تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

حڪومتي شخصيتون به سرعام ڦاهي جون حامي

لاهور موٽروي تي پيش آيل واقعي تي عوام سان گڏ حڪومتي شخصيتن به جوابدارن کي سرعام ڦاهي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي وزير فيصل واوڊا پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو پيش آيو آهي هڪ ٻي حوا جي ڌيءُ عصمت دري جو نشانو بڻجي آهي، پهريان ننڍڙي مروه ۽ هاڻي هي واقعو ٿيو آهي، سمورن پارليامينٽرينز کي اپيل ٿو ڪريان ته درندن کي سرعام ڦاهي لاءِ قانونسازي لاءِ هڪ ٿين، سينيٽر فيصل جاويد ۽ پنجاب حڪومت جي ترجمان عثمان سعيد بسرا ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته فيصل واوڊ جي مطالبي جي حمايت ڪجي ٿي، اهي ماڻهو انسانن جي روپ ۾ درنده آهن انهن کي عبرت جو نشانو بڻائڻ گهرجي ان حوالي سان قانونسازي ٿيڻ گهرجي ۽ ان تي سختي سان عمل ٿيڻ گهرجي، فواد چوڌري لکيو ته ڪاوڙ جائز آهي ۽ سرعام ڦاهي جو مطالبو به جائز آهي، پاڪستان سڀ کان وڌيڪ موت جي سزا ڏيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي ۽ ڦاهي جي سزا ڏيڻ ۾ ته دنيا ۾ پهرين نمبر تي آهي، يورپ ۾ ڦاهي جي سزا ناهي پوءِ هتي سوال اهو آهي ته اتي ڏوهن جي شرح وڌيڪ ڇو ناهي؟ وفاقي وير علي محمد خان لکيو ته زيادتي جي جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو درست آهي، اهڙن جوابدارن کي ٽنگڻو ئي پوندو.عامر لياقت به لکيو ته جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *