تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

خوبصورت آواز واري بلبل ايران……خانم گوگوش….جي آر جوڻيجو

بلبل ايران جنهن جي آواز جي لهرن ۾ ڪيئي جسم لرزش ۾ اچي ويندا هئا، بلڪه خانم گوگوش جو رڳو آواز ئي انساني دلين تي راڄ نه ڪندو هو پر هن جون خماريل اکيون به ڪيترن ئي دلين جا تاڪ کولي ڇڏينديون هيون. هن جي چهري تي خدائي جي خلقيل حسين ڪائنات جو تصور ٿو اچي، اهو ئي سبب آهي جو اڳئين زماني ۾ تقريبن ايران کان وٺي پاڪستان ۾ هر گهر ۾ بلبل ايران جو پورٽريٽ لڳل هوندو هو، هڪ دوست جيڪو ايران ۾ خانم گوگوش جي تصويرن کي گهرن ۾ لڳل ڏسي به چڪو آهي، پوڙهي وهي کي پهتل انهي شخص موجب ڇا ته اهو دور هو، جڏهن 3 سال رهڻ دوران ڏٺو ته خانم گوگوش جي تصوير هر گهر ۽ مڪان ۾ لڳل هوندي هئي. هڪ ته آواز ڪمال جو ٻيو سندس شڪل خوبصورت، پر خميني جي انقلاب ڪيترائي آواز دٻائي رکيا، ان ۾ هڪ خوبصورت آواز خانم گوگوش به هئي. 1979ع کان وٺي 2000ع تائين يعني ايڪويهه سال سندس آوازي گونج تي ايران ۾ مسلسل پابندي رهي ۽ خانم گوگوش پنهنجي گهر تائين محدود ٿي وئي ۽ کيس ٻاهر وڃڻ لاءِ به اجازت نه هئي.
جنهن بعد 2000ع ۾ ھڪ دفعو ٻيهر هو ميدان تي آئي ۽ سندس گيت “مان واپس اچي وئي آھيان” ڪينيڊا ۽ دبئي ۾ گونجڻ لڳا ۽ 21 سالن کان بعد جو آواز انهي کان به وڌيڪ حسين هو. ٻڌايو وڃي ٿو ته دبئي ۾ سندس ڪنسرٽ ۾ 3 لک ماڻھن شرڪت ڪئي.
ڪيڏو نه دلفريب آواز آھي اڄ به جڏھن انهن گيتن کي ٻڌجي ٿو ته ماڻهو آواز جي لهرن ۾ گم ٿيو وڃي پر ڇا ڪجي هتي سدائين آوازن جا ڳلا گهٽيا ويا آھن، آواز سرحدن جا محتاج ناهن هوندا، خوبصورت آواز هن ڪائنات جي ميراث هوندا آھن جن کي ڪنهن قوم يا ڪنهن ملڪي سرحد جي محدود دائري اندر قيد نٿو ڪري سگهجي. اهو ئي سبب آهي ته جڏھن خانم گوگوش پاڪستان اچي ٿي ته هتي جا ماڻھو سندس آوازي جادو تي موهجي ٿا وڃن، سندس آواز هتان جي ڌرتي سان ٻکي ٿو ۽ ڌرتي جي ماڻھن جي دل ۾ اهو آواز سمائجي وڃي ٿو جو کائنس متاثر ٿي ايران جي گهرن جي ڀتين جيان پاڪستان جي گهرن ۽ دڪانن توڙي مزدورن جي ريڙھن تي به خانم گوگوش جي تصوير آويزان ٿيڻ لڳي ٿي.اهڙا آواز يقينن هن حسين ڪائنات جي خالق جي اها تخليق آھن جن کي مصور پنهنجي سموري محنت سان ٺاهي هن ڪائنات کي سرن جي مالها ۾ پوئي ڇڏيو آھي.
اهڙا ئي آواز الست بربڪم جي آواز جيان انساني اندر ۾ اوتجي ويندا آھن، اڄ جڏھن سالن کانپوءِ به انهي آواز کي ٻڌجي ٿو يا خانم گوگوش جي تصويرن کي ڏسجي يا وري ڪنهن انهي زماني جي ماڻھو کان خانم گوگوش متعلق ڳالهيون ٻڌجن ٿيون ته دل باغ بهار ٿي وڃي ٿي، هڪ حسين منظر اکين جي سامهون تري ٿو اچي، جنهن ۾ خانم گوگوش جي دلفريب اکين جي گهرائي جون ڇوليون ھجن ٿيون جنهن ۾ ھن جي معصوم چنڊ ڪني جهڙي چهري جي چمڪ هجي ٿي. اهڙن آوازن کي واقعي به دنيا جي طاقت ختم نه ٿي ڪري سگهي. اڄ خميني گهڻن ماڻهن کي ياد نه هوندو، پر گوگوش جو آواز اڄ به ڪيتريون ئي سرحدون پار ڪري دلين تي راڄ ڪري رهيو آھي. اڄ به خانم گوگوش جو آواز اداس دلين تي ڪڪر جيان وسي ٿو، اڄ به هن جي تصوير ۾ نظر ايندڙ معصوم چهرو باهه جي شعلن ۾ ڀٽڪندڙ دلين کي آسيس ڏيئي تاريخ کان ڪيترائي سوال ڪري رهيو آھي.
خانم گوگوش جو ستون البم 2012 ۾ رليز ٿيو آهي يقينن گوگوش جي فنڪاري جي دور ۾ سندس مڙس محمود گورباني جو ساٿ پڻ آهي پر اهو ساٿ پڻ خانم سان ڪجهه سال بعد ئي الڳ ٿي ويو. 2018 ۾ هڪ انٽرويو ۾ جڏهن هن کان سوال ڪيو ويو ته توهان جي اڃان تائين جوان هجڻ جو ڇا سبب آهي ته هن جواب ڏنو محبت، موسيقي ۽ فروٽ. يقينن موسيقي روحانيت جي غذا آهي، انساني جذبا به روحانيت سان تعلق رکن ٿا. جيسين هن ڪائنات جون حسناڪيون رهڻيون آهن، انهن حسناڪين جي هر منظر ۾ خانم گوگوش به دلين تائين ڇهاءُ ڪندي رهندي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *