تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

خواجه ڀائرن بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو: نيب جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي بحث….اشو آف دي ڊي

سپريم ڪورٽ پاران خواجه سعيد رفيق ۽ خواجه سلمان رفيق جي ضمانت بابت تفصيلي فيصلو جاري ڪرڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي به نيب مٿان تنقيد شروع ٿي وئي آهي ۽ ان معاملي تي بحث پڻ هلي رهيو آهي. ايس سي ايڪسپوز نيب نيازي نيڪسز هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايو ويو. سپريم ڪورٽ پنهنجي تفصيلي فيصلي ۾ چيو آهي ته نيب قانون جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا آهن، نيب قانون مخالفن جي ٻانهن مروڙڻ، وفاداري تبديل ڪرائڻ، سياسي مخالفن کي سبق سيکارڻ ۽ سياسي پارٽيون ٽوڙڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو،نيب سياسي لائن جي هڪ طرف وارن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري ٿو، مشرف نيب قانون ٺاهيو ئي انتقام لاءِ هو، نيب جو ادارو پرڏيهه ۾ به بدنام ٿي رهيو آهي، نيب وٽ پڪا ثبوت نه هئا خواجه ڀائرن خلاف سلطاني شاهد تيار ڪيو ويو هو، خواجه ڀائر بيگناهه آهن، ننڍن ماڻهن کي ڳولي ڳولي وڏن عهدن تي ويهاريو ويو آهي. عدالتي فيصلي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي نيب مٿان تنقيد ڪئي پئي وڃي. عدالتي فيصلو جاري ٿيندي ئي سوشل ميڊيا تي ان فيصلي جا حصا شيئر ٿيندا رهيا، جڏهن ته خواجه سعد رفيق پاڻ ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته الحمدالله ، سندس ڀاءُ سلمان رفيق لکيو ته الله جنهن کي چاهي عزت ڏئي جنهن کي چاهي ذلت ڏئي، شهباز شريف ٽوئيٽ ڪيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو نيب خلاف هڪ فرد جرم آهي، احسن اقبال لکيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي مان ثابت ٿي ويو ته حڪومت نيب کي مخالف ڌر خلاف سهولتڪار طور استعمال ڪري رهي آهي. فيصل رانجها لکيو ته سپريم ڪورٽ تاريخي فيصلو ڏنو آهي، امداد ظفر لکيو ته سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي کانپوءِ نيب چيئرمين کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها، سوميا عطا شاهاڻي لکيو ته نيب جو اهو ڪيس انساني حقن جي لتاڙ جو بدترين مثال آهي، آمنه نصير خان لکيو ته سعد رفيق بهادر اڳواڻ آهي، سنبل خان لکيو ته خان صاحب جاڳو ملڪ ٻڏي رهيو آهي، اويس گيلاني لکيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو سچ جي فتح آهي، هاشم خان لکيو ته نيب نيازي ڳٺجوڙ گهڻو وقت نه هلي سگهندو، مقدس افتخار لکيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان حڪومت توڙي نيب جي پت وائکي ٿي وئي، عابدالرحمان لکيو ته خواجه ڀائرن خلاف نيب ڪيس انساني تذليل جو بدترين مثال آهي اهڙا عدالت رمارڪس ڏنا آهن، سفير احمد لکيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي مان ثابت ٿي ويو ته خواجه ڀائرن بيگناهه آهن،تنوير فاضل لکيو ته انتقامي ڪارروائي جا پول پڌرا ٿي ويا، ان کانسواءِ اويس محمد، محمد نويد، عيني بٽ، امتياز شاهه، سعيد ملڪ ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *