تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

خدا جي مار ڪا پوندن….ساقي ابڙو

ڏکويل دل ڏکائيندا خدا جي مار ڪا پوندن
جي ڪنهنجو روح رنجائيندا خدا جي مار ڪا پوندن
 
مزدورن, پورهيتن جي لئه اچي امداد ٿي جيڪا
اها جي پاڻ کائيندا خدا جي مار ڪا پوندن
 
غريبن جي گذر خاطر هي راشن يار آيو آ
نه جي تن ۾ ورهائيندا خدا جي مار ڪا پوندن
 
اڳي جي ٻوڏ وارن جي مليل امداد وڪرو ٿي
جي هاڻي ڀي کپائيندا خدا جي مار ڪا پوندن
 
کڻي امداد راتو رات ڀري گاڏين مٿان گاڏيون
گهرن ۾ جي لڪائيندا خدا جي مار ڪا پوندن
 
لکي ٿو سچّ هي سارو ته ارها ٿي ڪري يارو
جي “ساقيء” کي ستائيندا خدا جي مار ڪا پوندن

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *