تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

درد جي ڏھاڙن جون درديليون ڪھاڻيون … روشن شيخ

نامياري ڪھاڻيڪار رفيق سومري پنھنجي ڪھاڻي ڪتاب “مٽيءَ سندو مامرو” ۾ لکيو آ ته “ليکڪ سدائين بيچين رھندو آھي” ۽ ليکڪ وٽ جيستائين بيچيني ھوندي، اوستائين ھو لکندو ئي رھندو. خيرپور سان تعلق رکندڙ مظھر ابڙو پڻ بيچين روح جو مالڪ آھي، مون مظهر ابڙو کي ڪڏھن ڪاري جوڙي ۾ ڊگھو عرصو ڏٺو ته ڪڏھن وري خودڪشيءَ جي ويجھو ته ڪڏهن وري ڪلين شيو…. مطلب ته مظهر کي بيچيني سڪون سان سمھڻ نٿي ڏئي. لاڪ ڊائون جي قھري ڏهاڙن ۾ مظھر ابڙو جي ڪهاڻين جو نئون ڪتاب “سڪل نديءَ جا نشان ” آيو، ھي ڪتاب درد سان ٽٻٽار آھي، ڇاڪاڻ ته مظهر کان سندس بيچيني اھڙن اشوز تي لکرائي ٿي، جيڪي اشوز ھن سماج جي معصوميت تي ڪنھن لت جيان آھن.
ھن ڪتاب ۾ شامل يارنهن ڪھاڻيون مون جڏھن مختلف وقتن تي پڙھيون ته منھنجي طبيعت ۾ پڻ بيچيني وڌي وئي، ھن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻيون “وڏو ماڻھو” ـ “ڪووڊ 19” ـ “ڳڀي جي ڳولا” ـ “ڪيئن اسان جا لھندا پارا” ـ “وبا وڏي يا بک!! ” ـ “ھو رڳو ھڪ پيءُ آھي” ـ “…. خواب اڏامي ويو ” ـ “نئون ناسور ” ـ “دعا، دغا ۽ خدا”ـ “ڌرتيءَ جو بار” ـ “سڪل نديءَ جا نشان ” ھي سڀ ڪھاڻيون ان ڪري به اکين کي نمي بخشيندڙ آھن، جو اھي ڪھاڻيون پنھنجي پيٽ ۾ ڳڀي جي ڳولا، ھڪ پيءُ جي اوجاڳيل اکين جو سور به پنھنجي پيٽ ۾ رکيون پيون اچن. ۽ ٻن کن ڪھاڻيون ته وري عالمي وبا ڪورونا جي خطرناڪ موضوعن تي ھڪ سنڌي سنڊي ميگزين ۾ پڙھي ڪري مان ان راءِ تي پھتو ھوس ته سنڌي ڪھاڻيءَ جو مستقبل اونداھو ھرگز به ناھي.
ھن ڪتاب جو مھاڳ ڪهاڻيڪار پاڻ لکيو آھي، مھاڳ ۾ ڪھاڻيڪار مظهر ابڙو لکي ٿو ته: “منهنجي ڪھاڻين ۾ اوھانکي اٻوجهھ انسانن جو ذڪر پڻ ملندو، جن کي ھن ملڪ اندر رڍن، ٻڪرين ۾ تبديل ڪيو ويو آھي”حبيب ساجد پنھنجي راءِ ۾ مظهر لاءِ لکيو آ ته “مظھر ابڙو جيڪو بنيادي طور ڪھاڻيڪار ۽ حادثاتي طور تي شاعر آھي، خيرپور ميرس جي زرخيز ڌرتيءَ جو اھو ڪڻڪ رنگو ڏات ڌڻي آھي، جنھن پنھنجي تخليقن کي ڪڏھن به Disown نه ڪيو آھي”مظهر جي ڪهاڻين توڙي شخصيت جي حوالي سان اعجاز سمون لکي ٿو: “مظهر ادب جي ھر صنف کي وائلن جي تارن وانگر ڇيڙيو آھي، جنهن جي مٺي آواز پڙھندڙن کي وري پاڻ ڏانهن متوجهھ ڪيو آھي، مظھر منھنجو دوست آھي، ھو جيترو پيار ڪرڻ وارو شخص آھي، اوترو ارڏو ہہ آھي”بيڪ ٽائيٽل تي نامياري شاعر امراقبال پنھنجي ڪھاڻيڪار دوست مظهر ابڙو لاءِ لکيو آھي ته: “ھڪ ڊگھي وٿي کانپوءِ، پياري دوست ۽ پنھنجي ٽھيءَ جي نشانبر ڪھاڻيڪار مظھر ابڙي جي ڪھاڻين ھن ڪتاب جو ڇپجڻ مون لاءِ ذاتي طرح به خوشيءَ جو سبب بڻيو آھي”۽ واقعي ئي مظهر جو ھيءُ ڪتاب اسان لاءِ ان ڪري به خوشيءَ جو سبب بڻيو آھي ته ھي ڪتاب سنڌي ڪھاڻي ڪتابن ۾ ھڪ الڳ معياري ڪتاب جي جڳهھ والاريندو، ڇو ته ھي ڪھاڻي ڪتاب ڪووڊ 19 وارن ڏھاڙن ۾ آيل ھڪ اھڙو ڪتاب آھي، جنھن کي پڙھندي دلي تسلي ٿي ته کجين جي ديس جون ڪھاڻيون کارڪن جيان اعليٰ قسم جو مٺاڻ رکن ٿيون.
ھي ڪتاب نئون نياپو ڪراچي پاران شايع ڪيو ويو آ، پبلشر نوٽ سنڌي انعام لکيو آ، ڪتاب جو خوبصورت ٽائيٽل ڪپتان ابڙو ٺاھيو آھي، 128 صفحن واري ھن ڪھاڻي ڪتاب جو ملهھ 200 روپيا مقرر ڪيو آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *