تازا ترين
  • ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي فيبروري تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو *
  • *وفاقي حڪومت آرڊيننس پاڻ واپس نه ورتو ته سينيٽ ۾ اُن کي رد ڪرايو ويندو، سنڌ حڪومت به آرڊيننس رد ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي: وڏو وزير*
  • *وفاقي سرڪار طرفان ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطا جاري رهڻ جي دعويٰ*
  • *ڪراچي واقعي ۾ جعلي حڪومت صوبائي خودمختياري سوڌو پاڻ تي به حملو ڪيو آهي: مريم نواز*

دنيا جو مهانگو ترين کير وائرسي ۽ بئڪٽيريائي بيمارين کان بچائي ٿو …ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو

دنيا ۾ گڏهه جي کير جو استعمال ڪا نئين ڳالهه ڪونهي. انسان گڏهِين جو کير قديم زماني کان وٺي علاج طور استعمال ڪندو رهيو آهي. قلوپطره، قديم مصر جي راڻيءَ لاءِ مشهور آهي ته هوءَ پنهنجي کهي، وهي ۽ سونهن برقرار رکڻ لاءِ روزانو گڏهه جي کير ۾ سنان ڪندي هئي. طب جي ابي بقراط لاءِ به چيو ويندو آهي ته، هو سنڌن جي سور، وچڙندڙن بيمارين، تپ، نڪهير، زهرجڻ، کنگهه ۽ ڦٽن جي علاج لاءِ استعمال ڪرڻ جي صلاح ڏيندو هو. ٻيون به ڪيتريون رپورٽون آهن ته قديم يونان ۾ گڏهه جو کير دوا درمل کانسواءِ سونهن سوڀيا برقرار رکڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. 1882 جي شايع ٿيل رپورٽن مطابق ابهمن کي خاص طور تي گڏهه جي کير تي پاليو ويندو هو. سائنسي کوجنا مطابق، گڏهه جي کير ۾ نه رڳو پوڙهائپ گھٽائڻ ته منجهس ائنٽي آڪسيڊنٽ، جيوڙا ماريندڙ ۽ جسم جي مرمت طلب حصن جي نئين سر واڌ ويجهه ڪرائڻ جون به خاصيتون ٿين ٿيون. ڪيتري زماني کان گڏهه جي کير استعمال ڪرڻ جو رواج گھٽجي ويو هو جڏهن ته تازو، ان جي مقبوليت ۾ وري واڌارو ٿيڻ شروع ٿيو آهي. گڏهه جي کير ۾ ٻين ڪيترن جانورن جهڙوڪ: ڍڳين، رڍن، ٻڪرين، ڳئون، ڏاچيءَ جي کيرن جي ڀيٽ ۾ انساني کير سان گھڻي هڪجهڙائپ ڏٺي ويئي آهي. ڇاڪاڻ ته منجهس موجود پروٽينن جي جوڙجڪ انهن فردن لاءِ وڌيڪ مناسب سمجهي وڃي ٿي جن کي ڳائو کير اگرا اثر پيدا ڪري ٿو يا ان کان ائلرجڪ ٿين ٿا.
19صديءَ جي آخر تائين لاوارث ابهمن کي ان کير تي تاتيو ويندو هو. گڏه جو کير سولائي سان ملي نٿو سگهي بشرطيڪ توهان ڪنهن گڏهن جي فارم يا واڙي ڀرسان رهندڙ نه هجو نه ته ٻي مکياري ان جو پائوڊر خريدڻ ٿئي ٿو. ڪن يورپي ملڪن ۾ چاڪليٽن جو هڪ حصو هجي ٿو ته اٽليءَ ۾ مقبول عام هجڻ سبب ابهمن جي کير ۾ دوا طور ملايو وڃي ٿو.گڏهه جو کير ڪيترن قسمن جي اهم وٽامنن، معدنيات ۽ پروٽينن سان مالامال ٿئي ٿو. منجهس سڻڀ گھٽ ۾ گھٽ ته ٻين ڪيترن کيرن جي ڀيٽ ۾ وٽامن ڊيءَ جو تمام گھڻو مقدار موجود ٿئي ٿو. منجهس ڪيسين (casein) جو مقدار، ٿڃ جيان گھٽ هجي ٿو جنهن کان ڪيترا فرد حساس ٿين ٿا. وي پروٽين (whey protein) هجڻ سبب جيوڙامار خاصيتن سان ڀرپور ٿئي ٿو ته وائرسن ۽ بئڪٽيريا جي واڌ کي به روڪي ٿو. اصل ۾ گڏهه جي کير ۾ وائرس ۽ بئڪٽيريا جي واڌ روڪڻ جي اهڙي خاصيت ٿئي ٿي جهڙي لسٽيريا مونوسائيٽوجينس (Listeria monocytogenes)، اي. ڪولي (E coli) ۽ اسٽئفائيلوڪوڪس آريرس (Staphylococcus aureus) جهڙين جديد جيوڙا مار دوائن ۾ ٿئي ٿي. هن کير جو ٻيو اهم جز، لئڪٽوز (lactose) ٿئي ٿو جيڪو جسم کي ڪئلشم جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو، جنهن سان هڏا مضبوط ٿين ٿا ۽ صحتمند رهن ٿا. انهن وکرن کانسواءِ جسم جي قدرتي بچاءَ جي سرشتي (اميونٽيءَ) کي متحرڪ ڪندڙ، سائيٽوڪائنيز (cytokines) نالي هڪ قسم جي پروٽين به ٿئي ٿي.هن کير جي لاڳاتي استعمالڻ سان نائٽرڪ آڪسائيڊ جي پيداوار وڌي رت نلين کي موکيل رکڻ ۾ مدد ڪري ٿي جنهن سان رت جي گردشي دوري ۾ بهتري اچي ٿي ته بلڊپريشر به ضابطي ۾ رهي ٿو.
احتياط:
گڏهه جي ڪچي کير ۾ ورلي بئڪٽيريا ۽ ٻيا خطرناڪ زهريلا مادا موجود ٿي سگهن ٿا تنهنڪري ڪڏهن به ڪچو يا اڻ ڪڙهيل استعمال ڪرڻ نه گهرجي نه ته ڪيترين قسمن جون بيماريون پيدا ڪري سگهي ٿو. ابهمن، پيرسنن ۽ جن فردن جو مدافعتي نظام ڪمزور هجي ٿو يا جيڪي لئڪوز مٺاڻ هضم ڪرڻ لائق نٿا هجن تن کي استعمال ڪرڻ جي صلاح نٿي ڏني وڃي نه ته گئس، ڀرتي ۽ دست پيدا ڪري سگهي ٿو. گڏهه جو اوٻاريل يا پاسچورائيزد کير واپرائڻ بهتر سمجهيو وڃي ٿو. جيڪڏهن گڏهه جو کير واپرائڻو هجي ته ان کي اڳ ۾ گھٽ ۾ گھٽ o72 س تي 15 منٽن تائين ڪاڙهڻ نه وسارجي ته جيئن منجهس موجود ڪنهن به قسم جو روڳي جيو ناس ٿي وڃي يا پائوڊر وارو استعمال ڪجي جيڪو پاسچورائيزڊ هجي ٿو.شايد توهانکي ان ڳالهه تي عجب لڳي ته، دنيا ۾ گڏهه جي کير جي وڌندڙ گهرج سبب انڊيا جي گجرات صوبي ۾ گڏهن جو هڪ وڏو ڊئري فارم شروع ٿيڻ وارو آهي. جتان دنيا جو هي مهانگي ۾ مهانگو، کير ست هزار روپيا في ڪلو جي حساب سان خريد ڪري سگهبو. ان سلسلي ۾ انڊيا جو نئشنل ريسرچ انسٽيٽيوٽ آن ايڪوائينس هسار، هريانا ۾ گڏهن جي کير جي پيداوار لاءِ گڏهن جو ڊئري فارم هلائيندو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *