تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

خطرناڪ وبائي صورتحال ۽ دنيا جي ٺپ ٿي ويل معيشيت …نسرين پليجو

يورپ سميت پوري دنيا ۾ ڀونچال ۽ خوف برپا ڪندڙ ڪورونا وائرس جتي هڪ لک جي لڳ ڀڳ انساني زندگيون ڳڙڪايون آهن ۽ لکن جي تعداد متاثر ماڻهو زندگي جي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهيا آهن. صحت جي عالمي ادارن سميت دنيا جو هر ملڪ ماڻهن جون زندگيون بچائڻ ۽ وائرس تي ڪنٽرول ڪرڻ واري دوائن جي تياري جي ڪوشش ۾ ڏينهن رات جتن ڪري رهيا آهن پر اڃان تائين ان جي منطقي انجام نج پهچي سگهيا آهن. چائنا، امريڪا سميت هر سڌريل ملڪ صرف لاڪ ڊائون ۽ ماڻهن کي گهرن ۾ بند رکڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهن ۽ انهن حالتن کي به 20 کان مٿي ڏينهن گذري ويا آهن ۽ ماهرن جي خيال موجب اڃان ڄاڻايل مدي تائين اهي حالتون رهڻ جا قوي امڪان آهن. جيڪڏهن اهي انومان ۽ انديشا درست آهن ته پوءِ دنيا جون معاشي حالتون ڪهڙي طرف وڃي رهيون آهن، يقينن اسان سميت هر باشعور ماڻهو فڪرمند هوندو. جڏهن ته پاڪستان سميت ڪافي ملڪن جي معاشي حالت اڳ ئي تمام گهڻو خراب آهي. الله پاڪ ڪرم ڪري اسان صرف وبا تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اپاءُ وٺي رهيا آهيون ، جيڪي لازم به آهن پر جيستائين مستقل حل جي ويجهو نٿا پهچون ته ايندڙ ڏينهن ۾ الله نه ڪري پر حالتن اهڙيون پيدا ٿيڻ جو انديشو آهي جو ملڪ جون گهربل ضرورتون کاڌ خوراڪ ۽ اندورني حالتن جو مقابلو ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو.عالمي معيشيت تي نظر رکندڙ معاشي ماهرن موجب ايندڙ ٻن سالن تائين ڪورونا وبا دنيا جا 5000 ارب ڊالر ڳڙڪائي ويندي. آمريڪي نيوز ايجنسي بلوم برگ جي رپورٽ موجب دنيا 1930ع بعد پهريون ڀيرو اهڙي طرح جي سخت معاشي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي. خود اسٽيٽ بئنڪ جي جاري ڪيل رپورٽ موجب پوري ملڪ ۾ لاڪ ڊائون جي پيش نظر ڪاروباري سرگرميون بند هجڻ ڪري ملڪي ذخيرا 17 ارب ڊالرن کان به هيٺ اچي ويا آهن.
انگن اکرن موجب ملڪي ناڻي جا زخيرا 39 ڪروڙ ڊالر گهٽجي 16.89 ڊالرن تي وڃي بيٺا آهن. خود اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 46 ڊالرن تي گهٽجي 10.72 ارب ڊالر ٿي ويا آهن. ۽ جيڪڏهن صورتحال مزيد ڊيگهه وٺي ٿي ته ان ۾ مزيد اضافي جي امڪانن کي رد نٿو ڪري سگهجي.سڀ قدرت جو ڪمال آهي ۽ ان جو ئي نتيجو آهي جو انسان ڏينهن به ڏينهن قدرت ۽ فطرت کان پاڻ کي پري ڪري رهيو آهي. اڄ سائنس ڪيترو نه بيوس بڻجي وئي آهي. اچانڪ آيل هڪ خوفناڪ وائرس سڄي دنيا جي نظام کي ڊانوا ڊول ڪري هڪ جڳهه تي بيهاري ڇڏيو آهي. دنيا جي سپر پاور ملڪن جي حالت ئي ڏسو ڪيڏي نه رحم جوڳي آهي. طاقت جي نشي ۾ ڌت ٿي ڪمزورن ملڪن جي لکين بيگناهه شهرين کي قتل ڪرڻ، جنگيون ڪرڻ، خطرناڪ ڪيميڪلز بم ڪيرائڻ، انسانن سان جانورن جيان ورتاءُ ڪرڻ. اصل ۾ قدرت کي چئلينج ڪرڻ برابر عمل آهي. انهن جو ازالو ڪنهن هنڌ ته ٿيڻو آهي. جنگي جنون ۾ مبتلا آمريڪا، اسرائيل سميت ٻين ملڪن کي ڪورونا ايترو ته موت جي خوف ۾ مبتلا ڪيو آهي. جو سندن متيون منجهي ويون آهن. انهن حالتن ۾ ڪورونا سان مقابلو حڪومتن سان گڏ عوام کي به ڪرڻو پوندو. پاڻ چاهيون ٿا ته پنهنجي ملڪي معيشيت ، پنهنجون ۽ پنهنجي پيارن جون زندگيون محفوظ رهن ته صرف ڪجهه ڏينهن لاءِ حڪمت عملي ته سختي سان عمل ڪري ان مشڪل وقت ۾ آسانيون پيدا ڪري سگهجن ٿيون. تازو ئي وائرس جي جنم ڀومي چائنا جي شهر ووهان سڀني ماڻهن طرفان جشن ملهايا پيا وڃن ڇاڪاڻ ته انهن هن وبا کي شڪست ڏئي زندگي جي نئين شروعات ڪئي آهي. پنهنجي لاءِ به ائين ڪرڻ ناممڪن نه آهي. خدا جي قدرت تي يقين ڪريون. پنهنجي ايمان کي عامل بڻائي انسانن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جو پنهنجو پاڻ سان وچن ڪريون. هي وبا ٿوري عرصي ۾ الاهي گهڻو سبق ڏئي وئي آهي.
دنيا ۾ نوان لاڳاپا قائم ٿيڻ وڃي رهيا آهن. يقين سمجهو پاڻ کي نئين سوچ سان گڏ اڳتي وڌڻو پوندو. هڪ اندازي موجب وبا جي وڌيڪ ڦهلاءَ کي حڪمت عملين سان روڪي به وٺجي ته به ان جا ناڪاري اثر ۽ مڪمل خاتمي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لڳي سگهي ٿو. حڪومت ۽ عوام کي گڏجي لانگ ٽرم پاليسي جوڙڻي پوندي. تعليم، اسڪولن، ڪاليجن، امتحان، صحت، دوائن، کاڌ خوراڪ، عدالتي ونهنوار، سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ جوڳو مڪينزم جوڙڻو پوندو. گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال جي زندگي جي سموري نظام کي محفوظ بنائڻ لاءِ عملي ۽ وقتائتا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ۽ اميد آهي ته سموري قوم هڪ آواز بڻجي هدايتن ته عمل ڪندي هن خظرناڪ وبا کي شڪست ڏيندي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *