تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

دلچسپ ۽ مزاحيا پهاڪو‎ … علي حيدر

پراڻي زماني جي ڳالهھ آهي ته اڪبر بادشاھه وٽ هڪ وزير هوندو هو جيڪو پاڻ کي وڏو اديب داناءَ ۽ عقلمند سمجهندو هو. اڪبر بادشاھه کي پنهنجي پيءُ هڪ منڊي ڏني هئي جيڪا هن کي هميشه پنهنجي هٿ ۾ پاتل هوندي هئي، هڪ ڏينهن ائين ٿيو جو اها منڊي گم ٿي وئي، اڪبر بادشاھه ڏاڍو پريشان ٿيو، ڇو ته هن کي ٻئي ڪا پنهنجي پيءُ جي نشاني نه هئي.ڪجهھ وقت کان پوءِ هن جو وزير درٻار ۾ آيو، اڪبر بادشاھه پنهنجي وزير کي چيو ته تون پاڻ کي وڏو سياڻو سمجهندو آهين، مون کي تون ٻڌاءِ ته منهنجي هاڻي درٻار ۾ منڊي گم ٿي وئي آهي اها ڪٿي گم ٿي آهي. وزير چيو بادشاھه سلامت صبر ڪريو مان اوهان کي ٻڌايان ٿو، هن چيو ته سائين منڊي جنهن لڪائي آهي اهو چور اوهان جي درٻار ۾ اوهان سان گڏ ويٺو آهي ۽ ان جي ڏاڙهي ۾ تِر آهي. ايئن ٻڌي چور فورَن پنهنجي ڏاڙهي ڏانهن هٿ هڻي ڏٺو ته واقعي منهنجي ڏاڙهي ۾تر آهي، ان وقت وزير هن کي پڪڙي ورتو ۽ چيو ته بادشاھه سلامت هي چور آهي جنهن اوهان جي منڊي لڪائي آهي پوءِ واقعي چور اهو هو ۽ بادشاھه کي پنهنجي منڊي واپس ملي. ان وقت کان وٺي اهو پهاڪو مشهور آهي ته ”چور جي ڏاڙهي تي تر“. ان ڪهاڻي مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو ته چور چاهي ڪهڙو به هجي اهو هميشه خوفزده هوندو آهي پوءِ ان کي پڪڙڻ توهان جي داناهي تي هوندو آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *