تازا ترين
  • *ڪوئيٽا: ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جا ڪيس وڌي رهيا آهن: وزيراعظم *ڪورونا کان بچڻ لاءِ بلوچستان حڪومت اثرائتا قدم کڻي رهي آهي: عمران خان * مختلف ملڪن ۾ هن وقت لاڪ ڊائون ختم ٿي رهيو آهي: عمران خان *
  • *اسلام ڪوٽ ويجهو نوجوان ناري جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ *ڳوٺ چوٿيو ڪولهي واسڻ ناري آنٻو زال موهن ڪولهي جو جهنگ مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو *لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسلام ڪوٽ منتقل، ناري اولاد نه ٿيڻ سبب پريشان هئي، پن لاهڻ جو بهانو ڪري جهنگ ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو: وارث *
  • *پنوعاقل لڳ ڪچي ۾ ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، پوليس ڪارروائي ڪندي سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو *ڳوٺ بکو مهر ۾ ميلائو مهر پنهنجي ڌيءَ واجده کي اياز عرف اجو مهر سان ڪاري قرار ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو *مقتولا جي ڀاءُ ادريس مهر کي گرفتار ڪري لاش اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي: ايس ايڇ او رضا ڳوٺ *
  • *ميرواهه گورچاڻي ۾ هاري گهرواري ۽ ماءُ تي زميندار جي تشدد خلاف ٿاڻي تي پهچي ويو *ڳوٺ کنڀڙي واسي هاري موهن ڪولهي زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي خلاف پوليس وٽ دانهيو *زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي قرض نه ڏيڻ تان منهنجي گهرواري ۽ ماءُ تي تشدد ڪيو: موهن ڪولهي *پوليس هاري کي تشدد جي تصديق لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ميرواهه گورچاڻي جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو *
  • *پاڪستان کي ڪورونا وائرس جو علاج ڳولڻ وارن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو * آمريڪي صحت کاتي جي دوائن واري لائبريري ايوب ميڊيڪل ڪمپليڪس ايبٽ آباد جي ٽيم کي اهل قرار ڏنو *25 مريضن جا 3 گروپ ٺاهي انهن تي ايٿرو مائيسين، ڪلورو ڪوئين ۽ روايتي طريقي سان علاج ڪيو ويندو:ڊاڪٽر عمر فاروق *
  • *ڪورونا وائرس بابت ٽوئيٽر تي 60 سيڪڙو ڄاڻ غلط شيئر ٿي رهي آهي:رپورٽ*
  • *ميرپورماٿيلو ڀرسان گهر ٻاهران راند ڪندي معصوم ٻارڙي واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت*
  • *لاڙڪاڻي ماڻ ٻيهر کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو 9 مهينن بعد آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *سکر جي قرنطينه ۾ وڌيڪ 56 مريض صحتياب ٿيا آهن، ٻيهر ٽيسٽ ڪليئر اچڻ بعد کين گهر موڪليو ويو آهي: صوبائي وزير*
  • *لاڪ ڊائون سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ راشن نه ملڻ خلاف پورهيتن طرفان احتجاجي مظاهرا*
  • *افغان حڪومت 100 طالبان قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو *گهٽ خطري وارن سئو قيدين کي آزاد ڪيو پيو وڃي:افغان حڪومت *
  • *سڄي سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي اڄ 18 ڏينهن به جاري، شاپنگ مالز، ننڍيون وڏيون مارڪيٽون توڙي پبلڪ ٽرانسورٽ مڪمل طور بند*
  • *پاڪستاني فوج فوري جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي ڊرون کي نشانو بڻائي هيٺ ڪرايو:آءِ ايس پي آر*
  • *ڀارت سرحدي ڀڃڪڙي کان نه مڙيو، پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو*
  • *خانپور جي ڪچي ۾ جوابدار ڪارنهن تهمت هيٺ پنهنجي زال ۽ پاڙيسري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو*

دنيا ۾ آيل وبائون ۽ ڪرونا وائرس….ڊاڪٽر ڪامران چانڊيو

ڪنهن به نه سوچيو هو ته دنيا ۾ اوچتو هڪ اهڙي وبا جو جنم ٿيندو جيڪا دنيا جي رنگينن کي بي رنگو ڪري ڇڏيندي ۽ هڪ پل لاءِ دنيا کي بريڪ لڳي ويندي، هوئن ته هن دنيا ۾ ڪيتريون ئي موتمار بيماريون دنيا جي ڪروڙين انسانن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏين ٿيون پر ماضي ۾اهڙين وبائن جو جنم پڻ ٿيو آهي جن پڻ دنيا جي انسانن ۾ اهڙو خوف ۽ حراس پکيڙيو هو جنهن کي اسان هڙئي منهن ڏئي رهيا آهيون پر اها ٻي ڳالهه آهي ته ان وقت دنيا ايتري ترقي يافته نه هئي جو دنيا جي هڪ ڪنڊ جون خبرون دنيا جي ٻي ڪنڊ ۾ پهچي سگهن،انهن بيمارين پڻ دنيا جي ڪروڙين انسانن جون زندگيون ڳڙڪايون.اڄ کان تقريبن سئو سال اڳ هن دنيا ۾ اهڙي وبا پکڙي جنهن تقريبن دنيا جي ساڍا پنج ڪروڙ ماڻهن کي موت جي ور چاڙهي ڇڏيو، ان وبا کي فرانسي وبا(Spanish flu ) چيو وڃي ٿو، اها وبا 1918 ۾ پکڙي ان جي باري ۾ اهو پڻ مشهور آهي ته هن وبا دنيا جي 75 سيڪڙو آبادي کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏيو هو، دنيا جا ماهر چون ٿا ته هي وبا فرانس مان پکڙي هئي ان ڪري هن تي اهو نالو پيو پر ڪي چون ٿا ته هي وبا چين مان پکڙي هئي پر هن وبا سبب دنيا جو پهريون ڪيس آمريڪا جي رياست ڪنساس ۾ ظاهر ٿيو هو هن وبا جي ڪري آمريڪا ۾ پڻ تمام گهڻو نقصان ٿيو هو ڪنهن اندازي موجب آمريڪا ۾ هن وبا سبب 7 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهوءُ فوت ٿيا هئا.
اهڙي ئي هڪ ٻي وبا جنهن کي ايشين فلو پڻ چيو وڃي ٿو سا پڻ 1957 ۾ اوڀر ايشيا مان ظاهر ٿي هئي جنهن ڪري ان کي ايسٽ ايشيا فلو جو نالو ڏنو ويو هن وبا پڻ دنيا ۾ انساني زندگي کي تمام گهڻو نقصان رسايو، هن وبا جي ڪري تقريبن ڏهه لک کان وڌيڪ ماڻهوءُ فوت ٿيا هئا ان کان علاوه هن بيماري آمريڪا ۾ پڻ تباهي مچائي ڇڌي هئي آمريڪا ۾ هن وبا سبب هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهوءُ موت جي ور چڙهي ويا هئا، ايشين فلو تي ڪنٽرول ٿيڻ کان پوءِ تقريبن ڏهه سال جي وٿي بعد آمريڪا ۾ هڪ ٻيو وائرس ظاهر ٿيو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ سڄي دنيا جي ڪاروهنوار کي ٺپ ڪري ڇڏيو هن وائرس کي هيومن وائرس سڏيو ويو جيڪو هڪ خاص قسم جي وائرس H3 N2 مان پکڙيو هو جنهن دنيا جي ڏهه لکن کان وڌيڪ ماڻهن کي موت جي گهري ننڊ سمهاري ڇڏيو ۽ ڪروڙن جي تعداد ۾ ماڻهوءُ هن وبا مان متاثر ٿيا هئا
مٿي ذڪر ڪيل وبائن هن دنيا کي هزارين سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو ۽ ڪروڙين انساني جانيون ڳڙڪائي ويون انهن عالمي انساني وبائن کان اڳ به اهڙيون ڪيتريون ئي وبائون انسانن کي موت جي ور چاڙهينديون رهيون آهن پر انسانن انهن تي پنهنجي مهارت ۽ رٿابندي سان ڪنٽرول ڪيو هن وقت به هڪ عالمي وبا هن دنيا جي گولي تي تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن کي نوول ڪرونا وائرس جو نالو ڏنو ويو آهي هن وبا سبب دنيا تمام گهڻي خوف ۾ متبلا آهي هي وبا چين مان پکڙي هئي جيڪا ڏسندي ڏسندي سڄي دنيا کي متاثر ڪندي هن وقت دنيا جي 192 ملڪن م پکڙجي چڪي آهي ۽ هن وبا سبب هن وقت تائين 14 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن 3 لک کان وڌيڪ ماڻهوءُ متاثر پڻ ٿي چڪا آهن پر ذڪر ڪيل وبائن ۽ هن وبا جو هڪ سادو سودو حل پاڻ کي بند ڪرڻ Isolate پڻ ٻڌايو ويو آهي ڇاڪاڻ ته هي وبائون انسانن مان انسانن ۾تيزي سان ڦهلجن ٿيو، جڏهن ته ڪرونا وائرس جي ويڪسين هن وقت تائين ٺهي نه سگهي آهي ان ڪري ضروري آهي ته احتياط ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هڪ وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *