تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

دنيا جون سيڪريٽ سروسز ايجنسيون اليومناطي ۽ فري ميسين ڇا آهن؟ نيو ورلڊ آرڊر … شهريار رحمان کوسو

دنيا جو ڪو به نظام سڀني جي مفاد ۾ ناهي هوندو هر نظام ڪنهن مخصوص طبقي لاءِ ئي فائديمند هوندو آهي مثال طور جيئن دنيا ۾ ڳجهيون ايجنسيون پنهنجي ملڪي مفاد کي ڏسي ڪم ڪنديون آهن. اهڙي طرح دنيا ۾ موجود هر قانون، مذهب ، اخلاقيات سڀني کي پنهنجي مفاد ۾ ناهن لڳندا، پيسو اهڙي واحد شي آهي جنهن تي اڄ جو انسان متحد آهي بهرحال! جيئن ته انسان جي فطرت ۾ آهي ته هو سڄي نظام کي پنهنجي مفاد ۾ ئي ڏسڻ چاهي ٿو تنهڪري هو ڪنهن وقت ۾ جڏهن ڪو نظام هن تائين فائديمند ٿي نٿو پڄي تيستائين هو ان کي خراب ٿو سمجهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان نظام کي شيطاني نظام ٿو سمجهي اهڙو ئي هڪ مثال اليومناطي ۽ فري ميسن جهڙين ايجنسين جو آهي جيڪي ڪروڙين انسانن لاءِ سٺو ڪم ڪن ٿا پر ڪي ماڻهو جيڪي انهن کان واقف ناهن اهي انهن کي شيطاني ايجنسيون ڪوٺين ٿا بهرحال انهن ايجنسين جي هڪ تاريخ آهي ۽ انهن جو مخصوص طرز عمل ۽ قانون آهي جنهن تي رهي ڪري اهي انسانن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ علم شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪن پيا.
ڏٺو وڃي ته اڄ گهڻيون ئي سيڪريٽ سوسائٽيون ڪم ڪن ٿيون ۽ تاريخي لحاظ سان به انهن لڪيل سوسائٽين جو ڪردار رهيو آهي هن وقت دنيا ۾ هر ملڪ جون پنهنجون پنهنجون سيڪريٽ سوسائٽيون آهن مثال طور چين ۾ 6 سيڪريٽ سوسائٽيون ڪم ڪن ٿيون جنهن ۾ وائيٽ لوٽس، يلو سينڊ سوسائيٽي، تونگ،طيانڌهوي،ريڊ اسپئير سوسائيٽي ۽ ريڊلينٽرينس شامل آهن اهڙي طرح ڀارت ۾ به موجود آهي جنهن کي اخيل ڀارتيا پريشاد چيو ويندو آهي. جاپان ۾ بليڪ ڊريگون سوسائيٽي سميت پنج ڳجهيون سوسائيٽون ڪم ڪن ٿيون اهڙي طرح آفريقا ۾ مجموعي طور تي 10 ڳجهيون سوسائيٽون موجود آهن. يورپ جي ڳجهين سوسائيٽين ۾ اورڊو ٽيمپلي اورينٽس، اليومناطي، دي ريبنومين شامل آهن، برطانيا ۾ به ڳجهيون سوسائيٽون موجود آهن ۽ ڪم ڪن ٿيون جنهن ۾ هيرميٽڪ آرڊر آف دي گولڊين ڊان ۽ بيولنگڊان ڪلب ۽ آمريڪا ۾ انٽرنيشنل ڊيبوٽينٽ بال ۽ آرڊر آف دي اسٽار اسبينگليڊ بينر شامل آهن. دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ اليومناطي ڳجهي سوسائٽي کي شهرت ملي ان جو سبب اهو آهي ته ان جو تعلق يورپ سان آهي يورپي صنعتي انقلاب ۾ هن جو وڏو ڪردار آهي.
ڳجهي سوسائٽي جو تصور آمريڪي ليکڪ ۽ پينٽر اليس ڊنليوي ڏنو هن 1867ع ۾ دي آرٽ آف اليومينشن ڪتاب لکي جنهن ۾ هن ڳجهي سوسائٽي جو تصور ڏنو. ڳجهي سوسائٽي جو مقصد دنيا کان اوجهل ٿي ڪم ڪرڻ هوندو آهي جيئن انهن جي ڪم ۾ ڪا رڪاوٽ پيدا نه ٿي سگهي. اليوميشن جي لفظي معني آهي چراغ جي روشني. آمريڪا ۽ يورپ ۾ يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ به ڳجهين سوسائٽيون قائم ٿيل آهن جيئن تعليم کي شفاف رکيو وڃي ۽ ان ۾ سياسي مداخلت نه ٿي سگهي آمريڪا ۾ يالي يونيورسٽي ۾ اسڪل اينڊ بونس جي نالي سان سيڪريٽ سوسائٽي قائم ٿيل آهي دنيا جي گهڻن ئي ملڪن ۾ سيڪريٽ سوسائٽين تي پابندي لڳل آهي انهن تي پابندي جو ڪارڻ اهو آهي ته ڪجھه ملڪ انهن تي الزام ٿا هڻن ته انهن ڳجهين سوسائيٽين جو مقصد ڳجهو رکيو ويندو آهي ۽ حڪومتن وٽ انهن جي ڪا به ڊيٽا ناهي. ايڊم ويهشاپٽ جيڪو جرمن هو ان 1778ع ۾ جرمني جي رياست بيوريا ۾ اليومناطي سيڪريٽ سوسائيٽي جو بنياد وڌو، هن ڳجهي سوسائٽي ٺاهڻ جو ڪارڻ ماڻهن ۾ اندروني طور تي سجاڳي پيدا ڪرڻ ٻڌايو ويندو آهي انهن ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪيو ۽ نيٺ فرانسي انقلاب برپا ٿيو. ماڻهو اهڙين تنظيمن کي شڪ جي نظر سان ان لاءِ به ڏسندا آهن ڇاڪاڻ ته انهن بابت ڪو به پڪي راءِ نٿو قائم ڪري سگهي انهن جو ڪم ڪرڻ جو انداز انتهائي ڳجهو هوندو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته ماڻهو ان بابت عجيب قسم جا رايا ڏيندا آهن.
دنيا ۾ گهڻا ئي اهڙا ادارا آهن جيڪي هر شيءَ کي پبلڪ ناهن ڪندا اڄ به تقريبن هر اها خبر ڏني ويندي آهي جيڪا ڏيڻ جي لائق هوندي آهي ڇو ته عام ماڻهو کي هر شيءَ ناهي ٻڌائي ويندي دنيا جا وڏا وڏا ادارا جئين ناسا، بي،بي،سي ، سي اين،اين وغيره اهي شيون ميڊيا آڏو آڻيندا آهن جيڪا آڻڻ کپي دنيا ۾ رهندڙ انسان اڃا تائين ايترو شعوري طور بالغ ناهي ٿيو جو ان کي هر شي بابت آگاهي ڏني وڃي ان لاءِ اهو ضروري ناهي ته جيڪر ڪو ادارو رازداري ۾ ڪم ڪري ٿو ته اهو شيطان جي مقصد کي کڻي هلي ٿو.ها ائين ضرور آهي ته ماضي ۾ اليومناطي جو مذهب سان واسطو رهيو آهي ۽ انهن ۾ روحانيت بابت گهڻو بحث ٿيندو هو، قديم اليومناطي ۾ مصرين جي موت جي ديوتا اوسرس جي وڏي اهميت هئي اوسرس ديوتا جي مصري ڏند ڪٿائن ۾ وڏو مقام آهي ۽ مصرين جي قديم ڏند ڪٿائن جو آمريڪي فلمي انڊسٽري هالي وڊ تي وڏو اثر رهيو آهي 2015ع ۾ اوسرس بابت گانو به رليز ڪيو ويو هو بهرحال! اليومناطي ۽ فريميسن بابت اهو به چيو ويندو آهي ته دنيا جو نئون ورلڊ آرڊر انهن ٺاهيو آهي ۽ دنيا جي سياست انهن جي طئي ٿيل قانون مطابق هلائي وڃي ٿي.ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٻي جنگ عظيم کانپوءِ دنيا ۾ اهم تبديليون آيون آهن اڄ جي دنيا 1945ع کان اڳ واري دنيا کان گهڻو مختلف ٿي چڪي آهي نيو ورلڊ آرڊر ب 1945ع کانپوءِ لاڳو ڪيو ويو آهي نيو ورلڊ آرڊر قومن کي گڏ کڻي هلڻ جو هڪ اصول آهي جنهن ۾ قومن جي ثقافت کان وٺي هر شيءَ جو تحفظ ڪرڻ شامل آهي اڄ تائين دنيا ۾ جيڪا به تبديلي آئي آهي اها نيو ورلڊ آرڊر تحت آئي آهي هن وقت دنيا جو هر وڏو ادارو انهي نيو ورلڊ آرڊر تحت ڪم ڪري ٿو،بسڪيٽ ٺاهڻ واري فيڪٽري کان وٺي انسانن جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ واري اداري سميت ۽ جهاز ٺاهڻ جي ڪارخانن تائين نيو ورلڊ آرڊر جو قانون موجود آهي. آمريڪي ڊالر جي نوٽ تي جيڪا تصوير ٺهيل آهي اها به نيو ورلڊ آرڊر جي نشاني تي آهي ان تصوير جو مقصد دنيا ۾ واپار کي وڌائڻ آهي ۽ گلوبل ٽريڊ کي وڌائڻ جو اشارو آهي جئين دنيا جو هر ملڪ ۽ هر قوم هڪ ٻئي سان کلي واپار ڪري سگهي ۽ جيئن انسانن کي فائدو پهچي ،انهي نيو ورلڊ آرڊر تحت ئي 1945ع کانپوءِ ايٽمي جنگ نه ٿي سگهي آهي مطلب ته اڄ جي دنيا ۽ انهن ۾ اربين انسان کي مجبورن انهي ورلڊ آرڊر تي هلڻو پيو آهي ۽ انسانيت ڏٺو آهي ته ان ۾ انسانن کي فائدو پهتو آهي. نيو ورلڊ آرڊر جي ڪري ئي اڄ انسانن ميڊيڪل ۾ منزل ماڻي آهي جينٽيڪ انجنرنگ کان وٺي بايو ميٽرڪ ٽيڪنالوجي سميت هر شي نيو ورلڊ آرڊر جي ڪري ئي ڪاميابي سان ٺاهي وئي آهي انسان انهي نيو ورلڊ آرڊر کان خوش آهن پوءِ ڀلي اهو نيو ورلڊ آرڊر ڪنهن سيڪريٽ سوسائٽي جو ٺاهيل ڇو نه هجي.
فريميسين جي ميمبرن جو تعلق پٿر جي صنعت سان هوندو آهي آمريڪا جي واشنگٽن ڊي،سي جون اڪثر عمارتون جيڪي پٿر سان ٺاهيل آهن اهي انهن ٺاهيون آهن. فريميسن جو سالانا يا ڪنهن مخصوص موقعي تي اجلاس ٿيندو آهي جنهن ۾ انهن جو هڪ خاص انداز هوندو آهي ۽ انهن جا مختلف هال هوندا آهن جنهن کي ميسن لاج چيو ويندو آهي، هن وقت تائين جيڪو ڪجهھ به انهن ڳجهين سوسائيٽين بابت چيو ويو آهي اهو سڄو قياس آهي ۽ سواءِ اندازن جي ٻيو ڪجھه ناهي، دنيا ۾ هزارين انٽيليجنس ايجنسيون ڪم ڪن ٿيون ۽ سوين لڪيل سوسائٽيون ڪم ڪن ٿيون انهن مان محض چند سوسائٽين کي حدف ٺاهڻ نا مناسب آهي، دنيا هاڻي تبديل ٿي چڪي آهي ۽ انسان هاڻي شعور ڏانهن قدم وڌايو آهي هاڻي نئون نظام انسان جو منتظر آهي هاڻي گڏ هلڻ سان ئي قومن کي فائدو آهي اهو ئي نيو ورلڊ آرڊر آهي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *