تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

دزجي ويل تاريخ جا چونڊ پنا …..مير ڪابل جو مير شير محمد جي مدد کان کتو جواب……معصوم ٿري

(سيد فدا حسين، برٽش آرمي جو ميرٺ ڇانوڻيءَ ۾ جمعدار هو. 1838ع ۾ انگريزن جڏهن افغانستان تي ڪاهه ڪئي ته ان “لشڪر انڊس” سفر ۾ فداحسين جمعدار به شامل هو. انهيءَ جنگي سفر ۾ هن جيڪي ڪجهه ڏٺو، جيڪي وهيو واپريو، پوءِ چاهي افغانستان هجي يا سنڌ، ان انوکي سفرنامي کي ڪتابي شڪل ڏيئي 1842ع ۾ هن دهلي مان هنديءَ ۾ ڇپرايو. انهي سال ممبئي جي اردو هفتيوار “مجمع الخبار” ان جو ترجمو ڪري ڇاپيو. بعد ۾ ان کي به واڌاري سان ڪتابي شڪل ۾ ڇپرايو ويو، ان ڪتاب جا چونڊ پنا پڙهندڙن لاءِ پيش آهن.)

آڪٽوبر 1843ع تي شاهه شجاع الملڪ جو ڀاءُ شاهه حسين جيڪو پشاور ۾ رهي ٿو، تنهن پنهنجي ڀائيٽي تيمور شاهه کي فيروزپور ۾ هڪ خط موڪليو، جنهن جو تت هو ته امير دوست محمد خان هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي. تيمور شاهه فيروزپور ۾ اجنٽ صاحب کي ٻڌايو ته پشاور ۾ رهندڙ سندس چاچي شاهه حسين خط لکيو آهي ته امير دوست محمد گذاري ويو آهي.
ٿي سگهي ٿو ته تيمور شاهه پنهنجي ڳالهه سچي ثابت ڪرڻ لاءِ چاچي جي نالي سان ڪوڙو خط لکيو هجي، پر جڏهن اجنٽ صاحب کي اها خبر ٻڌائي وئي ته اها ڊيلي گزيٽ ۾ شايع ٿي وئي، پر جڏهن معلومات ورتي وئي ته امير جي صحت ڏينهن و ڏينهن بهتر ٿيندي پئي وڃي. تيمور شاهه جو اهو ڍونگ پڌرو ٿي پيو ۽ خبر ڪوڙي نڪتي. انهي عرصي دوران امير موصوف پنهنجي 2 پيارن پٽن کي غزني واري پاسي ڍل جي اصولي لاءِ موڪليو پر اتان جي زميندارن چيو ته اسان جو انگريز سرڪار سان معاهدو ٿيل آهي ته اسين ڪنهن کي به ڍل ۽ آبيانو نه ڏينداسين، ان ڪري اسان کي معافي ڏيو. نواب حيدر خان ايئن ئي دهمان ڪري داٻو ويهارڻ جو سوچيو، ان ريت جاهوزئي قبيلي جو سردار باقر سلطان ڪوهستان مان ڀڄندو آيو ۽ غزني جي آسپاس وارا ڪيترائي ڳوٺ ۽ وسنديون ڦرلٽ ڪري ويران ڪري ڇڏيون، اها خبر جڏهن ڪابل پهتي ته امير، حيدر خان کي واپس گهرائي ورتو ۽ محمد سلطان کي غزني جي قلعيداري سونپي جنهن تي شمس الدين خان ناراض ٿيو ۽ امين الله سان وڃي لوگر قلعي ۾ مليو ۽ دانهن ڏنائين ته غزني ۾ مون مهلائتي جنگ ڪري ميجر پريٽ کي شڪست ڏيئي غزني وارو قلعو خالي ڪرايو هو، ان کانسواءِ جنرل ناٽ جي مقابلي م منهنجا ڪيترائي جانٺا جواب مفت ۾ حياتين تان هٿ ڌوئي ويٺا ۽ اهي قلعي جي دروازي تي موت جي منهن ۾ آيا، پر اهو ڪهڙو انصاف آهي جو هڪ ڌارئي کي قلعداري ملي وڃي؟ اهو سراسر ناحق آهي، جان جي بازي لڳائيندڙ اڄ مايوس هجن ۽ وچان ٽيان ويهي ٺٺ ڪن، اها سڄي روئداد امين الله خان امير کي چورائي موڪلي، جنهن تي امير انهي وقت جي شمس الدين کي درٻار ۾ گهرائي وڏو مان مرتبو ڏيئي غزني جي قلعداري انهن جي نالي تي لکي وئي.
قنڌار جي رئيسن ڪهندل خان ۽ پردل خان امير جي خدمت ۾ هڪ خط لکي صلاح ورتي تي مير شير محمد خان سنڌي اسان کان 10 هزار پيادا ۽ سوار گهرايا آهن ته جيئن هو انگريزن سان لڙائي ڪري پنهنجي باقي ملڪ کي هٿ ڪري وٺي، ان مدد عيوض هو 4 لک رپيا ڏيڻ تي به راضي آهي ۽ بلوچستان جا مشهور قبيلا مري ۽ بگٽي هن جي مدد لاءِ تيار ويٺا آهن، جيڪڏهن توهان اهڙي مدد لاءِ تيار هجو ته اسين به ان ۾ شامل ٿيون، باقي اها خاطري آهي ته فتح نصيب ٿيندي ۽ فائدي واري ڳالهه به آهي.
امير ڪابل انهي خط جي جواب ۾ لکي موڪليو ته سنڌ جا حڪمران اگر سڄي دنيا جي فوج گڏ ڪن تڏهن به هو انگريزي فوج تي ڪنهن به ريت سوڀارا نٿا ٿي سگهن ۽ آئون ته انگريزن تي ڪڏهن تلوار اڀي نه ڪندس، ڇاڪاڻ ته آئون جڏهن بيوس هئس، انهي وچ ۾ گورنر مڪناٽن صاحب سان ملاقات ڪري چيلهه تان پنهنجي تلوار کولي هن جي هٿ ۾ ڏيئي چيم ته تلوار هيستائين مون ٻڌي هاڻي توهان ٻڌو، ان تي هن صاحب اها تلوار وٺي ڪري منهنجي چيلهه تي ٻڌي چائين ته هيستائين هي تلوار اوهان پنهنجي خوشي سان ٻڌي رکي، هاڻي اسان جي خوشي انهي ۾ آهي ته اڄ کانپوءِ سرڪار ڪمپني بهادر طرفان اوهان اها تلوار پنهنجي چيلهه سان ٻڌو.
ان ڪري بهتر اهو ٿيندو ته آئون اهڙن ڪمن ۾ ٽنگ نه آڙايان، ڇاڪاڻ ته توهان مير جي مدد ڪري اجايو سرڪار ڪمپني جا دشمن بڻجي ويندا، پر جيڪڏهن اهي ئي اڳواٽ 4 لک رپيا ملن ته پوءِ وس وارا آهيو باقي مون کي اهڙين ڳالهين ۾ شامل نه سمجهجو.
خبر آهي ته قاضي غلام محمد خان جيڪو سر ايليگزينڊر به پرنس صاحب جو وڏو ٻانهن ٻيلي ۽ گهڻ گهرو هو، لشڪر سان گڏ هندستان آيو ۽ پوءِ نڪلس جي سفارش سان امير پاڻ سان گڏ هن کي ڪابل وٺي ويو ۽ پنهنجي سٿ ۾ رکيائين، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ افغانين ان جو پيڇو ڪري ان جي اصليت کي پرکيو ته امير کي گذارش ڪيائون ته هي انگريز جو ڳجهو رپورٽر آهي، جيڪو روزانو خبرون لکي انگريزن کي موڪليندو آهي، امير اهو ٻڌي هڪ ڏينهن ان کي چيائين ته تون مون کي برنس صاحب جو لڪايل خزانو ڏيکار، ڇاڪاڻ ته توکي سڀ خبر هئي. هن جواب ڏنو ته مون کي انهي متعلق ڪابه خبر ناهي ۽ اصل ۾ گورن صاحبن جو اهو قانون ئي ناهي ته مال کي زمين ۾ پوري رکن، امير نه مڃيو ۽ هن کي قيد ڪري ڇڏيائين، اهڙي ڄاڻ ملڻ جي باوجود قابل مان تاريخوار روزانو اخبار اچي ٿي، جتان فارسي مان انگريزي ۾ ترجمو ٿي سڀني اخبارن ۾ شايع ٿيندي آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *