تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

خطرا نه کڻندوءَ ته پوءِ ڪهاڻي ساڳي وڃي پراڻي بيهندي … پون ڪمار منڌاڻ

گذريل هفتي مون ديپڪ چوپڙا جي تقرير پئي ٻڌي ته اثرائتو اڳواڻ ڪيئن ٿجي؟ ديپڪ هميشه مونکي سوچڻ تي مجبور ڪندو آهي پر هن تقرير ۾ مونکي خاص طرح اها ڳالهه وڻي ته ان پراڻي موضوع ۾ نئين جان وجهي ڇڏي. هن ۾ ديپڪ ليڊرشپ کي نئين بلندي تي آڻي ان جو روح ۽ اصل حقيقت سمجهائي توهان جي اڳواڻي جي رازن کي نئون موڙ ڏنو.
قائد يا اڳواڻ جي وصف ڪيئن ڪجي؟
ديپڪ ليڊر کي هيئن بيان ٿو ڪري “ شعور جي ميڙاڪي جو علامتي روح ” هن چيو ته ميڙ جو شعور هڪ خاندان وانگر آهي يا هڪ تنظيم، هڪ معاشرو، هڪ ملڪ ياپوري دنيا. هن چيو ته قائد هڪ گروپ (ٽولي) جي خواهشن، اميدن ۽ سڀ کان اونهي سڪ يعني ڪنهن لحاظ کان روح کي ظاهر ڪري ٿو، اڳواڻن جي ڪم ڪار جي ڍانچي لاءِ ست قدم. جيڪڏهن توهان Leaders جي هجي ڪيو ته ديپڪ جي قيادت لاءِ ڍانچو ياد ٿي ويندو، هر اکر هڪ سٺي ليڊر جو هڪ الڳ پهلو ڏيکاري ٿو.
L : Look and listen : ڏسو ۽ ٻڌو: پنهنجي اکين ڪنن بلڪه پوري جسم سان ڏسو ۽ ٻڌو، پنهنجي ذهن سان ڏسو ۽ ٻڌو ته جيئن حقيقت جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري سگهو، پنهنجي دل سان ڏسو ۽ ٻڌو توهان ڪيئن ٿا محسوس ڪريو، ڪنهن تصور جي تصوير ٺاهيو ، تصور دل کي مجبور ڪندڙ ۽ دل سان لڳندڙ هجي، دل ان کي مڃي اهو تساهه ڪندڙ ۽ دل سان لڳندڙ هجي، اسان سڀ حقيقتون حاصل ڪري سگهون ٿا پر حقيقتن ۾ روح ڪهاڻي ٿي وجهي، ڪهاڻي غيرتڪراري هجڻ گهرجي ۽ اسان جي زندگين کي نئون موڙ ڏئي، ڪهاڻي کانسواءِ حقيقتون ، اسپتالي لڳندا آهن، عوام کي حقيقتون نه پر ڪهاڻي دل سان لڳندي آهي.
E : Emotional binding : جذباتي لڳاءُ : پنهنجي جذبات کي قابو ۾ رکو، ٻين جي جذبات کي سمجهو، تعلقات اهڙي طريقي سان رکو جيڪو انهي ٻنڌڻ کي مضبوط ڪري، جڏهن ماڻهن جو جذباتي تعلق ٿيندو آهي ته اهي وڌيڪ مددگار ثابت ٿيندا آهن.
A : Awareness : ضرورتن کان باخبر رهو ۽ ڄاڻ رکو ته هتي ڇاجي ضرورت آهي، ديپڪ چوي ٿو ته ضرورت جا ست طبقا آهن، حفاظت کان وٺي زندگي جي بچاءُ تائين، ملڪيت کان وٺي پاڻ سان پيار تائين، تخليقي اظهار ۽ شعور کان ڪاميابي تائين.
D : Doing : ڪم ڪندڙ بڻجو: جيڪڏهن قدم نه کڻندو ته پوءِ قيادت رڳو خواب آهي، عمل ڪرڻ جا رول ماڊل بڻجو، پنهنجي ساٿين کان پڇو ڇا مان جو ڪجهه چيو ان مطابق ڪم ڪريان ٿو؟ فيڊ بيڪ حاصل ڪريو، منصوبو ٺاهي خطرا کڻو، خطرا نه کڻندو ته پوءِ ڪهاڻي ساڳي وڃي پراڻي بيهندي، ڪهاڻي تڏهن بدلبي جڏهن توهان رٿيل خطرا کڻندو.
E : Empower yourself: پاڻ کي اختيارات ڏيو، ٻين کي اختيارات ڏيو، ٻين کي اختيارات ڏيڻ جو هڪ بهترين طريقو هي آهي ته انهن جون لياقتون معلوم ڪريو، جيڪڏهن انهن جون قوتون معلوم نٿيون ڪجن ۽ تسليم نٿيون ڪجن ته اهي توهان کي ڇڏي ويندا، جيڪڏهن انهن تي تنقيد ڪندو ته 20 سيڪڙو ڇڏي ويندا. انهن جي پرواهه نه ڪندو ته 45 سيڪڙو ڇڏي ويندا، رڳو هڪڙي لياقت ڏانهن ڌيان ڏيندو ته هڪ سيڪڙي کان گهٽ ماڻهو الڳ ٿيندا.
R : Responsibilty : پهريون قدم توهان کڻو يعني شروعات توهان ڪريو، خطرا سر تي رکو، پنهنجي صحت ڏي ڌيان به ڏيو، اها قائم رکو، سٺا اڳواڻ جيڪي هوندا آهن اهي جذباتي ۽ جسماني طور مستحڪم ۽ ڄميل پيرن سان هوندا آهن، ان جو مطلب هي آهي ته اهي سٺي ننڊ ڪندا آهن، ورزش ڪندا آهن، کاڌي جو خيال رکندا آهن ۽ پنهنجي ذهني دٻاءُ کي قابو ۾ رکندا آهن.
S : Synchronicity : ٻين تي اثرانداز ٿيڻ، ٻين تي اثر ڪيئن وجهجي: تڪليف يا مصيبت، غيريقيني ۽ هنگامو جيڪي تخليقي جذبي ۽ طاقت کي اڀارين، مصيبت جي وقتن جي آجيان ڪريو، آزمائش جي وقتن کي خوش آمديد چئو، جيڪڏهن آزمائش ۾ نه آهيو ته پنهنجي لاءِ ڪانه ڪا پيدا ڪريو، جڏهن پنهنجي لاءِ امتحان يا آزمائش پيدا ڪريو ته خبر پوندي ته اتي توهان لاءِ موقعا آهن، هميشه موقعي جي تلاش ۾ رهو، هميشه صورت حال ۾ موقعو تلاش ڪريو، هميشه اهو ڏسو ته ڇاپيو ٿئي، سونهري معيار ٺاهيو، مصيبت جي آجيان ڪريون، غيريقيني صورتحال جي آجيان ڪريو، مستقبل کي ڳوليو، ٻين ۾ اميد پيدا ڪريو.
ماڻهو اميد جي سهاري زندهه رهي ٿو، پنهنجي پارٽي جي ماڻهن کي چئو ته هر هڪ تقرير ڪري ٻڌائي ته توهان جيڪو ڪم ڪريو پيا ان ۾ ڪهڙا فائدا آهن، هر ماڻهو کان پڇو ته جنهن ماڻهو تقرير ڪئي ان مان هن کي ڪهڙي خبر پئي ته جو ڪجهه توهان ڪريو پيا ان ۾ ڪهڙي چڱائي آهي، مسئلن کي چيلينج ۽ موقعا ٺاهي ٻڌايو جيڪڏهن توهان 10 ماڻهن کان چورايو ته جو ڪجهه اسان ڪري رهيا آهيون ان ۾ توهان کي ڪهڙي چڱائي نظر اچي ٿي، پوءِ انهن مان هر هڪ ماڻهو ان جو اظهار ڪري ته پوءِ توهان پراميد ٿيندو ۽ اتساهه ملندو. پاڻ کان پڇو ته مستقبل کي ڪيئن ٻين سان گڏجي ٺاهي سگهجي ٿو، پاڻ کان پڇو ته ڪهڙي قسم جي دنيا ۾ رهڻ چاهيان ٿو، ڪهڙي قسم جي تنظيم ٺاهڻ چاهيان ٿو؟ ڪهڙي قسم جي ٽيم ۾ رهڻ چاهيان ٿو؟ ان ٺاهڻ ۾ منهنجو ڪردار ڪهڙو ٿيندو؟

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *