تازا ترين
  • *ڪراچي: احتساب ڪورٽ ۾ سمنڊ ڪناري سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ وارو ڪيس *پي ايس پي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻيا عدالت مان غير حاضر*
  • *مدئجي ويجهو پوليس اٽالن جي چڙهائي،گهر گهر تلاشي، 4 ڄڻا گرفتار،ڍور ڍڪ حوالي *پوليس اٽالن ڳوٺ علي خان واصل ڀرسان هليا ۽ جيها برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪئي *پوليس چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري 10 کان وڌيڪ ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا،متاثرن جو احتجاج *
  • *لاڙڪاڻو: چانڊڪا اسپتال ۾ ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل عملي ۾ ڇڪتاڻ برقرار *پيرا ميڊيڪل عملي جو احتجاج، مريض بنا علاج جي واپس روانا *20هين ڏينهن به او پي ڊيز کي تالا، پيرا ميڊيڪل عملي وارڊن جو ڪم به ڇڏي ڏنو *ڊيوٽي تي غيرحاضر رھندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو: ايم ايس *ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي جيستائين ايم ايس کي نه هٽايو ويندو، احتجاج جاري رهندو: پيرا ميڊيڪل عملو *

خدا جي محبت جو راز…!!ڪيلاش ميگهواڙ

نيلم جي نگري تي امبر جا اُتاولا جهومي پيل ڪڪر باد اچڻ جا چنچل چلولائي سان انبار ڏيڻ لڳا هئا،ڪارونڀار انڊلٺ به آسمان تي پنهنجي موجودگي جو احساس ڏنو هو، جيڪو اجهو ڪي اجهو دل تي ڀالن جيان وڄ وڄڻ جا انوکا احساس ارپي رهيو ھو. نيلم ننڍڙي وهي کان ئي خدا سان محبت ڪندي هئي،دعائن ۾ ڳولا ڪندي رهندي هئي. هن هميشه خدا جي چاهت جي رنگ کي سليقائي جي رازن سان پيار ۾ مڻڪن جيان پرويو هو. پر الائي ڇو ننڍڙي ننگري تي بادل برسڻ کان قاصر بڻجي ڏورانهان پنڌ جا راهي ٿي پوندا هئس اُن جو اصلي ڪارڻ ننگري جي ماڻھن تي هن ناراضگي جو سنهيو هو. ڏڪار جو ڏنجهھ هوئين به مسلسل ايندا رهيا ھئا. هڪ دفعي ساڌو اچي ننگري ۾ در در ڀٽڪي ان ۽ دان گهرڻ لڳو. هر ڪنهن ماڻھو جي وات مان اهو سوال اڀريو ٿي ته ساڌو ميان مينهن جو آسرو آھي يا نه! پر ساڌو هن سوال متعلق ڪوبه جواب نه ڏنو. هر ڪنهن جي گهر اڳيان ايندو ويو ڪنهن داڻا ڏنا ته ڪنهن گيهھ ته ڪنهن کنڊ ته ڪنهن اٽو ڏنو. ساڌو هوئين به پنٿ جو پوڄاري لڳندو هو جنهن کي هن سوال جو جواب آيو ٿي. آخر ڪنهن اهو سوال ڪيو ته توهان جواب ڇو نٿا ڏيو. ساڌو وراڻيو توهان جي ننگري ۾ هڪ مائي رهندي آھي جنهن کي پڇو. اها خدائي رازن تي ايمان رکي ٿي.توهان اُن کي هرگز سماجي ڏيٺ ويٺ ۾ اڻ پسند نه ڪريو. ننگري جي ماڻھن کي حيرت ٿي ته اها مائي اسان جي ننگري ۾ ڪهڙي آھي! ساڌو وراڻيو اُتر جي ڇيڙي تي جنهن جا گهر آھن اها مائي. ڳوٺاڻن چيو اهو ته مائي نيلم جو گهر آھي. ساڌو چيو بلڪل اُن مائي کي خدا جي رازن بابت خبر آھي. جنهن کي توهان ان جي پلاٽن تي قبضاگيري ڪري ڏنجھه ڏنا آھن. اها ڀلي ڳالهائي نٿي پر ان وٽ انيڪ رازن جا رُخ معلوم آھن.جيڪڏهن توهان اهڙن بزرگن کي خوشي سان بهلائي دل کي سرور ڏيندا ته خدا به راضي ٿيندو. مينهن به موٽي ماڳ تي مرڪي پوندا. نيٺ ننگري جي ماڻھن ان مائي کان معافي جي طلب ڪئي. خوش ڪري ان پاڻي جي ضرورت جي پورائي ڪئي،پاڙي ۾ ٻين پوڙھن جي سارسنڀال به ڪئي وئي. رات جو وقت هو،مينهن ننگري کان وٺي آسپاس پکڙيل ڳوٺن تائين پڌر پوٺن تي لهر ڪري ڇڏي هئي.خدا جي رازن جو جئين ئي پرندو هٽيو ته سمورو ماحول واڱڻائي رنگ سان رڱجي ويو هو.مٽي تي مينهن ماماڻن جي هلڻين ننگري کي مخمور بڻائي ڇڏيو هو.اهو ئي خدا جي محبت جو راز هو جيڪو ننگري کي جوڀن جي ديد عطا ڪئي هئي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *