تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

دِي ورلڊ اڪيڊمي آف سائنس فار اسڪالرشپ … ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو

هي اسڪالرشپ پراجيڪٽ ڪنهن ٻئي نه پر پاڪستان جي نوبل لاريٽ ڊاڪٽر عبدالسلام جي ڪوشش سان شروع ٿيو، هن اسڪالرشپ جو بنياد ڊاڪٽر عبدالسلام جي ڪوشش سان 1983ع ۾ پيو کيس ان پروگرام جو باني به چيو وڃي ٿو. ،هن اسڪالرشپ اڪيڊمي جو مقصد غريب ملڪن ۾ سائنس، انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي تعليم تي ڌيان ڏيڻ ، ان لاءِ موقعا پيدا ڪري ڏيڻ آهي، ته جيئن ڄاڻ ۽ هنر سان غريب ملڪن مان غربت ۽ صحت جا مسئلا حل ڪيا وڃن ٿا. بنيادي طور تي هي اسڪالرشپس ترقي پذير ملڪن ۾ سائنس جي ترقيءَ لاءِ ڏنيون وڃن ٿيون.ان سلسلي ۾ سڀ کان پهرين ترقي يافته ملڪن مان اٽلي ۽ ترقي پذير ملڪن جي ڪجهه سائنسدانن،ڊاڪٽر عبدالسلام سان تعاون ڪيو.اهم ڳالهه ته اٽلي جي سائنسدانن پنهنجي حڪومت کي آماده ڪيو، جنهن کان پوءِ اٽلي جي حڪومت به هن پراجيڪٽ ۾ دلچسپي ڏيکاري. هن تنظيم جو هيڊڪواٽر اٽلي ۾ ئي رکيو ويو. هن تنظيم جو افتتاح يونائيٽد نيشن جي سيڪريٽري جنرل 1985ع ۾ ڪيو. هن تنظيم جو نالو شروعات ۾ ”ٿرڊ ورلڊ اڪيڊمي“ رکيو ويو هو، جنهن ۾ ان وقت 42 فيلو ميمبر ٿيا، جن ۾ 9 نوبل انعام يا فته سائنسدان به شامل هئا. هاڻي هن تنظيم ۾ 1176 فيلوز آهن جيڪي 90 مختلف ملڪن سان لاڳاپيل آهن، جن مان 14 نوبل انعام حاصل ڪندڙ سائنسدان به آهن، تقريباَ 85 سيڪڙو فيلوترقي پذير ملڪن مان آهن ۽ باقي ترقي يافته ملڪن جا آهن. هن اڪيڊميءَ ۾ سڀ سائنس جا ماهر شامل آهن جن جي ڪم جو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي گهرو اثر آهي. هن وقت هن اڪيڊمي جا ٽوتل 1262 فيلوميمبر آهن، جن جو تعلق سئو کان وڌيڪ مخلتف ملڪن سان آهي.
ساليانو ملندڙ اسڪالرشپس ۽ فيلوشپس
دِي ورلڊ اڪيڊمي آف سائنس فار اسڪالرشپ طرفان ترقي پزير ملڪن جي اسڪالرس لاءِ ساليانو 600 کان وڌيڪ اسڪالرشپ آفر ڪيون وڃن ٿيون. جيڪي پي ايڇ ڊي توڙي پوسٽ ڊاڪٽرل ريسرچ پرگرامس لاءِ دلچسپي رکندڙ شاگرد توڙي اڪيڊميشنس ۽ ريسرچرس حاصل ڪن ٿا، ان کان علاوه ترقي پزير ملڪن جي ريسرچ گروپس کي به ضرورت مطابق الڳ سان مالي امداد ڏني وڃي ٿي. مجموعي طور هي تنطيم هلائڻ جي ذميواري تواس ڪائونسل جي آهي جنهن جا ميمبر ٽن سالن لاءِ منتخب ڪيا وڃن ٿا. هن تنظيم جو سيڪريٽريٽ اٽلي جي شهر Trieste ۾ آهي، جنهن کي ڪيمپس آف عبدالسلام انٽرنيشنل سينٽر فار ٿيوريٽيڪل فزڪس (ICTP) چيو وڃي ٿو. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪيمپس جي نگراني ۾ هي سينٽر پنهنجو ڪم ڪري ٿو. جنهنکي اڪيڊمڪ ڪائونسل منتخب ڪري ٿي. اٽلي جي سينٽرل ڪيمپس کان علاوه پنج مختلف ريجنل آفيسون به آهن، جن ۾ اليگزينڊريا مصر، Rio de Janeiro برازيل، بيجنگ چائنا، پريٽوريا سائوٿ آفريقا، ۽ بينگلور انڊيا شامل آهن.
هڪ معاهدي تحت يونيسڪو کي هن اڪيڊمي جي نگراني جي ذميواري به سونپيل آهي، جيڪا فنائنس ۽ هيومن ريسورس جي معاملن بابت تواس ڪائونسل ۽ اٽلي جي حڪومت سان گڏ ڪم ڪري ٿي. جي ائين کڻي چئجي ته هاڻ هي ڪائونسل يونيسڪو جي هڪ يونٽ طور ڪم ڪري ٿي ته غلط نه ٿيندو. هن اداري کي فنڊنگ مختلف نوبل لاريٽس، فيلوز ۽ يونيسڪو کان علاوه اٽلي حڪومت ڏيئي ٿي، جنهن لاءِ اٽلي حڪومت پارليامينٽ مان قانون پاس ڪري فنائنشل ڪنٽريبيوشن جي ذميواري کنئي آئي. ان کان علاوه مختلف ادارن طرفان به هن تنظيم کي مختلف وقتن تي فنڊنگ ڏني وڃي ٿي، جنهن ۾ ورلڊ بينڪ کان ويندي اسلامڪ ڊولپمينٽ بينڪ ، سوئيڊش ڊولپمينٽ ڪارپوريٽ ايجنسي، وغيره ۽ بين الاقوامي طور تي مشهور ماڻهو به شامل آهن.هن ئي اسڪالرشپ تي پاڪستان جا ڪيترائي شاگرد مختلف ملڪن مان ڪيتريون ئي ٽرينگنس، توڙي ڊگريون ڪري آيا آهن. جن ۾ سنڌ يونيورسٽي جا به ڪيترائي نوجوان شامل آهن، جن مان سنڌ يونيورسٽي جي جيولاجي شعبي جا ٻه ڊاڪٽر اختر مرکنڊ، ڊاڪٽر عبدالشڪور مستوئي هن اسڪالرشپ تي چائنا مان پڙهي آيا آهن.هيءَ اسڪالرشپ ملائشيا جي ڪجهه يونيورسٽين ۾ به انائونس ڪئي وڃي ٿي، تواس تنظيم جي تعاون سان جيڪا ملائشيا جي يونيورسٽين ۾ پڙهڻ لاءِ ٻين ملڪن جي شاگردن کي ڏني وڃي ٿي، جنهن لاءِ گذريل سال يونيورسٽي ملايا ۾ ڏني وئي، ۽ هاڻي وري يونيورسٽي سائنس ملائيشا ۾ انائونس ٿي آهي.هن ئي اسڪالرشپ تي يونيورسٽي سائنس ملائشيا ۾ محمد بخش نظاماڻي پي ايڇ ڊي ڪري چڪو آهي. هن اسڪالرشپ تحتٽيوشن فيس، رهائش سميت ماهوار 1200 ڊالر به ڏنا وڃن ٿا. هي اسڪالرشپ تواس تنظيم طرفان دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ تمام بهترين پروفيسرنوٽ پي ايڃ ڊي يا ماسٽرس ۽ ڪجهه مختصر وقت جي ڪورسس ڪرڻ لاءِ ڏنيون وڃن ٿيون.هن اسڪالرشپ کي حاصل ڪرڻ ۾ تمام وڏو مقابلو ٿئي ٿو جو ترقي پزير ملڪن بشمول ايشيا ۽آفريقاتائين جا شاگرد اپلاءِ ڪن ٿا.هن اڪيڊمي جي ويب سائيٽ هي https://twas.org/ آهي. جنهن تي سموري معلومات ڏنل آهي. هيٺ هن اڪيڊمي طرفان سائنس جي حوالي سان مختلف وقتن تي ريسرچ گرانٽس، پرائز ۽ ايوارڊس، فيلوشپس انائونس ٿينديون رهن ٿيون. هن وقت به مختلف فيلوشپس ۽ ٽريننگس انائونس ٿيل آهن، جن لاءِ درخواست ڏيڻ جي آخري تاريخ 1 آڪٽوبر آهي. ان لاءِ مٿين ذڪر ڪيل ويب سائيٽ تي معلومات ڏسڻ گھرجي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *