تازا ترين
  • *جهاز سانحو: فوت ٿيل نينگري ناديا خاصخيلي جي ماءُ کي 10 لک رپيا ڏنا ويا *زخمي ٿيل مائره ۽ عزيزان کي پڻ پنج پنج لک روپيا ڏنا ويا آهن: حليم عادل شيخ *
  • *ڊکڻ: ڳوٺ ڇٽي ڊرٻ جي بس اسٽاپ وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ 10 ورهين جو توفيق اوڍو فوت *
  • *دادو ۾ رولو ڪتن 6 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو *ٻن ڀائرن حفيظ ۽ ادريس جتوئي سميت 6 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *سنڌ هاءِ پاران لاڪ ڊائون دوران اسڪولن جي فيس ۾ 20 سيڪڙو رعايت برقرار *رعايت جو طريقيڪار واضح ڪرڻ جي لاءِ ڌرين کي مشاورت ڪرڻ جي هدايت *جيڪي 80 سيڪڙو فيس ادا ڪري سگهن ٿا انهن لاءِ 20 سيڪڙو فيس مسئلو ناهي: عدالت *
  • *ميرپورخاص ۾ رولو ڪتن نينگر سميت 2 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *زخمي 7ورھين جي حاجي ۽ پيرسن ھاشم کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *جمال شاهه ۾ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا، وڻ، فصل ۽ سبزيون کائي چٽ ڪري ڇڏيون *ماڪڙ جا جنتر، جوئر، وونئڻن جي فصلن، ليمن ۽ ڪيلن جي باغن تي حملا جاري *قرض کڻي فصل پوکيا، ماڪڙ سبب لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: آبادگار *
  • *صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار پنجون جوابدار ڪنڊيارو جي عدالت ۾ پيش *سڃاڻپ پريڊ کانپوءِ جوابدار ذوالفقار عرف بگو سهتو 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي *
  • *اخبارن ۽ ڪيبل ٽي وي چئنلز تي به قرضي آبادگارن جا اشتهار هلائڻ جي به هدايت*
  • *کدڙا فقير ڊفالٽرز جي گهرن ۾ وڃي سندن نالا وٺن: سمورين برانچز کي ليٽر جاري*
  • *زرعي ترقياتي بئنڪ ڪورونا باوجود ننڍن آبادگارن جي پويان پئجي وئي، آبادگارن کان قرض اوڳاڙي لاءِ کدڙن فقيرن کان خدمتون وٺڻ جو فيصلو*
  • *لاڙڪاڻو: تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ انڌي موري وٽ مبينا پوليس مقابلو *لاڙڪاڻو: پوليس پاران ٽن ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڪيل ڏوهارين وٽان 2 رپيٽر ۽ ھڪ ڊبل بيرل بندوق ھٿ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڏوهاري سنگين ڪيسن ۾ گهربل ھئا: پوليس *
  • *پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ اڄ ٽئين ڏينهن به عوام کي رليف نه ملي سگهيو، ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پيٽرول ناياب*
  • *پير وسڻ ڀرسان ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، مختيار ميرجت فوت ٿي ويو*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا: 3 ڄڻا فوت، 8 ڄڻا زخمي*
  • *پيروسڻ ويجهو روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 4 زخمي *مهراڻ هاءِ وي تي پير ٻڍڙيو وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ٽڪر *مختيار ميرجت ٿڏي تي فوت، سعيد خاتون، مشتاق، اسماعيل ۽ ٻيا زخمي *

خبر…سومرو شبير

”خبر ئي نه پئي ادا، ڇا ڪجي!”
اهو چئي هڪ وڏو ڪش هڻي دونهين کي ڇلو بڻائي اڏاري ڇڏيو.پريان ننڍڙو ويٺي دونهين جي ڇلي کي دير تائين غور سان ڏسندو رهيو، ڏسندي هن سوچيو شايد اهو سٺو ڪم آهي، هن به اهل ڪندي هٿ ۾ جهليل قلم کي وات ۾ وڌو ۽ پوءِ ڪش جيان سوٽ ڏيئي قلم پري ڪيو ۽ چپن کي گول بڻائي هڪ وڏي ڦوڪ ڏيئي مٿي ڏسندو رهيو.
”خبر ڪيئن نه پئي، ماڻهو، اڳ ۾ خبر رکندو آهي نه، خبر رکين ها ته هيڏو نقصان نه ٿئي ها.”
ڪڙڪيدار آواز تي ننڍڙي جو ڌيان هٽجي ويو.
”هٿ جي وڍي، هاڻي ته نقصان ٿي ويو نه ادا، بس رک الله تي.”
ڪياڙي کي کنڻ لڳو.
”ائين ڪيئن رک الله تي، عقل به ته ڪا شيءِ آهي.”
ڀاڻس ڄڻ ته مٿس ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
”الله ڀلي ڪندو ادا.”
هن سڙيل سگريٽ جو فلٽر پري لم ڏيندي اڇلايو ۽ افسرده نظرن سان هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳو.
”پر ماڻهوءَ کي اڳ ۾ خبر چار ته رکڻ گهرجي نه، ائين اکيون ٻوٽيون وڃي گپ ۾ ڪربو آهي ڇا؟”
ڀاڻس آخري بچيل سنڌڙيءَ انب جي ڊگهي ڦار وات ۾ وجهي کل کي ڇڪ ڏنائين ته کل سندس هٿ ۾ رهجي ويئي ۽ ڳر سندس وات ۾، چٻاڙ تي سندس واڇن مان رس وهڻ لڳو، هٿن سان واڇن کي اگهيائين ۽ ٿانءَ سوري گڏ ڪري کڻي اٿيو، ٿورو اڳتي ويو ته ترڪي ڪري پيو، ٿانءَ پٽ تي اچي ڪري ٽڙي پکڙي ويا ۽ ٽن جو هڪ وڏو آواز ڪندا نيٺ خاموش ٿي ويا. ڀاءُ رڙ ڪري وڃي مٿس پهتو،
”ادا ڏسي وائسي ته هل نه، ڏڪ ته نه لڳئي؟”
هو ٿورو چنگهيو ۽ پوءِ پير کي هٿ سان زور ڏنائين، اٿڻ جي ڪيائين پر اٿي نه سگهيو.
”خبر ئي نه پئي پير ترڪي ويو.”
ايترو چئي وري اٿڻ جي ڪيائين ته ڀاڻس هڪل ڪيس.
”ائين ڪيئن خبر نه پئي.”
”بس خبر نه پئي نه.”
هڪ گهڙيءَ ڀاءُ ڏانهن نهاريائين ڀاڻس به کيس ڏٺو ۽ پوءِ خبر لفظ تي ٻنهي گڏجي هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو، ٽهڪ دير تائين ننڍڙي جي ڪنن ۾ ٻُرندو رهيو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *