تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

خوشي حاصل ڪرڻ به مسئلو ٿي پيو آهي …پون ڪمار منڌاڻ

حياتي خود به هڪ مصيبت آهي، امير ماڻهو پنهنجي دولت جي ڪري ويل ۾ آهن، غريب پنهنجي سڃائي جي ڪري تڪليفن ۾ آهن، خاندان کانسواءِ ماڻهو انڪري ڏچن ۾ آهن جو کين گهر ڀاتي ڪونهن، جيڪڏهن ڪٽنب آهي ته پنهنجي ڀاتين جي مختلف طبيعت ۽ گهرجن جي ڪري ڪٽنب وارو به پريشان آهي، جيڪي ماڻهو دنياوي لذتن جي ڳولا ۾ آهن اهي انهن خواهشن جي ڪري وائڙا پيا گهمن، اهي ماڻهو جيڪي دنياوي مزن کان پاڻ کي پري پيا رکن انهي پرهيز جي ڪري ڏک ۾ ورتل آهن ته جيڪر مزا ڪيون ها. اهو چوڻ صحيح ناهي ته سڀ تڪليفون پاڻ ۾ برابر آهن، ڪاتڪليف ٻي تڪليف کان شدت ۾ گهٽ ٿئي ٿي پر ائين آهي ته سڀ سورن ۾ آهيون بچيل ڪوبه ڪونهي، اسان ان سبب ڪري به تڪليف سهون ٿا ڇاڪاڻ ته حياتياتي طور تي اها فائدو به ڏئي ٿي ڇاڪاڻ ته اها قدرت جي طرفان تبديلي جو ذريعو آهي ۽ ان کي اتساهه ڏيندڙ آهي .
اسان جا مسئلا ورجائيندڙ آهن ۽ انهن کان پاسو نٿو ڪري سگهجي، جنهن ماڻهو سان شادي ڪيو ٿا ان سان جهيڙا به ڪريو ٿا، جيڪو گهر رهڻ لاءِ خريد ڪريو ٿا ان جي مرمت به ڪرائڻي ٿي پوي، جنهن نوڪري يا ڌنڌي لاءِ خواب لهندا آهيو اهو حاصل ٿي وڃي ته ان ۾ به پريشانيون موجود آهن، هر شيءَ ۾ ڪجهه نه ڪجهه قرباني ڏيئڻي پوي ٿي جنهن شي مان خوشي حاصل ٿيندي آهي ان ۾ ڳڻيتيون به شامل آهن، حاصل ڪيون ٿا ته وڃايون به ٿا، اهڙي ڪوڙي گوري کائڻي پوي ٿي. اسان جي خواهش هوندي آهي ته اهڙي خوشي ملي جيڪا دائمي هجي، دل چاهيندي آهي ته پنهنجون سڀ مصيبتون ختم ڪري سک جو ساهه کڻون ، اها ڳالهه وڻندي آهي ته اسان جون چاهنائون سڀ حاصل ڪريون ۽ پوءِ حياتي ۾ سک، چين هجي پر ڪاش ائين ٿئي نٿو، خوشي جدوجهد چاهيندي آهي، اها مسئلن مان ڦٽي نڪرندي آهي. خوشي زمين مان سدا بهار گلن وانگر ڪونه ڦٽندي آهي يا سولائي سان آسمان ۾ انڊلٺ وانگر ظاهر ڪونه ٿيندي آهي، سچي خوشي ۽ جٽاءُ ڪندڙ آرام تڏهن حاصل ٿيندو جڏهن اسان صحيح منزل چونڊي پنهنجي جدوجهد به صحيح طريقي سان عمل ۾ آڻيون،
درحقيقت توهان کي درست چونڊ ڪرڻي آهي، سورن کان خالي رڳو مزي واري حياتي ائين ڪونه ملي سگهندي، ائين ٿي نٿو سگهي ته هر وقت چوڌاري گلاب ٽڙيل هجن ۽ اسان هڪ سڱي هوائي گهوڙي تي سوار سير ڪندا وتون. سڀ کان دلچسپ سوال آهي سور يا درد جو، توهان ڪهڙو سور برداشت ڪري سگهندو؟ اهو ڪجهه ڏکيو سوال آهي پر ان مان ڪجهه حل ملي سگهندو اهو نقطه نظر ته ڇا پر حياتي کي به بدلائي سگهي ٿو، اهو ئي اسان کي الڳ الڳ هڪ امتيازي حيثيت به ڏيئي سگهي ٿو پر آخر ۾ گڏ ملائي به سگهي ٿو،
اهي ماڻهو جيڪي اڀرندڙ فنڪار جي لاهن چاڙهن ۽ آزمائش مان لطف وٺندا آهن اهي پاڻ به انهن مرحلن مان گذري سگهندا آهن، متان سمجهو ته ان جو مطلب عزم ارادو ۽ حوصلو وغيره آهي اهو اسان جي زندگي جو ساده ترين جز آهي، اسان جي جدوجهد اسان جي ڪاميابي ڏانهن رستو ڏيکاري ٿي ٻيو ته هي نه ختم ٿيندڙ مٿي وٺي ويندڙ چڪردار ڏاڪڻ آهي جيڪڏهن ڪنهن وقت توهان سمجهو ته مٿي چڙهڻ ضروري ناهي ته پوءِ افسوس ته توهان ڳالهه کي سمجهيو ئي ناهي، اصل خوشي چاڙهي چڙهڻ ۾ آهي جيڪا اسان کي ننڍي عمر ۾ يا لاپرواهي جي زماني ۾ ٻڌائيندي آهي ته اسان لاءِ ڇا سٺو آهي ڇا خراب آهي، اسان کي اها به مدد ملندي آهي ته پنهنجي ڪمي ڪوتاهين کي سمجهون اسان کي اها سکيا به ملي ٿي ته تڪليف کان ڀڄن ۽ رڳو مزن ڪڍ ڊوڙڻ ۾ فائدو ڪونهي ڏک اسان کي سکن ڏانهن وٺي ويندا آهن.
مسئلا ته حياتي ۾ هميشه سامهون ايندا رهندا آهن، جڏهن توهان صحت جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيو ڪنهن جيمخانه جي ميمبرشپ وٺو ٿا ته توهان نوان مسئلا پئدا ڪيو ٿا مثلن سوير اٿي جيمخانه پهچڻ اتي ڪنهن مشين تي اڌ ڪلاڪ پگهر وهائڻ وغيره پوءِ وهنجي سهنجي ڪم لاءِ ڪپڙا بدلائي آفيس وڃڻ وغيره سچي خوشي تڏهن ملندي آهي جڏهن توهان مسئلن کي منهن ڏيو انهن مان لطف وٺو خوش رهو بدقسمتي سان گهڻا ماڻهو ان کي ايترو سولو نٿا سمجهن هو ڳالهه کي وچڙائن ٿا پنهنجي مسئلن لاءِ ٻين کي ڏوهي سمجهن ٿا ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ آسان آهي ائين ڪرڻ ۾ به مزو اچي ٿو، مسئلن حل ڪرڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي پر اصل زندگي هائي آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *