تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

خاموشي جو اوڙاهه….ڪهاڻي…صدام حسين ڪولاچي

سج جو ڌرتيءَ جِي ڇاتيءَ سان ڀاڪر ڀرڻ جو منظر ڪيڏو نه وڻندڙ آهي، تارن جِي چنڊ سان رهاڻ به دل جا تار ٿَي ڇيڙيا، سنڌوءَ جي ٿڌڙي هِير ورهين کان اوڙاهه حوالي ٿيل جذبن کي جيئارڻ جا جتن پئي ڪيا، پر منصور وٽ دنيا تي ٻيهر ويساهُه جِي سگهه ڪونه هئي، هو سوچ، نظريي، عقيدي ۽ رهڻي ڪهڻي کي رد ڪندڙ سماج کان بيزار ٿي چڪو هو، کيس سج جو ڌرتيءَ سان پيار، تارن جي چنڊ سان رهاڻ به فريب پَئي لڳي، ڀانئين ته ڪڇندس ته وري نئون اوڙاهه جهاڳڻو پوندو، ان لاءِ پنهنجي سوچ ۽ سمجهه جي دروازن کي تالو لڳائڻ بهتر سمجهئين.
منصور جا پير ٿيڙا کائي رهيا هئا، چهرو ڪومايل، سندس اکين تي لڙڪن جا گس چٽا نظر اچي رهيا هئا، چپ سبيل، ائين پئي لڳو ته ڄڻ خاموشي سان سندس گهرو ڳانڍاپو اٿس، مان سدائين ساڻس ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس، پر هو ورندي ئي ڪونه ڏيندو هو، ڪڏهن تاءُ ۾ اچي کيس ٿڏو هڻندو هئس ته ڪڏهن وري چرين وانگر پنهنجي ئي مٿي تي ڌڪ هڻي ماٺ ٿي ويندس هئس، پر منصور جي خاموشي منهنجي ذهن تي طاري هئي، سڄي رات منصور بابت من ۾ ئي اُٿيل سوالن جي طوفان کي ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ سمهي نه سگهيس. صبح ٿيو، امڙ چانهه جو پيالو کڻي آئي، اُٿ وزير سج تاڪ چڙهي آيو آهي، هرڪو ڪمين ڪارين نڪري ويو ۽ تون اڃا ستو پيو آهين. وراڻيس ته امان اٿان ٿو چانهه جو پيالو رک، مونکي مٿي ۾ ڏاڍو سور آهي.
مان آفيس وڃڻ بدران سمنڊ ڪناري نڪري ويس، پٿريون پاڻي ۾ اڇلائيم ته سامونڊي ويرن جو رويو تبديل نظر آيو، ڪير زور سان گهنٽُ وڃائي رهيو هو، اکين آڏو اوندهه ٿي وئي، هيڏانهن هوڏانهن تکيم ته ويراني جوڀن نظر آيو، وچ سمنڊ ۾ صليب تي منصور ٽنگيل هو، مونکي پڪاري دانهون پئي ڪيائين ته وزير!منهنجي جان ڇڏائي، منصور جي دانهن برداشت نه ٿيم، ڊوڙڻ لڳس، سامونڊي ويرن ٿڏا هڻي رهيون هيون، پر مون هڪ نه ٻُڌي. ذري گهٽ پاڻي ۾ ٻڏڻ وارو هئس ته پويان ڪنهن ٻانهن ۾ هٿ وجهي روڪي ورتو“پاگل هو ڪيا، خودڪشي ڪي اور بهي طريقي هين، تمهين يهي جگا ملي هي مرني ڪو”.
پوئتي ڏٺم ته به ڪجهه نظر ڪونه آيو، منصور جي تڪليف برداشت ڪونه ٿي رهي هئي، ڇوڪري مون سان ڳالهائيندي رهي، منهنجو ذهن ڪم ڇڏي ويو، ٿوڻا هڻندي رهي، هوش ۾ ڪونه آيس، جڏهن پاڻي جو ٻڪ ڀري منهن تي هنئي ته ڏڪڻي وٺي وئي ۽ بيهوش ٿي ڪري پيس، خبر ناهي ته ڪيترو وقت بيهوش رهيس، اک کلي ته پاڻ کي بيڊ تي ستل ڏٺم، تڪڙ ۾ اٿي پنهنجي جسم کي هٿ هنيو ته ڪٿي، حضرت عذرائيل عه ستين آسمان تي ته ڪونه وٺي ويو آهي، وري منهن تي چوهنڊي پايم ته پڪ ٿي، ها مان جيئرو آهيان، پر هتي ڪئين پهتس، ڪير کڻي آيو، هاڻ ڇا ٿيندو سوڌو سوالن جو طوفان هو، ڪمري جو در کُليو، سامهون خوبصورت ڇوڪري چانهه جو پيالو کڻي پئي آئي، ڪجهه گهڙين لاءِ ته پنهنجي نصيب تي يقيم ڪونه پئي آيم، ننڍپڻ کان ئي جيڪا به شيءِ گهري، اُن جي ابتڙ مليو، ان اڳ جو مان ڪجهه پُڇان، ڇوڪري وراڻي، وزير ڪيسي هو!، خودڪشي ڪيون ڪر رهي ٿئي؟، هيءَ ڇوڪري مون پهريون ڀيرو ڏٺي هئي، چانهه جو پيالو وٺندي پڇا ڪيم ته مان هتي ڪيئن پهتو آهيان، تون ڪير آهين؟، مان نوري آهيان، هوءَ وراڻي، منصور جي نوري، منصور جي نوري؟، ها، پر تو مونسان اردو ۾ پئي ڳالهايو. توهان، مونکي ڪيئن،، نوري منهنجو ڪو سوال پورو ٿيڻ نه ڏنو ۽ وراڻي ته تنهنجي سڀني سوالن جو جواب ڏينديس، رڳو هيءَ چانهه جو ڍڪ پي وٺ. ڇا توکي منصور ڪڏهن ٻڌايو آهي ته اسان گهوٽڪي جي اسڪول ۾ گڏ پڙهندا هئاسين.
نه منصور ته ناهي ٻڌايو، پر هو ڳالهائيندو به ڪٿي آهي، سندس چپ ورهين کان چپ جو روزو رکيو اچن، چهري تي تاثر به ظاهر ٿيڻ نه ڏيندو آ، ڪڏهن ڪڏهن ته ائين لڳندو آهي ته هو ڀٽڪيل روح آهي،جنهن سان ڪو وڏو دردناڪ واقعو ٿيو هجي. نوري واراڻي، ڇا هن ڪڏهن منهنجو ذڪر ڪيو آهي؟، نه، هو ڪنهن به معاملي تي ڳالهائڻ پسند نه ڪندو آهي، مون وراڻيو. ها هو ڳالهائيندو به ڇو، چوندا آهن ته جيڪي ماڻهو ڪنهن به سفر جي شروعات ۾ گهڻو ڳالهائيندا آهن، آخر ۾ وري انهن جي دوستي خاموشي سان ٿي ويندي آهي، زماني کان انتقام وٺڻ خاطر خاموش ٿي ويندا آهن، هر آئي ڏينهن پاڻ کي مرندي، ٻڏندي، اوڙاهه ۾ سڙندي زندگي گهاري ڇڏيندا آهن. نوري وري وراڻي ته مون منصور کي بار بار سمجهايو هو ته هر خوبصورت شيءِ حاصل ڪرڻ لاءِ ناهي هوندي، ڇا ڪير ڪڏهن آسمان کي حاصل ڪري سگهيو آهي، منصور جي وڏي ڪهاڻي آهي، ڪڏهن وقت مليو ته تفصيل سان ٻڌائينديس، منهنجون اکيون کلي ويون، چرين وارنگر نوري کي منٿون ڪرڻ لڳس ته خدارا ٻڌايو، نوري رڳو ايترو چئي هلي وئي ته خاموشي جو اوڙاهه آهي سڙي سگهندين!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *