تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

دنيا جو ڪجهه عظيم شخصيتون … عقيل احمد ميمڻ

املي ڊڪنسن- 1830 – 1886
”ڪتاب ڏيندڙ دوست ڪيڏي نه وڏي قرباني ٿو ڏئي، جڏهن هو پنهنجي ڪتاب جهڙي دوست کي پاڻ کان جدا ڪري، ڪنهن ٻئي جي حوالي ٿو ڪري“املي ڊڪنسن هڪ اهڙي تنهائي پسند عورت هئي۔ جنهن کي گوڙ و گمسان کان وڌ کان وڌ نفرت هئي،اڪيڊمي ۾ ابتدائي تعليم حاصل ڪندڙ املي ڊڪنسن خاموش رهندي هئي ايتري قدر جو ڪلاس فيلوز سان به نه ڳالهائيندي هئي بس پنهنجي ڪم سان ڪم رکندي هئي، هن پريشان ڪندڙ حالت ۾ استاد پاران بار بار پڇڻ تي هن اسڪول ۾ لڳل گهنٽي (بيل ) جي وڄڻ سان پهچندڙ تڪليف جو اظهار ڪيو۔ هن کي اسڪول جي وڄندڙ گهنٽي ايتري تڪليف ڏيندي هئي جو هن اسڪول کي هميشه لاءِ الوداع چئي ڇڏيو هن تنهائي پسند عورت سڄي زندگي اڪيلي گذاري ۽ ڪڏهن به شادي جو نه سوچيائين۔هن ڏکن جي وضاحت ڪجهھ هن ريت ڪئي آهي، ڏک انسان کان گهڻو ڪجھه کسي، ٿورو ڪجھه ڏيندا آهن ۽ جيڪو ڪجهھ ملي ٿو اهو سمجهڻ کان پوءِ اوهان کي دنيا خوبصورت ۽ سمجھه جوڳي لڳندي“
وان گوگ – 1853 – 1890
هن درد ڀري داستان جي ڪتاب ۾ وان گوگ جي کاڻ واري ڳالھه چپن تي هلڪڙي مسڪراهٽ آڻيندڙ آهي، وان گوگ هڪ عظيم آرٽسٽ هو، جنهن جي چترڪاري دنيا ۾ ڪروڙن جو ڪاروبار ڪيو , سندس فن پاراڪيترن ۽ وڏن وڏن ميوزيم جي زينت بڻيل آهن، پر افسوس وان گوگ کي جيئري هن دنيا ۾ ڪا به امرتا ملي نه سگهي، ۽ سندن خوبصورت فن جي مظاهري ڪرڻ جي ته موٽ ۾ ملامتون ۽ چريائپ جون تهمتون راس ٿيون۔ هن جي حياتي ۾ سندس شخصيت بابت صرف هڪ ئي مضمون ڇپيو ويو. 29جولاءِ 1890 ۾ پاڻ کي گولي هڻي بيدرد دنيا کي الوداع چئي خودڪشي ڪئي !
موزاٽ – 1756 – 1791
اڄ به اسان محفلن، ميڙاڪن، شادين، مرادين، ۽ ڪچهرين ۾ موسيقي کي اوليت ان ڪري ڏيندا آهيون جو تنهائي جي ويرانين ۾ وڃايل وجود کي اسان موسيقي ۾ ڳولهيندا آهيون۔اڄ کان 300 سال پهريان جي هڪ موسيقار جنهن پنهنجن سرن ۽ سازن سان روحاني رستو جوڙي سڄي زندگي موسيقي کي ارپي ڇڏيائين، اڄ جي جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ ان موسيقار کي ڌنن ۽ سازن ، سرن جو اڻ ڏٺو امام تسليم ڪيو وڃي ٿو۔ موزاٽ اها عظيم شخصيت آهي، جنهن سڄي عمر بک، بدحالي ، بيروزگاري، ۽ بيماري سان وڙهندي گذاري، هن جي حياتي ۾ هن جو قدر نه ٿيو۔ هن کي اها مڃتا نه ملي جيڪا هن کي ملڻ گهرجي ها!، موزاٽ جا چوٽي جا مداح البرٽ آئين اسٽائين، واگنر رچرڊ، شوپنهار آٿر ۽ گوئٽي جهڙا نالا شامل آهن.
وليم شيڪسپيئر – 1564 – 1616
وليم شيڪسپيئر جنهن لاءِ انگلينڊ جي هڪ عالم اديب ڊاڪٽر جانسن ائين به چيو ” جيڪڏهن هڪ پاسي برطانيا جي سڄي سلطنت رکي وڃي ۽ ٻئي پاسي شيڪسپيئر کي رکيو وڃي ۽ پوءِ مونکان پڇيو وڃي ته توهان ٻنهي مان ڪنهن به هڪ کي پنهنجو ڪيو ته آئون شيڪسپيئر تي هٿ رکندس “ اڄ ادب جي دنيا ۾ هر ماڻهو شيڪسپيئر کان واقف آهي، مگر ڪافي ماڻهو هن جي حالات ئي زندگي کان بي خبر آهن۔ اسڪول جي دور ۾ چوٽي جي نڀاڳن شاگردن جي فهرست ۾ هن جو نالو پهرين نمبر تي هو۔ وليم شيڪسپيئر ڪلاس جي پوئين بينچن تي ويهي اسڪول جي دري مان وڻن تي ويٺل پکين ۽ انهن جي آکيرن کي پيو ڏسندو هو، شيڪسپيئر پنهنجي زندگي ۾ ڪيترا ئي نظم، غزل ، گيت ۽ ڊراما لکيا۔ پر هن کي انهي محنت جو ڪو به سلو نه مليو ۽ پنهنجي جنم واري ساڳئي تاريخ 23 اپريل 1616ع تي اسان کان جسماني طور تي هميشه لاءِ جدا ٿي ويو۔ هن جي آخري آرام گاھه تي هڪ منفرد ڪتبو لکيل آهي ته ” فوتي جي آرام گاھه ۾ رخنو وجهڻ وارن کي خدا ڪڏهن به سک نصيب نه ڪري!“
گليلو – 1564 – 1642
“اسين سائنس جا شاگرد آهيون، اسان جو ڪم ناهي ته پاڻ کان پڇون ته سچ اسان کي ڪيڏانهن ٿو وٺي وڃي“گليلو پنهنجي شروعاتي زندگي ۾ ڪٽر مذهبي ماڻهو هو، هو هڪ راهب ٿيڻ جي ڪوشش ۾ هو۔ گليلو پنهنجي پيءُ جي چوڻ تي پنهنجي زندگي جو پهريون قدم ميڊيڪل جي شعبو ۾ رکيو ( ڊاڪٽر ٿيڻ لاءِ ) هڪ ڏينهن پڙهائي دوران فزڪس جي استاد کان ليڪچر ٻڌي هن ذهن کي تيار ڪيو ته بس پڙهڻو آهي ته اهو ئي سبجيڪٽ، هاڻي هيڏانهن پائسا يونيورسٽي ۾ ھي فزڪس جا ليڪچر ٻڌڻ سان گڏ رياضي جهڙي علم جي اڃ اجهائڻ لاء اتاولو ٿي پيو هوگليلو جي مذهبي ماڻهن حد کان وڌيڪ مخالفت ڪئي، گليلو چڱي ريت واقف هو ان ڪري هن معافي وٺڻ ئي بهتر سمجهيو ۽ معافي بعد دوستن جي پڇاڻي تي ٻڌايائين ته ”مان هوندس ته ڪجهھ ڪندس ، هوندس ئي نه ته ڇا ڪندس“.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *