تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

خراب تعليمي نظام جي اوڙاهه ۾ ٻرندڙ سنڌ جي شعور جو مستقبل! …ليکراج ميگھواڙ

تعليم انسان جي ٽئين اک تصور ڪئي وڃي ٿي تعليم سان هر شيءَ جانچي پرکي پروڙي سگهجي ٿي، تعليم بنا انسان اڌورو ۽ اڻپورو چيو وڃي ٿو، برٽيند رسل هڪ هنڌ لکيو ته ” انسان جي سمجهه انسان کي دڳ ڏئي ٿي، پر انهي تي هلڻ جو عمل تعليم ڏئي ٿي جيڪا شعُور جي سيڙهي جو بنياد رکي ٿي جنهن سان انسان پنهنجا سمورا مُونجهارا، ذاتي توڙي اجتمائي، داخلي توڙي باطن تعليم جي شُعور سان ممڪن بڻائي سگهي ٿو“. تعليم ۽ سکيا ٻه الڳ معاملا آھن ٻه الڳ بحث به آھن ٻه الڳ شيون به آھن، اسان وٽ تعليم ۽ سکيا جا ڪي ئي قسم موجود آھن پر اُھي سمورا قسم نمونا جيڪي دنيا جي سڌريل ملڪن مان اُسريا اھي هتي فقط اقليت ۾ آھن! اڪثريت ۾ فقط ڪجهه ئي آڱرين ۾ ڳڻڻ جيترا قسم آھن جن ذريعي ٻھراڙي توڙي هر اُھو والدين جيڪو غريب بي پهچ هجڻ ڪري پنهنجي اولاد کي پڙھائيندو آھي.
تعليم جو طريقو:
طريقو ڪهڙو هجڻ گهرجي اهڙي غيرطبقاتي تعليمي نظام تحت پڙهايو ويندڙ جديد ۽ سائنس سان هم آهنگ تعليمي نصاب پڙهائڻ جو جيڪو اشتراڪيت ۽ اجتماعي شعور کي هٿي وٺرائي. اهو طريقو به سائنسي هجڻ گهرجي، جيئن ته اسان ڄاڻو ٿا ته ڪائنات ۾ هر شي هر وقت تبديلي ۾ آهي، ڪا به شي جامد نه آهي، هر شي تحرڪ ۾ آهي اهو تحرڪ ترقي کي جنم ڏئي ٿو، شيون پنهنجن ضدن ۾ تبديل ٿينديون رهن ٿيون، جيڪو ڪجهه ڪلهه سچ هو اڄ غلط آهي، جيڪو اڄ غلط آهي ڪلهه سچ هو يا سڀاڻي وري سچ ٿي سگهي ٿو. تعليم جو اهو بنيادي نقطو آهي جنهن کي هن سماج ۾ مسلسل نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. اڄ جو نصاب توهان کي جامد پڻي جي تصوير لڳندو، ظاهر آهي اهڙو جامد پڻو جنهن ۾ تخليق يا تنقيد جي گنجائش نه هجي سو پنهنجن پيرن تي ئي ڪري ڊهي پوندو، اڄ پڙهائي ويندڙ تعليم به ان طريقي جي غمازي ڪري ٿي، اهڙي طريقي کي بينڪنگ تعليمي نظام چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ شاگرد کي خالي ذهن تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ استاد جو ڪم آهي ان خالي ذهن کي ڀرڻ، يعني استاد سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، شاگرد ڪجهه به نه، شاگرد کي تنقيد ڪرڻ جو ڪو به اختيار نه آهي، اهڙو طريقو يا نصاب تخليق يا ترقي بدران جامد پڻي کي ئي جنم ڏئي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ هڪ ٻيو طريقو به آهي جنهن کي “مسئلو بڻائي پيش ڪئي ويندڙ تعليم“ جو طريقو چئجي ٿو. جنهن طريقي ۾ هڪ ئي وقت شاگرد توڙي استاد ٻئي سکن به ٿا ته سيکارين به ٿا، يعني اهو هڪ مشترڪه عمل هجي ٿو. جنهن ۾ استاد پاڻ به سکندو رهي ٿو ۽ شاگرد سکڻ سان گڏ استاد کي سيکاريندو به رهي ٿو. اهڙي تعليمي طريقي ۾ شين جي تضادن کي پيش ڪيو ويندو آهي، ان جي مسئلن کي پيش ڪيو ويندو آهي، مثال فلاڻي شيءَ جي جدلياتي تاريخ هي آهي ان ۾ فلاڻن ماڻهن هي تبديليون ڪيون جيڪي هيتريون ڪارگر ٿيون باقي هاڻي ان شي ۾ فلاڻا مسئلا باقي آهن، جيڪي توهان ۽ اسان کي حل ڪرڻا آهن، اهڙي طريقي سان شاگردن ۾ توڙي استادن ۾ تخليقي صلاحيت ۾ بي پناهه واڌارو ٿيندو رهندو، جنهن سان سماج ۾ سائنسي شعور جو ٻج وڌندو رهندو. اهڙي تعليمي طريقي ۾ پوءِ امتحان وغيره بي معنى رهجيو وڃن ٿا. هتي استاد شاگرد جو رشتو باهمي يا اشتراڪيت واري سکيا تي پهچي ٿو. ظاهر آهي اهڙي طريقي ۾ طبقاتي نظام ختم هجڻ ڪري مساوي بنيادن تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو وڏو ڪردار هوندو، سائنسي ليبارٽريون، جديد تدريسي اوزار جهڙوڪ ڪمپيوٽر وغيره ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.
نظام، مقصد، نصاب ۽ طريقو:
اها ڳالهه ظاهر آهي ته تعليم سماج مان اخذ ٿئي ٿي، سماج انفرادي طور شين کي سکڻ سان گڏو گڏ اجتمائي سکيا تي ان لاءِ زور ڏئي ٿو ته اهو عمل سکجندڙ مامرن جي مڪمل تاريخ سمجهائي ٿو، ان کي بحث ۾ آڻي ٿو، مطلب ڪنهن شي يا مامري تي صرف مٿاڇري نظر ته انفرادي طور به وجهي سگهجي ٿي پر جڏهن اها تعليمي سرشتي ۾ بحث هيٺ اچي ٿي ته ان جي سمورن پاسن تي بحث ڪيو وڃي ٿو، انفرادي طور اهڙي مڪمل جدليات لهڻ اجتمائي تعليم جي نسبت تمام گهڻو مشڪل آهي، ڇو ته سيکاريو يا سکيو ويندڙ موضوع سماج ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي، ان لاءِ گهڻي کان گهڻن فردن جي ان سکيا جي عمل ۾ شرڪت لازمي آهي ۽ اهڙي عمل کي اسان تعليم چئون ٿا، گهڻن ماڻهن کي گڏ پڙهائڻ واري ان عمل کي اسان تعليمي طريقو چئون ٿا، جنهن نظام ۾ تعليم ڏني وڃي ان کي اسان تعليمي نظام چئون ٿا، جنهن مقصد خاطر تعليم ڏني وڃي اسان ان کي تعليمي مقصد چئون ٿا.
مٿي مختصر پر بامعني ٿيل ڳالهين کي ڏسندي اڄ هن وقت اسان جي پوئتي پيل سنڌي سماج ۾ جديد تعليم توڙي نظام جي اڻھوند سئنين سڌي طرح آھي. انهن سمورن معاملن جي چوگرد ڦرندڙ سنڌي سماجُ جي تعليم جو ڪاٿو لڳائڻ ممڪن ڪونهي!هن وقت حڪومت جو ڪورونا ڪارڻ شاگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ ڪرڻ شاگردن جو شعُوري فڪري توڙي ذھني ڳلو ڪپڻ برابر آھي!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *