تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

خواب، مان ۽ امان … ليکڪ: آسن_راٺوڙ

اونداهه ڪمري ۾ بيڊ جي چادر ۾ منهن لڪائي روئيندي مونکي ننڊ اچي ويئي. مان خواب ۾ هئس، خوابن ۾ مان ڏاڍو خوش هوندو آهيان، ٻين ٻارن وانگر رانديون ڪندو آهيان، نچندو آهيان، ڪڏندو آهيان، ٺينگو ڏيندو آهيان، پر جڏهن مان خواب نه ھوندو آهيان تڏهن مان بي حد ڊنل ۽ هراسيل هوندو آهيان مونکي هر هڪ شئي مان خوف ٿيندو آهي، ايتري قدر جو آئون اکيون کولي به نه سگهندو آهيان، سڄو ڏينهن ڪمري ۾ لڪي ويهي رهندو آهيان. جاڳندي کلي ۽ ٽهڪ ڏيئي نه سگهندو آهيان، جاڳندي مونکان کلڻ وسري ويندو آهي، جاڳندي مان صرف روئي سگهندو آهيان.
منهنجي ماءُ جي مرڻ کانپوءِ، منهنجو پيءُ هڪ ڪاري متاري عورت گهر وٺي آيو آهي، مونکي چيائين ته هي تنهنجي نئين ماءُ آهي، پر هو عورت منهنجي نئين ماءُ ناهي، بلڪه هو عورت به ناهي، عورت جي روپ ۾ هو هڪ ڏائنڻ آهي، مونکي بلڪل نه وڻندي آهي، مان به هن کي نه وڻندو آهيان؟ ، تڏهن ته هو مونکي گهوري ۽ ڪُراڙي اک سان ڏسندي آهي، گهر ۾ سڄو ڏيهن، منهنجي پيءُ جي نئين زال جا نوان نوان مائٽ ايندا آهن، ڳالهائيندا آهن، ٽهڪ ڏيندا آهن، کيچون ڪندا آهن پر مونکي ڏسي چُپ ٿي ويندا آهن.
منهنجي سڳي ماءُ مونکي ڏاڍو پيار ڪندي هئي ڀاڪر ڀري، چميون ڏيئي چوندي هئي، ” منهنجو لال پٽ” مان خفي ٿيندي چوندو هئس، ” امان مان لالا ناهيان، مان ٽماٽو ناهيان!” امان مونکي وري ڀاڪر ۾ ڀري، چميون ڏئي چوندي هئي، ” تون ته منهنجو دودو پٽ آهين، منهنجو شيهن آهين” مان به کلي ڏيندو هئس، ڇاڪاڻ ته مان دودو ناهيان ۽ نه ئي شينهن آهيان، مان صرف ڍڪڻ آهيان، (ڍڪڻ منهنجو نالو آهي). دنيا جي هر ماءُ چاهيندي آهي ته هن جو پٽ دودو ٿئي، نه ڪي چنيسر ٿئي پنهنجي ڌرتي سان دوکو ڪري. منهنجو پيءُ ڳوٺ جو وڏيرو آهي، پر قد ۾ ڊينڊو آهي، منهنجو پيءُ گهر ۾ گهٽ، ڪراچي ۾ وڌيڪ رهندو آهي. ڪراچي ۾ اسان جا ڪئي بنگلا آهن، پر مون اڃا تائين ڪراچي نه ڏٺي آهي نه ئي ڪڏهن منهنجي امان ڪراچي ڏٺي هئي، ڪراچي ته ٺهيو امان پنهنجو پورو پاڙو به نه ڏٺو هو، الائي ڇو بابا امان کي گهر کان ٻاهر نڪرڻ نه ڏيندو هو؟.
بابا جي ڪراچي وڃڻ کانپوءِ امان بلڪل اڪيلي ٿي ويندي هئي، ڏاڍي اُداس رهندي هئي، اونداھ ڪمرن ۾ لڪي رات جو دير تائين هنجو هاري روئيندي هئي، پوء هڪ ڏيهن اوچتو ٻن مهينن کان پوءِ بابا گهر آيو، ان ڏينهن بابا ڏاڍو ڪاوڙيل هو، امان کي ڪمري ۾ بند ڪري ڏاڍو ماريو هئائين، ۽ پوءِ اوچتو ئي امان جو ڪيڪون حويلي جي ديوارن سان مٿو ٽڪرائي خاموش ٿي ويون ۽ جڏهن صبح ٿيو ته مونکي ٻڌايو ويو ته تنهنجي ماءُ ڪاري هئي انهي ڪري پاڻ کي ڦاهي ڏيئي ماري ڇڏيائين. پر مونکي خبر آهي ته منهنجي ماءُ ڪاري نه هئي، هو کير جهڙي اڇي، خوبصورت ۽ ريشم جهڙي ملائم هئي پوءِ به الاهي ڇو سڀ چوندا آهن تنهنجي ماءُ ڪاري هئي.
منهنجي ماءُ جي مرڻ کانپوءِ، منهنجو پيءُ وري ڪراچي هليو ويو ۽ مهيني کانپوءِ پوءِ هڪ ڪاري متاري عورت سان گڏ موٽيو، مونکي چيائين ته هي تنهنجي ماءُ آهي پر هو مهنجي ماءُ ناهي، هو مونکي سيني سان لڳائي هڪ ماءُ وانگر پيار نه ڪندي آهي، هو مونکي پٽ، لال، دودو ۽ شيهن نه چوندي آهي، پر پوءِ به بابا چوندو آهي ته هي تنهنجي ماءُ آهي پر هو منهنجي ماءُ ناهي، منھنجي فقط هڪ ماءُ، جيڪا هر روز منهنجي خوابن ۾ مون سان ملڻ ايندي آهي، لاڏ ڪندي آهي ، چميون ڏيندي آهي، آکاڻيون ٻڌائيندي آهي، جنهن ۾ جن ۽ راڪاس خوبصورت پرين کي قيد ڪري کڻي ايند آهن ۽ پوءِ انهن کي ماري ڇڏيندا آهن، هر آکاڻي جي انت ۾ مان امان کان هڪ سوال ضرور پڇندو آهيان، امان تو پاڻ کي ڦاهو ڏيئي ڇو ماري ڇڏيو؟. پر امان ڪو جواب نه ڏيندي آهي ۽ مهنجي خوابن مان هلي ويندي آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *