تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

دنيا جي وڏي ۾ وڏي انعام بابت ڪجهه دلچسپ حقيقتون

نوبيل انعام 1901ع کان وٺي انهن مردن، عورتن ۽ تنظيمن کي ڏنو ويندو آهي، جن جو ڪم الفريڊ نوبيل جي خواهشن مطابق انهن جي لاءِ وڏي ترقيءَ جو سبب بڻيو هجي. هتي نوبيل انعام ۽ ان جي خالق بابت حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ پنج اهم ڳالهيون پيش ڪجن ٿيون.
نوبيل هڪ شاعر:
الفريڊ نوبيل تاريخ جي ورقن ۾ ڊائنامائٽ (ڌماڪيدار مادو) ايجاد ڪندڙ شخص طور سڃاتو وڃي ٿو، پر هو به انگريزي شاعري خاص ڪري شيلي ۽ بائرن جو پرستار هو، هن پوري زندگي شاعري ڪئي، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي سوئيڊش ٻولي ۾ به لکندو هو, پر اڪثر شيڪسپيئر واري انگريزي زبان ۾. هڪ دوست ڏانهن لکيل خط ۾ هن لکيو هو ته آئون پنهنجي لکڻين کي شاعري نه چوندس، ڇاڪاڻ ته آئون پنهنجي ڊپريشن گهٽائڻ ۽ انگريزي بهتر ڪرڻ لاءِ لکندو آهيان.
1882ع ۾ 29 سالن جي عمر ۾ جڏهن هن هڪ نوجوان عورت کي خط لکيو ته هن جواب ۾ چيو “منهنجو ميدان طبيعيات آهي، تحرير نه” جنهن سال سندس موت ٿيو، يعني 1896ع ۾ هن اسڪينڊل سان ڀرپور سانحي تي مشتمل هڪ ڊرامو “نيميسس” لکيو، جنهن جي شروعات کيس شيلي جي “دا سينسي” سان ٿي، جنهن ۾ هڪ عورت سورهين صديءَ جي روم ۾ جنسي استحصال ڪرڻ تي پنهنجي پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو هو.
خانداني معاملو
پهريون ڀيرو نوبيل انعام ڏيڻ کانپوءِ 6 ٻار پنهنجي والدين جي نقش قدم تي هلندي پاڻ ان انعام جا حقدار بڻجي چڪا آهن، جڏهن ته ستين 1915ع ۾ تمام گهٽ عمر يعني 25 سالن ۾ نوبيل انعام کٽيو.
ڪيوري خاندان پنج ايوارڊ حاصل ڪيا آهن، ڇاڪاڻ ته هر ڪامياب شخص هڪ انعام جو حقدار بڻجي ٿو، 2 ميري ڪيوري کي مليا، جن مان پهريون هن 1903ع ۾ طبيعيات جي ميدان ۾ پنهنجي مڙس پيري ۽ هينري بيڪوريل سان گڏ کٽيو، جڏهن ته 1911ع ۾ کيس ڪيميسٽري جي فيلڊ ۾ به انعام سان نوازيو ويو.
هن جي وڏي ڌي آئرين پنهنجي مڙس پيري جوليو سان گڏ 1935ع ۾ ڪيميسٽري ۾ ايوارڊ حاصل ڪيو، آئرين جي ننڍي ڀيڻ هينري رچرڊسن ليبوسي سان شادي ڪئي، جنهن يونيسيف جي سربراهه طور 1965ع ۾ نوبيل انعام حاصل ڪيو. ٻين جوڙن به انعام کٽيو آهي، 1974ع ۾ سوئيڊن جي گنر مردل معيشت جي شعبي ۾ انعام کٽيو ۽ 8 سال پوءِ سندس زال ايلوا کي امن جو نوبيل انعام ڏنو ويو.
غائباڻو ايوارڊ:
1901ع کان وٺي هيستائين امن جو انعام حاصل ڪندڙ پنج شخصيتون اوسلو ۾ منعقد ٿيندڙ ايوارڊ واري تقريب ۾ حصو وٺي نه سگهيون. 1936ع ۾ نامزد ڪيل جرمن صحافي ڪارل ون اوسٽزڪي نازي ڪئمپ ۾ قيد هو. 1975ع ۾ روسي آندري سخاروف جي نمائندگي سندس زال يلينا بونر ڪئي. 1983ع ۾ پولينڊ جي يونين اڳواڻ ليچ وليسا اوسلو اچڻ واري دعوت رڳو ان ڊپ جي ڪري رد ڪئي جو هن کي لڳو ته کيس واپس پولينڊ اچڻ نه ڏنو ويندو.
ميانمار جي مخالف ڌر اڳواڻ آنگ سان سوچي 1991ع ۾ پنهنجي گهر ۾ نظربند هئي، ان وقت کيس نوبيل انعام سان نوازيو ويو، ان به وليسا جيان ڊپ سبب سفر ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو.
2010ع چين جي ليو زيابائو کي نوبيل انعام سان نوازيو ويو پر هو ان وقت جيل ۾ هو، هن جي ڪرسي خالي رهي، جتي اهو نوبيل انعام رکيو ويو.
رياضي لاءِ نوبيل انعام ڇو ناهي؟
1980ع ۾ محقق ڊگهي عرصي کان جاري انهن افواهن کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا ته الفريڊ نوبيل کي رياضي دان گوسٽا مٽگ ليفلر سان محبت هئي، ان افواهه جي حق ۾ ڪجهه به ناهي ۽ هر دليل ان کي غلط ثابت ڪري ٿو. پوءِ ڇو رياضي جي لاءِ ڪو انعام نه آهي؟ ان جون 2 امڪاني وضاحتون آهن.
پهرين هي ته 1895ع ۾ نوبيل پنهنجي وصيت لکي ان وقت سوئيڊن ۾ رياضي جي ميدان ۾ هڪ انعام اڳ ئي موجود هو، ان ڪري هن ان جي ضرورت محسوس نه ڪئي. ٻي هي ته 20 هين صديءَ جي شرعات تي اپلائيڊ سائنسز عوامي ۽ سائنسي محبوب شعبا هئا، ان وقت رياضيءَ جون انسانيت لاءِ خدمتون ايتريون واضح نه هيون، جيتريون اڄ آهن.
مرڻ کانپوءِ ايوارڊ:
نوبيل فائونڊيشن جي 1974ع جي قانون مطابق ڪنهن کي به مرڻ کانپوءِ نوبيل انعام نه ڏنو ويندو، ها، اهو انعام فقط ان صورت ۾ ڏيئي سگهجي ٿو جيڪڏهن اهو شخص آڪٽوبر ۾ اعلان ۽ ڊسمبر ۾ ايوارڊ ڏيڻ واري تقريب جي وچ واري عرصي ۾ فوت ٿي وڃي.
ان قانون ۾ تبديلي کان اڳ فقط 2 ماڻهن کي مرڻ کانپوءِ ايوارڊ ڏنو ويو. هن مان هڪ سوئيڊن جو ايرڪ ايڪسل هو، جن کي ادب جي شعبي ۾ ايوارڊ سان نوازيو ويو، ٻيو به سوئيڊن سان تعلق رکندڙ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ڊگ هيمرسڪجولڊ هو جيڪو 1961ع ۾ هڪ جهاز حادثي ۾ فوت ٿي ويو هو، کيس ان ئي سال انعام ڏنو ويو.
2011ع ۾ ڪئنيڊا جي رالف اسٽئنمين طب جو انعام جو اعلان ٿيڻ کان 3 ڏينهن اڳ فوت ٿي ويو، نوبل ڪاميٽي کي خبر ئي نه پئي پوءِ به ان کي انعام ڏنو ويو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *