تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

خاموشي ۾ ماڻهو پاڻ کي ڳولي سگهي ٿو .. پون ڪمار منڌاڻ

سڀئي جسماني ذهني ۽ شعوري ڪوششون توانائي کي کپائن ٿيون ان مان سٺو فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي آرام ڪرڻ جي َضرورت آهي. جيئن راتين پٺيان ڏينهن تيئن ئي سخت ڪم ۽ جدوجهد پٺيان آرام ۽ سڪون وٺڻ ضروري آهي يقينن پرسڪون ننڊ رات جي وقت صحتيابي لاءِ تمام ضروري آهي پر ان ڳالهه کان لاتعلق ٿي مان سختي سان ڏينهن جي وقت خاموشي اپنائڻ کي پڻ ترجيح ڏيان ٿو. جڏهن اسين اهڙي دنيا ۾ رهون ٿا جتي هر هڪ تمام گهڻو ڳالهائي ٿو اسين اڪيلائي ۽ عوامي ميڙن ۾ پڻ بيحد ڳالهايون ٿا هڪ سياڻي ماڻهو جي چوڻ مطابق انسان پنهنجي ڪوتاهين ۽ غلط ڪمن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اهڙي ريت اسان روزانو خاموشي ذريعي پنهنجي شخصيت کي پڻ صحتياب ۽ آرام ده ڪري سگهون ٿا خاموشي ذهنن جو آرام آهي. جيئن آرام جسم لاءِ سڪون آهي. اها اسان جي ايماندارڻي ڪوشش ٿيڻ گهرجي ته گهٽ ۾ گهٽ ڏينهن ۾ هڪ دفعو دٻاءُ پريشاني ، فڪر ۽ زندگي جي ڏکيائن کان پاسو ڪري مڪمل خاموشي ۽ چند گهڙيون گذارجن اسين بنا ڌيان وارن ڪمن جهڙوڪ TV ڏسڻ دوستن سان گپ شپ ڪرڻ اهڙي قسم جا ڪم خاموشي سان اسان کي اندروني ذات مان رجوع ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. اسان جي اندروني صلاحيتن کي نظم ۽ ضبط آڻڻ لاءِ خاموشي اسان جي مدد ڪري سگهي ٿي. خاموشي اسان کي خدا جي ويجهو وٺي وڃي ٿي. خاموشي ۾ اسين پنهنجي عبادتن کي محسوس ڪري سگهون ٿا. اسان خدا وٽ پهچي سگهون ٿا ۽ هڪ مڪمل ۽ ڪامل خاموشي جي حالت اسان پنهنجي عبادتن جي موٽ ۾ مدد ۽ ان جو جواب پڻ ٻڌي سگهون ٿا.
حقيت ۾ اڄ جي جديد دنيا جي انسان جي وڏي ضروت خاموشي آهي. دٻاءُ پريشاني ۽ فڪر کان پري رهڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ هڪ ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه دفعا ذاتي طور خاموشي جو وقت گذارڻ قابل عمل آهي. جيئن مٽي جا ذرڙات اسان جي ڪپڙن کي چمبڙي پون ٿا تهڙي طرح گوڙ ۽ پريشان خيال اسان جي دلين کي چمبڙي پون ٿا. جئين اسين پاڻي ۽ صابڻ سان پنهنجي ڪپڙن جي ميراڻ کي ڌوئون ٿا. تيئن ئي اسان لاءِ روزانو خاموشي جي سمنڊ ۾ ٽٻي هڻي پنهنجي روح کي انهن بيمارين کان پاڪ ڪرڻ ضروري آهي. خاموشي صحتياب ڪري ٿي. خاموشي سڪون ۽ آرام ڏئي ٿي. خامُوشي صاف ۽ پاڪ ڪري اسان کي وري سگهارو بڻائي ٿي، هن مونجهاري واري دنيا ۾ خواهش، تمنا، فخر،جهالت، نفرت، لالچ جا تکا تير اسان جي روح کي بار بار زخمي ڪن ٿا. اسان جا روح انهن جي زخمن جي ڪيترن ئي گهاون کي برداشت ڪندا رهن ٿا. خاموشي اها صحت افزاهه آهي جيڪا انهن زخمن جي گهاون کي ڀري سگهي ٿي. اسان کي ياد رکڻ گهرجي خاموشي ٻن قسم جي ٿئي ٿي. هڪڙي ٻاهرين خاموشي يعني گوڙ، رڙيون ۽ هل هنگامي واري زندگي کان بلڪل آزادي ۽ ٻيو آهي اندروني خاموشي يعني خواهش، لالچ، تمنا، ويڙهه ، نفرت واري خيالن کان به آزادي. خاموشي اهو سڪون آهي جيڪا اسان کي سمجهه ڏئي ٿي جيستائين اسان ان حالت تائين پهچون.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *