تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ نئين نفسياتي بيماري ئيسوليشن ڊس آرڊر…! ….مشتاق سعيد

ڪورونا وائرس جي عالمي وبا سبب دنيا جي لکين ماڻھن کي گھرن تائين محدود ڪري شھرن ۾ لاڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آھي جنھن سبب ماڻھن ۾ نفسياتي مونجھارا وڌي رھيا آھن ان ڏس ۾ عالمي خابرو ادارن پاران جاري ڪيل رپورٽن موجب دنيا ۾ گھريلو تشدد ۽ طلاقن جو رجحان وڌي رھيو آھي سڀ کان وڌيڪ چين جي جوڙن طلاق لاءِ لاڳاپيل فورمز سان رابطو ڪيو آھي جڏھن ته رپورٽن موجب دنيا ۾گھريلو تشدد جي واقعن ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو آھي انگ اکرن موجب چين جي صوبي ھوبي ۾ گھريلو تشدد جا 90 سيڪڙو وڌيڪ واقعا رپورٽ ٿيا آھن برازيل ۾ 40 سيڪڙو وڌيڪ ۽ اٽلي ۾ گھريلو تشدد جا 30 سيڪڙو وڌيڪ واقعا رپورٽ ٿيا آھن ساڳي طرح سنڌ جي مدئجي شھر ۾نوجوان اوشاق ابڙو لاڪ ڊائون کان بيزار ٿي پاڻ تي فائر ڪري آپگھات ڪيو ٽنڊي غلام حيدر ۾ انور لغاري لاڪ ڊائون ۽ بي روزگاري کان تنگ ٿي زھر پي ڇڏيو ۽ پنجاب جي ليه شھر ۾ آئيسوليشن ۾ رکيل تبليغي ھمراھ ايس ايڇ او تي چاقو سان حملو ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو.
برطانوي رسالي پاران تازو شايع ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته دنيا جي ماھرن خبردار ڪيو آھي ته لاڪ ڊائون، ڪورونا جي خوف ۽ سيلف آئيسوليشن سبب ماڻھن ۾ نئين نفسياتي بيماري پيدا ٿي رھي آھي جنھن کي `آئيسوليشن ڊس آرڊر´ چئي سگھجي ٿو ھن بيماري جي وڌڻ سبب دنيا ۾ صورتحال خطرناڪ ٿي سگھي ٿي ۽ ماڻھن ۾ گھريلو تشدد ۽ طلاق جي رجحان بعد خودڪشين جو رجحان پڻ وڌڻ جو امڪان آھي، ماھرن پاران ڪورونا جي مريضن لاءِ جوڙيل ڪورنٽائين سينٽرز تي مريضن جي ڪائونسلنگ ڪرڻ لاءِ نفسياتي ماھرن کي مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آھي پرڏيھي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته آئيسوليشن ڊس آرڊر جا معاشري تي ناڪري اثر پوڻ جو امڪان آھي ان ڪري مريضن ۽ ساڻن لاڳاپيل ماڻھن جي نفسياتي ڪائونسلنگ ڪرڻ ضروري آھي ان لاءِ نفسياتي ماھرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ گھرجن.
ماھرن جو چوڻ آھي ته تنھائي يا آئيسوليشن سبب ڪجھ ماڻھو ذھني دٻاءُ ۽ نفسياتي مونجھاري جو شڪار ٿي ويندا آھن اھڙن ماڻھن جي نفسياتي ڪائونسلنگ ضروري آھي ٻي صورت ۾ ھي نفسياتي بيماري معاشري لاءِ وڌيڪ پيچيدگيون پيدا ڪري سگھي ٿي ماھرن موجب دنيا جي تاريخ ۾ اڳ ۾ به وبائي بيماريون پکڙيون آھن فرانس جي حڪومت ٻي عالمي جنگ بعد سامونڊي ڪنارن تي ڪورنٽائين سينٽرز ٺاھڻ جو بنياد وڌو ھو لاڪ ڊائون ۽ سيلف آئيسوليشن اڳ ۾ به دنيا ۾ ٿيندي رھي آھي پر ان وقت دنيا جي آبادي گھٽ، رابطي جا ذريعا محدود ۽ سماجي زندگي جا شعبا گھٽ ھجڻ ڪري ماڻھن ۾ اھڙا نفسياتي مونجھارا گھٽ پيدا ٿيندا ھئا ھن وقت مصروف زندگي دوران آئيسوليشن ڊس آرڊر خودڪشين، چڙ، بيزاري ۽ مارا ماري جھڙا خطرناڪ نتيجا ڏئي سگھي ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *