تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

داستان: قديم دور ۾ علم نفسيات جي شڪل…..ڪيرن آرم اسٽرانگ سنڌيڪار: حامد گبول

اڄ داستان جو لفظ انهن ڳالهين لاء استعمال ڪيو ويندو آھي جن ۾ رڳو ڪوڙ هجي ٿو. جيئن ڪنهن سياستدان تي ڪنهن ڏوهه يا بدعنواني جو الزام لڳندو آھي ته اڪثر اهو ئي چوڻ ھوندو آھي ته هي ڪوڙي داستان گوئي آھي. ايئن ڪڏھن نه ٿيو آھي جيئن ڪڏھن اسان ٻڌندا هئاسين ته، خدا زمين تي گمهي ٿو، مرده قبرن مان نڪري ڀٽڪندا رهن ٿا يا سمنڊ خشڪ ٿي پسنديده ماڻھن کي گذرڻ لاءِ رستو ڏي ٿو، جيئن اهي دشمن جي عتاب مان بچي نڪرن.
اڄ جو ماڻھو انهن ڳالهين تي يقين نٿو رکي. ڇو ته اسان ۾ سائنسي شعور پيدا ٿي چڪو هو. اسان فقط انهن ڳالهين تي يقين رکون ٿا، جيڪي حقيقت کي ظاهر ڪن ٿيون. پر ان کان اڳ جڏھن ماڻھو ماضيءَ جي باري ۾ لکندا هئا ته اهي واقعن جي مفهوم کي وڌيڪ اهميت ڏيندا هئا. اهي داستان يا (myth) کي هڪ اهڙو واقعو سمجهندا هئا جيڪو ڪنهن مفهوم ۾ ھڪ ڀيري ٿيو ته آئينده به ٿي سگهي ٿيو.
اسان تاريخ جي واقعه نگاري (Chronological) نظرئي تي سخت يقين رکون ٿا، اسان وٽ اهڙن واقعن جي باري ۾ ڪي لفظ ناهن. پر داستان گوئي هڪ باقاعده فن آھي جنهن جون پاڙون تاريخ کان اڳ واري دور ۾ پيل آھن. هي فن اسان کي ان دور ڏانهن وٺي وڃڻ ۾ مدد ڪري ٿو، جنهن ۾ بي مقصد ۽ بي ترتيب فنڪاري موجود هئي ۽ حقيقت جي فقط هڪ جهلڪ ئي ڏسي سگهبي هئي.
ماورائيت (Transcendence) هميشه انساني تجربي جو حصو رهيو آھي. ڪيئي گهڙيون بي خودي ۽ سرمستي جي تلاش ۾ رهن ٿيون. جڏھن اسان جي اندر جي دنيا جا ساز وڄن ٿا ته اسان گهڙي کن لاءِ آپي مان ٻاهر نڪري وڃون ٿا، پاڻ کي معمول کان وڌيڪ پرجوش ڏسون ٿا ۽ ايئن محسوس ڪريون ٿا ڄڻ سموري انسانيت اسان جي اندر ساهه کڻي رهي آھي. مذھب بيخودي ۽ سرمستي کي محسوس ڪرڻ لاءِ انتهائي روايتي طريقن مان هڪ آھي.
پر جيڪڏھن اها شئي اتي نه ملي ته ماڻهو تلاش ۾ ڪنهن ٻي هنڌ نڪري وڃن ٿا. اهي ان کي فن، موسيقي، شاعري، Rock &Role، رقص، منشيات، جنسي سرگرمين يا راندين ۾ تلاش ڪن ٿا.
شاعري ۽ موسيقي وانگي داستان گوئي به اسان کي عالم ڪيف ۽ سرور ۾ وٺي وڃي ٿي. جتي اسين موت جي منهن ۾ وڃڻ کان به نٿا مڙون. تنهنڪري تمثيلي ڪهاڻي يا داستان کي ان خيال سان سمجهڻ غلط هوندو ته هاڻي انسان عقل ۽ سمجهه جي دور ۾ داخل ٿي چڪو آھي ۽ ان کي انهن قصن ۽ ڪهاڻين جي ضرورت ناهي رهي.
داستان گوئي ڪندڙن اها دعويٰ ڪڏھن به نه ڪئي ته اها تاريخ نويسي جي ابتدائي ڪوشش جو حصو آھي، ۽ نه ئي اهو چيائون ته ان ۾ ڪا عارضي حقيقت ڏٺي وڃي ٿي. داستان هڪ ناول، اوپيرا (غنائي ڊرامو) يا بيلي ڊانس وانگر مفروضي تي مبني هڪ ڪھاڻي يا هڪ اهڙي راند هوندي آھي، جيڪا اسان جي ٽڪرن ۾ ورهايل المناڪ دنيا کي وسيع تناظر ۾ پيش ڪري ٿي. اها اسان کان پڇي ٿي … جيڪڏھن ايئن نه ٿئي ها ته پوءِ؟ اسان کي دنيا جي امڪانات جو هڪ شعبو قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏي ٿي.
هي هڪ اهڙو سوال آھي جنهن فلسفي، سائنس ۽ ٽيڪنالوجي ۾ نهايت اهم ايجادن ۾ مدد ڏني آھي. پٿر جي دور جي ماڻھن پنهنجي مري ويل ماڻهن کي نئين سر جيئارڻ لاءِ مفروضن تي ٻڌل ڪهاڻين جو کيڏ کيڏيو. جيڪو داستان جي چالاڪي جو گڏيل مشغلو رهيو آھي. فرض ڪريو سوال هي هجي ها “جيڪڏھن هي دنيا جيئن آھي ايئن نه هجي ها ته پوءِ؟” اسانجي زندگين تي ڪهڙو اثر پوي ها؟ ڇا اسان عملي يا سماجي زندگي ۾ بلڪل مختلف روپ اختيار ڪري وڃون ها؟! ڇا اسين وڌيڪ ڪامل ٿي وڃون ها جيڪڏھن اسان کي اها خبر پئجي وڃي ها ته اسين تمام گهڻو بدلجي چڪا آھيون؟
ڇا انهي مان اهو ظاهر نٿو ٿئي ته اسان جو داستاني عقيدو ڪيترو صحيح هو. اها اسان کي انسانيت جي باري ۾ ڏاڍي اهم ڳالهه ٻڌائي رهي هئي، توڙي جو هن وقت تائين اسان ان کي عقلي طور تي ثابت نه ڪري سگهيا آهيون.
داستان اسان جي ڪايا کي ان وقت پلٽيندو جڏھن اسين ان جي ھدايت تي عمل ڪنداسين. هڪ داستان يا ديو مالا اصل ۾ هڪ رهنما ئي هوندو آھي. اهو اسانکي ٻڌائي ٿو ته اسان کي هڪ ڪامياب يا ڪامران زندگي گذارڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟
جيڪڏھن اهو اسان پاڻ تي لاڳو نه ڪريون ها، پنهنجي زندگي کي ان جي هدايت جي مطابق نه گذاريون ها ته اهو ان طرح ناقابل فهم ۽ بي لطف هجي ها.
جديد دور ۾ اسان داستان کان جيتري بي پرواهي ۽ دوري اختيار ڪئي آھي، ان جو ماضي ۾ ڪوبه مثال نٿو ملي. پراڻي زماني ۾ داستان يا ديو مالا کي هڪ بنيادي ضرورت سمجهيو ويندو هو. ان سان ماڻھن کي نه فقط پنهنجي زندگي جي مفهوم کان آگاهي ملندي هئي پر انساني ذھن جي هڪ اهڙي تنهائي به ظاهر ٿيندي هئي، جيڪا هميشه پهچ کان ٻاهر هوندي هئي. هي اصل ۾ ان دور جي علم نفسيات جي شڪل هوندي هئي. ديوتائن جا ۽ سورمن جا قصا ٻڌائيندا هئا ته دلير ماڻھو ڪيئن پاتال ۾ لهي پاپ ۽ غلطيون ڌوئيندا ۽ ظالمن سان وڙھندا هئا. اهي داستان ان دور جي ماڻھن جي انساني نفسيات جي طريقيڪار کان آگاهه ڪندا هئا. انهن کي بحرانن مان نڪرڻ جون راهون ڏسيندا هئا.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *