تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

خودڪشي … نياز ڪنڀر

تنهنجي خودڪشي
ڪيترن کي ماري وڌو۔
ها اڃان ياد آهي
سج لڪن ڏي لڙيو
شام سرمئي ٿي پئي
تون نه آئين اڃان
جيجل ذر ذر پڇيو
هو ڪٿي آهي رهيو
جيسين پريان ڪنهن چيو
لاش تنهن جو ڪنڊي ۾
آهي لٽڪي رهيو
ماءُ تڏهن وئي مري
پيءُ به پاڳل ٿيو
گهر ۾ ماتم مچيو
تو پنهنجن سان آهي
ويڌن ڪيڏو ڪيو
تو ايئن ڇو ڪيو,
اهو ڪنهن کان پڇان!
اهو ڪنهن کان پڇان!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *