تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

دنيا جي ڪوڙي ترقي جو ماسڪ روڙيندڙ وبا….ڊاڪٽر عرفانه ملاح

دنيا ۾ڪورونا وائرس جي تيزي سان پکيڙ ھڪ ته ترقي يافتا توڙي غريب ملڪن ۾ فرق کي وائکو ڪيو آھي ، ٻيو ته ترقي جي پيماني جي کوکلائپ پڻ واضح ڪئي آھي . ھن وقت ترقي يافتا توڙي غريب ملڪن ۾ صحت جي صورتحال لڳ ڀڳ ساڳي آھي . اسپتالن ۾ صحت جي بحران کي منھن ڏيڻ لاءِ گھربل شيون مثال طور دوائن ، وينٽيليٽرن کان وٺي ڊاڪٽرن لاءِ حفاظتي سامان جي کوٽ به ساڳي آھي . پوري دنيا ڏٺو ته اسپين ، اٽلي ، برطانيا ۽ آمريڪا ۾ ڊاڪٽرن ۽ صحت جي شعبي سان لاڳاپيل ٻين واسطيدار ن يعني نرسن ، پيرا ميڊيڪل ۽ صفائي واري عملي حفاظتي سامان نه ھجڻ جي رڙ پئي ڪئي . جتي مردان جي ھڪ ڊاڪٽر کي پلاسٽڪ جي ٿيلهي پائي چڪاس ڪندي ڏيکاريل فوٽو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو ته وڏو گوڙ ٿيو پر اتي ئي اھڙا فوٽو اسپين ۽ اٽلي جا به سامھون آيا جتي ڊاڪٽر ۽ نرسون گند اڇلائڻ وارين پلاسٽڪ جي وڏين ٿيلهين کي حفاظتي طور پائي اسپتالن ۾ ڪم ڪري رهيا هيا . مريض اسپتالن جي فرش تي ليٽيا پيا ھيا . اٽلي ۾ وري وينٽيليٽرن جي کوٽ ڪري ڊاڪٽر اها ھڪ حڪمت عملي جوڙڻ تي مجبور ٿيا ته صرف انھن مريضن کي وينٽ تي رکڻ گھرجي جيڪي جوان آھن . اھڙي چونڊ ڪرڻ پڻ انتها ئي ڏکيو ڪم آھي پر ميڊيڪل جي اخلاقيات ۾ اھڙي چونڊ جائز آھي ،زندگي تي جوانن جو وڌيڪ حق آھي ۽ اھڙي ئي ھڪ فيصلي جي آڌار تي اٽلي جي ھڪ پادري پنھنجو وينٽ ھڪ نوجوان جي زندگيءَ بچائڻ لاءِ ڏئي ڇڏيو ۽ ڪجهه ڏينھن کانپوءِ پادري الله کي پيارو ٿي ويو ۽ نوجوان بچي ويو ، مذھبي اڳواڻ دنيا جي ھر خطي ۾ معتبر سمجھيا وڃن ٿا ،تنھن ڪري ھڪ پادري کان وينٽ ھٽائي ڪنھن عام ماڻھو کي شايد اٽلي ۾ به نه لڳايو وڃي ھا، پر ھن پاڻ پنھجي لاءِ اھو فيصلو ڪيو . خدانخواسته جيڪڏهن پاڪستان جھڙي ملڪ ۾ اھڙو فيصلو ڪجي ھا ته نوجوان کي بچائجي ته پوري ملڪ ۾ طوفان اچي وڃي ھا ، پھرين ته ان کي اسلام دشمن، پوءِ فرقيواريت جو رنگ ڏنو وڃي ھا. ان سان گڏ ڊاڪٽرن بنا ٽي وي تي مذھبي اڳواڻ ۽ سياستدانن کي ويھاري مذاڪرو ڪرايو وڃي ھا ۽ ڊاڪٽرن کان وٺي حڪومتن جي اھڙي حالت ڪئي وڃي ھا جو وائرس ۽ زندگي جي اھميت تي ڳالهائڻ بدران ڳالھه ٻولھه جو رخ اھڙو بيھي ھا جو ماڻھن جو مذھب خطري ۾ پئجي وڃي ھا . لاڪ ڊائون کان وٺي راشن جي پھچ تائين ھر معاملي ۾ اهل ماڻهن بدران رڳو سياستدان ۽ مذھبي اڳواڻ ڳالهائيندا آھن.مثال طور بيماري جو ڦھلاءَ ڪيئن آهي ؟ پاڪستان ۾ واقعي ايترا ڪيس گھٽ آھن يا ڪي ٻيا سبب آھن ؟ اهي سوال ته ڊاڪٽرن کان پڇيا وڃن پر ھتي انھن معاملن تي به ڪو وزير يا مشير ئي پيو ڳالھائيندو آھي .
عالمي ميڊيا ۾ ڏسندو ته سي اين اين يا الجزيرا تي ھر وقت ماھر ڊاڪٽرن کان راءِ ورتي ويندي آھي ،خاص طور تي ان ۾ به اھڙا ڊاڪٽر جيڪي انفيڪشن وارين بيمارين جا ماھر آھن انھن جي راءِ کي اھميت ڏني ويندي آھي . پر ھتي ڪنھن کي خبر به نه ھوندي ته ڪھڙو ڊاڪٽر ڪھڙي مھارت پيو رکي . ساڳي طرح وري وائرس جي حوالي سان ڪنھن مائيڪرو بائلاجي جي ماھر جي راءِ جي اھميت آھي نه ڪي تر جي مولوي جي ، هتي وري ڪجهه ديني ماھر اھڙا بگڙ يل آھن جو رياست توڙي حڪومت رڳو انھن کي پرچائڻ ۾ پوري آھي ته ھو اھڙين حرڪتن کان پاسو ڪن جن سان وائرس پکڙجي ٿو . پر ھي ھمراھ ھٿن مان پيا نڪتا وڃن ۽ مڃڻ لاءِ تيار ئي نه آھن. ٻئي طرف ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ جڏھن لاڪ ڊائون جو اعلان ٿيو ته اتان جي ديني ماڻهن ان کي قانوني معاملو سمجھي عمل ڪيو. ھن وائرس جي حوالي سان پورو سماج وائڙائپ جو شڪار آھي ، عوام کي وبا جي بيرحمي جي باري ۾ حقيقي ڄاڻ ئي نه ڏني ويئي آھي، ته وبائون ڇا آھن ۽ دنيا ۾ ڪيئن اھڙيون وبائون آيون يا انھن جا اثر ڪيئن گھٽ ڪري سگھجن ٿا .
باقي جن وٽ پيئڻ لاءِ پاڻي نه آھي اھي ويهه سيڪنڊ ھٿ ڪيئن ڌوئيندا يا سينيٽائيزر ڪٿان آڻيندا. رڳو راشن تي اھڙي ھاءِ گھوڙا ٿي جو ٻيا معاملا پوئتي ڌڪجي ويا آھن. غربت جو ھڪ پيمانو بک آھي پر ان سان گڏ ٻيا به انيڪ پاسا آھن .غربت صرف سماجي ڏيک نه آھي ذھني پستي به ڪنھن ڪينسر کان گھٽ نه آھي . اهو بحث وري ڪنهن ٻئي ڀيري في الحال ته ھن وبا تي ٿا ڳالهايون . پھرين ته ھن وبا کانپوءِ ماڻھن کي اھا خبر پئي ته ملڪ ۾ صحت جي مجموعي صورتحال ڪھڙي آھي . پوري ملڪ ۾ جنھن جي آبادي ويهه ڪروڙ آھي ان ۾ ماڻھن لاءِ صرف ٽي ھزار وينٽيليٽر آھن مطلب ستن لکن ماڻھن لاءِ ھڪ وينٽيليٽر آھي . ساڳي طرح ميڊيا وسيلي ڪجهه اھڙا ڪوڙا خاڪا ماڻھن جي ذھنن ۾ جوڙيا وڃن ٿا ، جو بنا تحقيق جي ماڻهن جي گھڻائي يقين ڪرڻ لڳي ٿي. جيئن سنڌ ۾ اھو تاثر ڏنو ويو ته صحت جي معاملي ۾ پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگي سنڌ کان بھتر آھي، ان جي مقابلي ۾ سنڌ ۾ ڪاري وارا ڪک آھن . جڏھن ته انگ اکر ٻڌائين ٿا ته سنڌ ۾ ساڍيون چارسو سرڪاري اسپتالون آھن ته وري پنجاب جنھن جي آبادي ۽ صحت جي بجٽ سنڌ کان ٽيڻي آھي ان ۾ سرڪاري اسپتالون ساڍيون ٽي سو آھن . جن ۾ اسپيشلائيز بيمارين جو شعبو به شامل آھي جنھن ۾ دل ، گردن ۽ اکين جون اسپتالون شامل آھن . ھڪ ڳالهه پنجاب م بھتر آھي ته اتي صحت جو شعبو ٻن حصن ۾ ورھايل آھي ھڪ بنيادي صحت جو شعبو ٻيو خاص بيمارين ۽ ميڊيڪل يونيورسٽين جو. اسپتالن جي منصوبا بندي جي حوالي سان پنجاب وٽ صحت جي منصوبا بندي بھتر آھي جڏھن ته پنجاب کي وفاق جي بجٽ مان به ستر سيڪڙو حصو ملندو ھو . پر سنڌ ۾ وري گذريل ڏھن سالن ۾ خاص طور تي خاص بيمارين يعني دل ، گردن ، اکين ، ۽ جيري جي بيمارين جي حوالي سان سرڪاري سطح تي بھتر حڪمت عملي جوڙي وئي آھي . جنھن ڪري سنڌ ۾ صحت جي شعبي ۾ ھڪ سطح تي بھتري آئي آھي، پر ان کان پھرين اسان وٽ خاڪو اھو ھيو ته پنجاب بھتر آھي
ان سان گڏ ھن وبا کانپوءِ صحت ۽ سرڪاري اسپتالن اندر جيڪا ڪرپشن ۽ سفارشي ڀرتي آھي ان جون اوڻايون به پڌريون ٿيون آھن. اسپتالن جي مينجمينٽ جو شعبو مڪمل طور تي پبلڪ ھيلٿ جي اصولن کان وانجھيل آھي . سول بيوروڪريسي کي ھن سائنسي ۽ اسپيشلائيز يشن جي دور ۾ اھا ڄاڻ نه آھي ته ڪھڙي قسم جي مشينري ۽ دوائون يا ٻيون بنيادي پاليسيون ضروري آھن . تنھن ڪري ئي پبلڪ ھيلٿ مينيجمينٽ يا عوامي صحت جي سارسنڀال جو خاص شعبو آھي. جنھن ڄاڻ کانسواءِ صحيح فيصلا سازي ممڪن ئي نه آھي . جيئن اعليٰ تعليم لاءِ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن مڪمل طور ڌار ادارو آھي ،تيئن ئي صحت جو ادارو پڻ آفيسر شاھي کان ڌار ٺاھيو وڃي ۽ انھي کي آمريڪن ماڊل تي صحت جي ماھرن ۽ صحت جي سار سنڀال جي ڊگري رکندڙن حوالي ڪيو وڃي . ٻي اھم ڳالھه ته اٺين ترميم کان پھرين وفاقي حڪومت صحت جي شعبي لاءِ جي ڊي پي جو صرف 0.51 سيڪڙو جيتري بجٽ ئي رکندي ھئي .جڏھن ته صحت جو عالمي ادارو گھر ڪري ٿو ته گھٽ ۾ گھٽ بجٽ جي ڊي پي جو ٻه سيڪڙو ھجڻ گھرجي . ٻه ھزار ٻارنھن کانپوءِ جڏھن کان صحت جو شعبو صوبن جي حوالي ڪيو ويو ، ان جي بجت ۾ خاطر خواهه اضافو نظر آيو آھي . بلوچستان کي ڇڏي باقي ٻين ٽنھي صوبن ۾ اھا بجٽ ھاڻي جي ڊي پي جو تقريبن 1.56سيڪڙو ٿي وئي آھي . جنھن ۾ سنڌ صوبي جي بجٽ ۾ اٽڪل پندرھن سيڪڙو نين اسپتال تي ۽ گذريل سال ھڪ ارب ايڊز جي ڪنٽرول لاءِ رکيل ھيو . اھو خرچ ڪيترو ٿيو اھا ھڪ ٻي ڪھاڻي آھي پر گھٽ ۾ گھٽ بجٽ جي حوالي سان ته ان کي محسوس ڪيو ويو ته ايڊزلاءِ رقم رکي وڃي .
ساڳي طرح ٻارن جي خوراڪ ۽ ماءَ جي صحت ، حفاظتي ٽڪن واري اسڪيم ، ھيپيٽائٽس سي ۽ ٽي بي لاءِ به الڳ رقم رکي وئي آھي . ھاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو ٽوٽل ھڪ ارب چوڏھن ڪروڙ جي رقم مان جيڪي رڳو عوامي صحت جي اسپتالن لاءِ آھن انھن مان ڪيترو پگھارن تي خرچ ٿي ويندو ھوندو ؟ جيڪڏھن انھي مان پنجاھ سيڪڙو به رڳو پگھارن تي خرچ ٿئي ته باقي عوامي خرچ لاءِ چاليهه ڪروڙ رپيا بچندا جنھن ۾ دوائون ، اسپتالن جي مرمت ، مختلف اوزار ، ۽ ايتري قدر جو سرڪاري اسپتالن جي بجٽ مرده خانن ۽ تابوتن جي به بجٽ رکيل آھي . ان حساب سان سنڌ جي پنج ڪروڙ عوام لاءِ صحت تي خرچ ڪرڻ لاء صرف چاليهه ڪروڙ آھن . يعني في ماڻھو اٺ رپيا . ان ڪري ئي صحت جي شعبي کي اول ته گھٽ ۾ گھٽ جي ڊي پي جو چار سيڪڙو بجٽ رکڻ گھرجي ٻيو ان جي مينجمينٽ جو ڍانچو تبديل ڪرڻو پوندو .اڻڄاڻ آفيسر کڻي پنجاھ ارب به هوندا ته به غلط پاليسين ۽ ڪميشن پويان غرق ڪري ڇڏيندا . ھن صورتحال ۾ ھڪ ٻي به حقيقت واضع ڪئي آھي ته جنھن آزاد ميڊيا لاءِ اسين آوازاٿاري رھيا آھيون. ان ميڊيا عوام جي اھم معاملن تي ڪيتري ڪن لاٽار ڪئي آھي . ڪڏھن ڪنھن سياستدان کي ويھاري صحت جي بجٽ يا پاليسي تي پرائيم ٽائيم ۾ ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪئي وئي آھي . نه ئي ڪنھن اخبار جي ليڊ جي خبر ڪنھن اسپتال ۾ سامان جي کوٽ ،نااھل انتظاميا جي حوالي سان لڳل نظر آئي ھوندي . ميڊيا ٻڌائي ٿو ته رڳو سياسي بيان کائو ۽ سياسي بيان جي انجيڪشن لڳايو . ھن ميڊيا جو به احتساب ڪرڻ گھرجي ۽ عوام کي اھو پڇڻ گھرجي تي ايترا سال ھنن عام ماڻھن جي اھم معاملن کي ڇو نظرانداز ڪيو آھي . ان کانپوءِ ترقي جي پيماني جي حوالي سان به ھڪ نئون بحث جاري آھي ، آمريڪا جنھن پوري دنيا تي راڄ ڪيو ، اڄ اتي به اسپتالن ۽ عملي جي کوٽ جون دانھون آھن ، اتي به وينٽيليٽرن جي کوٽ آھي . عوامي ترقي جي ھام ھڻندڙ آمريڪا اندر صحت جي سھولتن جي اڻھوند اھو ٻڌائي ٿي ته دنيا بمن ، ميزائلن ۽ جنگي جنون جي انڊسٽري تي کربين ڊالر خرچ ڪيو آھي. پر اتي به عوام جي ڀلائي تي ان جو ھڪ سيڪڙو به خرچ نه ڪيو آھي. دنيا ھاڻي طاقت جي جنگي وصف کان ٻاھر نڪري سوچي رھي آهي مطلب ھن وبا ترقي جو بنيادي خاڪو جيڪو ماڻھن جي ذھن ۾ ھو ان کي به لوڏي ڇڏيو آھي .
دنيا اندر صحت جي حوالي سان جيڪو بحث جاري آھي ان ۾ اھو به ڏٺو ويو آھي ته آمريڪا جيتري تحقيقاتي بجٽ پينٽاگون جي جنگ ۾ ڪم ايندڙ حياتياتي ھٿيارن جي تياري لاءِ ٿيندڙ تحقيق لاءِ رکي آھي. اوتري عام بيمارين جي علاج يا صحت جي بھتري لاءِ عوامي ڀلائي واري تحقيق تي ڪڏھن به نه رکي آھي .مطلب آمريڪا اندر جيتري به تحقيق جي ترقي لاءِ بجٽ رکيل آھي اھا يا ته دنيا جون وڏيون ڪمپنيون پنھنجي پيداوار وڌائڻ يا منافي جي واڌاري لاءِ ٿيندڙ تحقيق وارن پروجيڪٽن کي ڏين ٿيون يا وري آمريڪا جي حڪومت جنگي ھٿيارن لاءِ ٿيندڙ تحقيق لاءِ رقم فراھم ڪري ٿي . انھن ڪمپنين جي خلاف ٿيندڙ تحقيق کي ڪوبه ادارو فنڊ نه ٿو ڪري . مثال طور جيڪي زرعي ٻج جو وڏو ادارو مانٽيسو آھي جيڪو جينياتي طور تبديل ٿيندڙ ٻج مانٽيسو ڪمپني پوک لاءِ کپائي ٿي . اھي ٻج زمين جي پيداواري سگهه لاءِ نقصانڪار آھن . پر اھڙي مستند تحقيق ڪندڙ زرعي ماھرن کي مناسب گرانٽ نه ٿي ملي ،جيڪڏھن ھو پنھنجي ھڙان وڙان محنت ڪري ڪا اھڙي تحقيق ڪري به وٺن ٿا ته تحقيق کي شايع نه ٿا ڪرائي سگھن ،جي اھا شايع نه ٿيندي ته ان تي بحث ڪيئن ٿيندو تحقيق جا وڏا جنرل سائنس يا نيچر آھن ،اھي اھڙي تحقيق شايع نه ٿا ڪن ڇاڪاڻ ته انھن ادارن جا به فنانسر اھي ڪمپنيون ۽انھن جا اشتھار آھن .
ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ترقي جو خاڪو ھڪ عام ماڻھو جي اکين کان اوجھل جنگي جنون جي ڊوڙ آھي ۽ جيڪو ملڪ ان ۾ سگھارو آھي ،اھو ئي ترقي يافتا سڏائي ٿو . مطلب ته ھن جديد سائنسي دور ۾ به ڳالهه وڃي اتي ئي بيھي ٿي ته جيڪي ڏاڍو سو گابو . ڇاجي سائنس ،ڇا جا انساني حق ۽ جمھوريت ، ڇو ته آمريڪا جو جھموري سربراھ به پينٽاگون جي قومي سيڪيورٽي جي پاليسي ۾ ٽنگ نه ٿو اڙائي سگھي. دنيا کي نيشنل سيڪيورٽي جي نالي تي يرغمال ڪري عوامي ڀلائي کي پرائيويٽ ڪري دنيا جا وڏا سرمائيدار پنھنجي سرمائي جي واڌاري واري پاليسين ، منافعي ۽ قبضي کي ئي ترقي جو نالو ڏين ٿا . انھي ترقي جا پول ھاڻي پڌرا ٿيا آھن . ھن وبا اھڙا اونداھا پاسا ظاھر ڪيا آھن . عوام کي ھاڻي سوچڻ گھرجي ته ترقي جو مطلب ڇا آھي . ھن سرمائيدارن جي جھان ۾ عوامي تحفظ ۽ بقا ٽئنڪ يا ميزائيل سان ٿيندي يا عوامي ڀلائي واري پاليسي سان ٿيندي جيڪا سرمائيدار جي پيداوارواري سوچ کان مٿانھين ھجي.

This entry was posted in Soormi. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *