريو ـ تنھنڪري منٽو ھن سماج کي بھتر بڻائڻ لا براين تي لکيو ـ ھن چاھيو پئي ته ھي سماج خوشحال ٿئي ان لاءِ ھن بدحالن تي لکيو ـ ھن لکيو ته تلخ ۽ تاريخي حقيقتون پر افساني جي صورت ۾ ھـن چاھيو پئي ته اھڙو سماج اڏجي جنھن ۾ ڪو به ماڻھو مايوس نه ھجي تنھن ڪري ھن جا سڀ ڪردار توھان کي مايوس نظر ايندا آھن ڪن سان معاشي معاملا ھوندا ته ڪن سان وري جنسي ـ ھن جي ڪھاڻي خودڪشي ۾ ب ته ھڪ وسامندڙ اميد جا ڪرڻا پسي سگھجن ٿا.
منٽو جيڪو ڪجھه لکيو اھو ھن جي اندر جو احساس ھو توڙي جو ھن وقت منٽو کي تمام گھڻي شھرت ملي آھي پر ھن جي تحريرن جو گھرو اڀياس ڪرڻ کانپوءِ ھن لا اھو نٿو چئي سگھجي ته شھرت يا عزت ڪمائڻ لاءِ ھن اھي افسانا لکيا ھئا ڇاڪاڻ ته انھن ۾ ھڪ گھرو درد آ جيڪو ھن جي اندر جو آواز ھو ,ھن جي وجود ۾ ھڪ نفرت ھئي ڪوڙ کان ,بي ايماني کان ,ٻيائي کان ۽ ڪوڙين عزتن ۽ شرافتن کان ھن کي ان وقت مڪمل طرح رد ڪيو ويو ھو ـ سڀ کان اھم ڳالھ اھا آ ته منٽو جي لکڻين ۾ چٽيل غم رواجي نه آھي ۽ نه ئي ھن جو انداز رواجي آ
ٿامس ڪرلائل لکيو آ :
Our sorrow is the inverted image of our noblenes”
(اسانجو ڏک اسانجي عظمت جو ابتو عڪس آ)) ـ توھان جي غم مان ئي توھانجي عظمت جي خبر پوي ٿو ـ عظيم ماڻھن جا اپنايل غم به عظيم ھوندا آھن ,اھي رواجي نه ھوندا آھن ـ منٽو سماج جي سمورن عيبن کي پنهنجو غم سمجھو ۽ ھميشه ان غم تي لکندو رھيو ـ اسان کي ھن وقت ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته اسان ھن جي ڪھاڻين جو مطالعو ڪيون ۽ اھڙو سماج اڏڻ ڏانھن وک وڌايون جنھن ۾ اھي سڀ برايون ن ھجن جيڪي ھن پنھنجي لکڻين ۾ محفوظ ڪيون آھن ـ

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *