تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

دنيا جي درسگاھن ۾ امتحانن جي شروعات ڪيئن ٿي؟ … مشتاق سعيد

اڄڪلهھ سموري دنيا جي ڪاليجن، يونيورسٽيز ۽ اسڪولن ۾ ساليانا امتحان وٺڻ تعليمي سرشتي جو مک ۽ بنيادي جز آھي پر تمام گھٽ ماڻھن کي اھا خبر ھوندي ته اوائلي دور ۾ امتحان جي شروعات ڪيئن ٿي ھئي، امتحان جي تاريخ ڇا آھي ۽ ان جا مقصد ڪھڙا ھئا؟ قبل مسيح جي دور ۾ يونان اندر علم ۽ ڏاھپ جا وڏا ڄاڻو ۽ فلسفي رھندا ھئا، انھن کان علم ۽ ڏاھپ سکڻ لاءِ پري پري کان نوجوان توڙي وڏڙا ڪھي ايندا ھئا، ان وقت امتحان جو ڪو تصور ئي نه ھوندو ھو، جيڪي طالب علم پنھنجي استادن وٽ ايندا ھئا انھن کي گروپن ۾ ورھائي سکيا ڏني ويندي ھئي، جيڪو ذھين طالب علم تڪڙو ئي گھڻو ڪجهھ سکي ۽ ڄاڻي وٺندو ھو ان کي علم جي اڳئين ڏاڪي تي پھچائڻ لاءِ نئين گروپ ۾ شامل ڪيو ويندو ھو، ان طرح ڏاڪي به ڏاڪي طالب علم اڳين منزلن تائين رسندا ھئا ۽ ڪنھن به قسم جي امتحان جو ڪو رواج نه ھوندو ھو ۽ نه ئي ڪا وقت جي پابندي ھوندي ھئي ته علم جو ھڪ ڏاڪو پار ڪرڻ لاءِ ڪو سال ضروري آھي، نه ئي ڪي مھينا گھربل ھئا، اھو فيصلو استاد جي ھٿ ۾ ھوندو ھو ته استاد پاڻ شاگردن کي پرکي ڏسي ته ڪھڙو شاگرد ھاڻي اڳين منزل تي پھچڻ جي قابل ٿي ويو آھي، ان طرح ڪن شاگردن کي ھڪ منزل پار ڪرڻ لاءِ ڪجهھ ڏينھن لڳندا ھئا ته ڪن شاگردن کي ڪجهھ مھينا لڳندا ھئا ته وري ڪجهھ شاگردن کي ڪيترائي سال لڳي ويندا ھئا، ساڳي ريت ڪو ھنر سيکارڻ لاءِ به ڪاريگر استاد اھو ڏسندو ھو ته سندس شاگرد ڪيترو سکي چڪو آھي ۽ ھاڻي کيس وڌيڪ ڇا سيکارڻ گھرجي؟ مثال طور ڪو شاگرد واڍڪو ڪم سکندو ھو ته واڍڪي ڪم جو استاد ھڪ ئي وقت ڪيترن ئي شاگردن کي ساڳي چيز سيکارڻ شروع ڪندو ھو پوءِ ڪي ذھين شاگرد جھٽ اھو ڪم سکي وٺندا ھئا ته کين ٻيو ڪم سيکارڻ شروع ڪيو ويندو ھو پر ٻيا شاگرد ساڳيو ڪم ورھين تائين سکندا رھندا ھئا، مطلب ته اھو فيصلو استاد ڪندو ھو ته ڪھڙن شاگردن ڇا سکيو آھي؟ ۽ ھاڻي کين ڇا سيکارڻ گھرجي؟ ان ۾ وقت جي ڪابه پابندي نه ھوندي ھئي،ان بعد يونان ۾ بادشاھن ۽ راڻين جي خدمت لاءِ جيڪي نوڪر ۽ نوڪرياڻيون رکيون وينديون ھيون، انھن جي ڪم ڪار جي اھليت ڄاڻڻ لاءِ انساني تاريخ ۾ پھريون ڀيرو انھن کي نوڪري ۾ رکڻ کان اڳ انھن کان ڪجھه سوال پڇيا ويندا ھئا، اھا ھئي اوائلي امتحانن جي تاريخ ۽ تاريخ جو پھريون ڀيرو جيڪي امتحان ورتا ويندا ھئاا اھي درٻار جي نوڪرن کان سندن ڪم جي اھليت بابت ڪجهھ سوال پڇڻ جي صورت ۾ ھوندا ھئا، امتحانن جو اھو نمونو پھريون ڀيرو يونان ۾ رائج ٿيو، يونان مان شروع ٿيل ان روايت کي دنيا جي ٻين ملڪن جي بادشاھن به اپنايو، اھڙي ريت دنيا جو پھريون امتحان نوڪرن ۽ بادشاھن جي وزيرن کي مقرر ڪرڻ وقت انھن کان سوال پڇڻ جي صورت ۾ وجود ۾ آيو، ان کان صديون پوء درسگاھن ۾ ايندڙ طالب علمن کي داخل ڪرڻ وقت ۽ کين ڪجھ سيکارڻ بعد انھن کان سوال پڇڻ جو نظام رائج ٿيو، اھي دنيا جي انساني تاريخ جا اوائلي امتحان ھئا.
ان کان گھڻو پوءِ طالب علمن کي ھڪ خاص وقت تائين سکيا ڏئي پوءِ کانئن سوال پڇي مطمئن ٿيڻ بعد کين علم ۽ ھنر جي اڳين ڏاڪي تي آڻڻ جو فيصلو سندن استاد ڪندو ھو، وقت گذرڻ سان گڏ تعليمي توڙي ھنري سکيا وٺندڙن کان باقاعدا سندن ورتل سکيا بابت سوال جواب ڪيا ويندا ھئا، اھا امتحان جي ڪجھ سڌريل شڪل ھئي پر امتحان جو ڪو خاص وقت يا عرصو طئي ٿيل نه ھو. وقت گذرڻ سان انسان تعليم ۽ تربيت بابت باقاعدا امتحان وٺڻ جو نظام جوڙيو ۽ ان لاءِ عرصو طئي ڪيو، موسمن جي ڦير گھير کي نظر ۾ رکندي سالياني امتحان جو نظام جوڙيو ويو، جيڪو اڄ ڏينھن تائين رائج آھي.
جديد امتحاني نظام مان فائدا به ٿيا آھن ته نقصان پڻ ٿيا آھن، نقصانن مان سڀ کان وڏو نقصان پٺتي پيل ملڪن ۾ اھو نظر آيو آھي ته اتي جا شاگرد ھاڻي علم پرائڻ لاء نٿا پڙھن پر صرف ساليانو امتحان پاس ڪرڻ لاءِ پڙھن ٿا، اھڙي نفسياتي رويي کي نظر ۾ رکندي نفسياتي ماھر ھڪ ڀيرو ٻيھر ان ڳالهھ تي غور ڪري رھيا آھن ته ساليانو امتحاني نظام ختم ڪري ٻيھر تاريخ جي اوائلي نظام کي رائج ڪيو وڃي ته جيئن نئون نسل علم پرائڻ لاءِ پڙھي ۽ صرف امتحان پاس ڪرڻ لاءِ نه پڙھي، پوءِ جيڪڏھن ڪو ذھين شاگرد ھڪ ئي سال اندر ڪيترائي درجا پاس ڪرڻ جي اھل ھجي ته ڀلي اڳتي نڪري وڃي ۽ جيڪو اھل ناھي اھو سالن تائين ساڳي چيز پڙھي يا سکي ۽ پاڻ کي ان جي اھل بنائي پوءِ اڳتي وڌي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *