تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

دردن، پيڙائن، جنگين ۽ وبائن سان جهيڙيندڙ انسان …بشير جانوري

ڪائنات جي تخليق واري ڏينھن کان وٺي انسان ڏکن، دردن، پيڙائن، جنگين ۽ وبائن سان جھيڙيندو رھيو آھي انھن سمورين تڪليفن ۽ مصيبتن وقتي طور انسان کي ڪمزور ۽ ھيڻو ضرور ڪيو پر انسان ثابت قدم ٿي ھمت ۽  حوصلي سان سمورين صعوبتن مان پاڻ اڪاري منزلن تي پڄندو رھيو آھي. ھونئن به زندهه قومون آزمائشن ۽ امتحانن  مان سبق سکي آئيندي جي لاءِ رستا ۽ راھون ھموار ڪري مصيبتن کي مات ڏئي سرخرو ٿينديون رھيون آھن. ھن وقت به انسانذات اھڙي ئي تڪليف ۽ پيڙا مان گذري پئي جنھن وقتي طور تي خوف ۽ ھراس واري صورتحال برپا ڪري ڇڏي آھي پر ان سموري ڪٺن مرحلي مان نڪرڻ لاءِ جستجو جدوجھد ايڪي ۽  اتحاد جي ضرورت آھي. دنيا ۾ ڪرونا وائرس جون تباھه ڪاريون جاري آھن. ھي وائرس تيزي سان  ڦھلجي نه صرف  صحتمند ماڻھن تي حملي آور ٿي رھيو آھي پر ان سان گڏوگڏ دنيا اربين ڊالرز جو نقصان پڻ برداشت ڪري چڪي آھي. ھي پھريون ڀيرو ناھي جو دنيا ۾ وبائي بيماري ڦھلي ھجي ھن کان پھريان به 1918ع ۾ آمريڪا جي رياست ڪينساس ۾ اسپيني فلو Spanish flu ڦھليو ھيو جنھن سموري دنيا کي لپيٽ ھيٺ آڻي اڌ ڪروڙ ماڻھو ماريا ھئا جنھن مان ارڙھن لک گڏيل ھندستان جا رھاڪو ھئا ۽ پورن ٻن سالن تائين اھا بيماري اثرانداز ٿيندي رھي.
چائنه کان شروع ٿيندڙ ڪورونا وائرس سموري دنيا کي لپيٽ ۾ آڻي خوف ۽ ھراس واري صورتحال کي جنم ڏنو آھي. اھي قومون پوءِ ڇونه دنيا تي حڪومت ڪن جن وٽ پيسي جي اھميت بجاء انساني جانين جي وڌيڪ اھميت ھجي. ھن وقت ھي وائرس چين کان پوءِ ايران اٽلي، ڪوريا، جرمني، فرانس۽ ھندستان کان ٿيندو پاڪستان تائين پھتو آھي ۽ تقريبن دنيا جي سمورن کنڊن ۾ پوري اثر سان نمودار ٿي چڪو آھي. دنيا ۾ ھن وقت تائين چين کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان اٽلي ۽ ايران جو ٿيو آھي.اٽلي 6 ڪروڙ آبادي وارو ملڪ آھي جتي ھن وقت تائين 6000 ھزار کان وڌيڪ ماڻھو اجل جو شڪار ٿي چڪا آھن جڏھن ته فوتين ۽ وائرس ۾ مبتلا ٿيندڙ مريضن جو انگ روز به روز خطرناڪ حد تائين وڌندو پيو وڃي.ايران دنيا ۾ ڳاڻيٽي جي حساب سان دنيا ۾ ٽيون نمبر ملڪ آھي جتي ھن وائرس وڏ ا ھاڃا ڪيا آھن.ھن وقت تائين ايران ۾ 1745 ماڻھو موت جي منھن ۾ وڃي چڪا آھن.گھٽين ۽ رستن تي تڙپندڙ ماڻھو وائرس جي درد ڪٿا کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪافي آھن.ڪافي ڏھاڪن کان ايران تي معاشي پابنديون آھن جنھنڪري ايران جو معاشي نظام بھتر ناھي.پر ھڪ ڳالھه جنھن اٽلي ۽ ايران کي ان عذاب ۾ مبتلا ڪيو اھا سندن عدم سنجيدگي ھئي.جيڪڏھن شروعات ۾ ئي ايران ۽ اٽلي سنجيده قدم کڻن ھا ته اھڙي خطرناڪ صورتحال جنم نه وٺي ھا.
پاڪستان جي صورتحال تي نظر وجھجي ٿي ته انتھائي افسوس سان گڏ اچرج به ٿئي ٿو.ھي وائرس اسان جي پاڙيسري ۽ دوست ملڪ چين کان شروع ٿيو جنھن جي سرحد پاڪستان سان مليل آھي ۽ اسين واپاري طور تي چين جا شراڪتدار آھيون. چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪيترائي منصوبا  ھلندڙ آھن. جڏھن ته اسان جي اچ وڃ جو سلسلو چين سان گڏوگڏ ايران سان به ھلندڙ آھي جڏھن ٻئي پاڙيسري ملڪ ان وبا جي ور چڙھيل ھجن ته پوءِ اھو ڪٿي ممڪن ھو ته اسان ان وبا کان  بچي سگھون ھا .ان سموري وايومنڊل ۾ اسين ھٿ تي ھٿ ڏئي ڪنھن غيبي طاقت جو انتظار ڪريون ته اھا ڪٿان جي دانشمندي ھئي. ھتي ڪافي ڏينھن تائين ايئرپورٽ ۽ زميني سرحدون کليل رھيون جنھن ڪري ماڻھن جي اچ وڃ جاري رھي اھو ئي سبب آھي جو وائرس ٻاھران ايندڙ ماڻھن جي ذريعي ڦھليو. ٿيڻ ته ائين گھربو ھو ته شروع ۾ ئي سرحدن تي قرنطينه سينٽر قائم ڪري اتي ئي وائرس ۾ مبتلا مريضن کي چڪاسي صحتياب ٿيڻ بعد موڪليو وڃي ھا. ان جو ھڪ فائدو اھو ھو ته سرحدن تان گھڻي پنڌ سبب ماڻھو ڀڄي نه سگھن ھا. ھن وقت قرنطينه سينٽر ڳتيل آبادي وارن شھرن ۾ ھجڻ ڪري ڪافي ماڻھو قرنطينه سينٽرن ۾ پھچڻ کان پھريان ئي ڀڄي گھرن تائين پھچي وڃن ٿا.جن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پڪڙي اسڪريننگ بعد صحتمند ماڻھن کي ڇڏي ڏنو پيو وڃي جڏھن ته وائرس ۾ مبتلا مريضن کي قرنطينه سينٽرن ۾ پھچايو پيو وڃي پر جيڪڏھن سرحدن تي ئي سڀ ڪجھه ٿئي ھا ته ان وبا جو ڦھلجڻ ڪافي حد تائين گھٽجي وڃي ھا.
جڏھن خطرا موجود ھجن ته انجو حل ڪھڙو ھجڻ گھرجي .قوم جي اڳواڻن وٽ Vision ھوندو آھي جنھن تحت تڪڙا فيصلا ڪري قومن کي سنئين راھ ۽ رستي تي وٺي اچبو آھي پر اسان وٽ ڪاري وارا ڪک آھن.سنڌ حڪومت تي ڪافي ڏھاڪن کان حڪومتي بد انتظامي سبب تنقيد ٿيندي رھي آھي پر ھن ڀيري جنھن طريقي سان وڏي وزير مراد علي شاھه متحرڪ ڪردار ادا ڪيو آھي ته ان مان لڳي ٿو ته پ پ سرڪار جا اڳيان پويان گناھه ڌوپجي ويندا. سنڌ ۾ 26 فيبروري تي پھريون ڪيس ظاھر ٿيو ته سنڌ سرڪار ان کي سنجيده وٺي ميدان ۾ لھي پئي.15000 ڪٽس خريد ڪرڻ کان وٺي تعليمي اداران کي موڪلون ڏيڻ تائين دانشمندي وارا فيصلا ساراھڻ جوڳا آھن. سيد مراد علي شاھ شروع کان ئي سندرو ٻڌي ان بيماري جي مقابلي لاءِ ميدان ۾ لٿل آھي. اھو سمورو عمل پنھنجي جاءِ تي پر ھن وقت سڀ ويڇا وساري ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ڪم ڪرڻ جو وقت آھي.حڪومت جي ٿوري به غفلت وڏي سانحي کي جنم ڏئي سگھي ٿي ياد رکو ھي بيماري اچڻ ۾ جيتري سولي آھي اوتروئي بچاءُ به سولو آھي.ھي وائرس سماجي ميل ميلاپ ھٿ ڏيڻ ڀاڪر پائڻ ٿُڪ جي ذريعي يا نڇ جي وسيلي پکڙجي ٿو.ھي وائرس وزني ھجڻ جي ڪري پنڌ يا سفر نٿو ڪري.ان ڪري غير ضروري ٻاھر نڪرڻ ملڻ جلڻ کان پاسو ڪيون ته جيئن ھن وبائي وائرس کان پنھنجو پاڻ پنھنجن پيارن پاڙن وارن کي بچائي سگھون.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *