تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

حصو پھريون … ڊاڪٽر ۽ اردو ادب … ڊاڪٽر ناظر محمود سنڌيڪار اظھر آزاد مغل

گذريل پنجاھه سالن ۾، اردو ادب ڪجھه غير معمولي ليکڪ ڏنا آھن جنھن جو بنيادي پيشو طبي مشق رھي آھي. ھنن مان ٽي نالا ڊاڪٽر آصف فاروقي، ڊاڪٽر حسن منظر ۽ ڊاڪٽر شير شاھه خاص ۽ نمايان جگھه والارين ٿا.ھنن پنھنجون زندگيون نه فقط مريضن جي علاج ۽ صحتيابي لاءِ ارپيون آھن پر ساڳي وقت ناول، افسانا پڻ لکيا آھن ۽ عالمي ادب جي ڪجھه شاھڪارن کي اردو جو ويس پڻ پھرايو آھي. لڳ ڀڳ ٽيھه سال اڳ مون ڊاڪٽر آصف فرخي جي ڪتاب “حرف من و تو” کي مطالعي ھيٺ آندو. غلام عباس کان ويندي امرتا پريتم تائين جھڙن مشھور ۽ نامور ليکڪن سان ڪيل انٽرويوز تي مشتمل ھي مجموعو 1989 ۾ منظر عام تي آيو. ھن 2000 ۾ “دنيا زاد“ جي عنوان سان ھڪ ڪتابي سلسلو شروع ڪيو جنھن بعد ۾ ادبي جرنل طور مشھوري ماڻي.ان جي پھرين جلد ۾ حارث خليق جا 8 نظم ۽ ھن جي شاعري جو مختصر تعارف شامل ھو جنھن پاڪستان جي ادبي منظر کي ڌوڏي ڇڏيو.ڊاڪٽر آصف فرخي گذريل ويھن سالن ۾ `دنيا زاد جي درجنين جلدن کي سھيڙيو ۽ انھن جي اصلاح ڪئي آھي.ھو “شھر زاد“ جي نالي سان اشاعت گھر پڻ ھلائي ٿو جيڪو ادبي ڪمن کي منظر عام تي آڻيندو رھي ٿو.
اردو ۾ ڪجھه بھترين افسانا لکڻ سان گڏوگڏ، جيڪي ‘شهر ماجرا’ (1995) ‘مين شاخ سي ڪيسي ٽوٽاا'(1997) ميري دن گذر رهي هين’ (2009) جھڙن مجموعن ۾ ڇپيا، ھن پڻ ادبي تنقيد کي مدنظر رکندي مقالا ۽ مضمون پڻ لکيا آھن جيڪي 2004 ۾ ´علم ايجاد` ۾ شايع ٿيا. اردو جي ڪجھه بھترين ليکڪن جي مدد سان ھن جا تخليقي گلدستا آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران باقاعدگي سان ڇپايا ويا آھن. ھر ڪنھن کي ھن جي ادبي صلاحيت ۽ ڪم ڪرڻ جي قابليت تي اچرج ۽ حيرت آھي ڇاڪاڻ جو ھو پاڪستان ۾ ادبي ميلن جي بانين ۾ ليکيو ۽ شمار ڪيو وڃي ٿو.
ڊاڪٽر شير شاھه پنھنجو پاڻ ۾ ھڪ طبقو آھي. طبي پيشوراڻه شعبي جي فردن جي خاندان سان تعلق ھئڻ ڪري، ھن پنھنجي مھارت طور گائناڪالاجي جي چونڊ ڪئي، ھي خاص طور تي پاڪستان ۾ مرد ڊاڪٽرن جو شعبو نه آھي. ھو گذريل ڪجھه ڏھاڪن کان اردو ۾ مختصر ڪھاڻي جي حوالي سان چوٽي جي ليکڪ طور اڀريو ۽ سامھون آيو آھي.ھن جي ڪھاڻين جا تقريبن ھڪ درجن مجموعا جن جي عنوان ۾ دل جي تصوير چٽيل آھي جھڙي طرح ‘چاڪ هوا دل’, ‘ڪون دلان دا جاني“ ” دل هي داغ داغ“ “ دل ڪي وهي تنهائي”۽ اھڙي قسم جا ٻيا موضوع شامل آھن. ھو انھن پھرين ڊاڪٽرن منجھان ھو جيڪي آڪٽوبر 2005 ۾ تباھه ڪن زلزلي کان پوءِ پنھنجي ٽيمن سميت بالاڪوٽ پھتا. زلزلي کان پوءِ وارن ڏينھن ۽ ھفتن ۾ ھڪ ڊاڪٽر جي حيثيت سان سندس تجربو ھن کي پنھنجي مختصر ڪھاڻين ۾ پنھنجي اکين ڏٺل احوالن چٽڻ ڏانھن وٺي ويو، جيڪي خاص ڪري اھو سمجھڻ ۾ اوھان کي مدد ڏين ٿيون ته ڪھڙي طرح متاثرن جي مدد ڪئي وئي ۽ انھيءَ سانحي کان پوءِ ڪھڙي طرح انھن کي لٽيو ۽ ڦريو ويو. افسانن سان گڏوگڏ، ڊاڪٽر شير شاھه سيد، غير افسانوي ادب جھڙوڪ ٰ علم و آگهي ڪا سفر،- دنيا اندر يونيورسٽين جي ھڪ مختصر تاريخ- تي به ڪم ڪيو آھي.ٽيڪسيلا، نالندا ۽ نانجنگ جھڙين قديم يونيورسٽين کان وٺي قرون وسطيٰ جي جامع الازھر ۽ نظاميه يونيورسٽين تائين، ڊاڪٽر سيد اسان کي صدين معرفت تعليم، علم ۽ آگاھي جي سفر تي وٺي ھلي ٿو.
ڊاڪٽر حسن منظر اتر پرديش، انڊيا ۾ 1933 ۾ پيدا ٿيو ۽ ھن ابتدائي تعليم مراد آباد ۾ حاصل ڪئي. جڏھن ھو تيرھن سالن جو ھو ته ھن جو ڪٽنب لاھور آيو. ھن ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ پوءِ ڊاڪٽر طور پاڪستان ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون؛ ھن کي زندگي ڀر ادب سان چاھه ۽ دلچسپي رھي. پنجاھه سالن جي عمر ۾ ھن جو پنھنجو مختصر ڪھاڻين جو مجموعو ‘رھائي’ (فريڊم) شايع ٿيو. اڄ ڏينھن تائين ھن جي افسانن جا اڌ درجن مجموعا جھڙوڪ ‘العاصفا’ دي سنس آف ڌڻي بخش’ وغيره ادبي منظرنامي تي اچي چڪا آھن. حسن منظر جي افساني ‘وبا’ ( پيسٽيلنس) تي بحث ڪرڻ کان اڳ ۾، آئون آصف فرخي جي ان ڪم تي ڳالھائڻ پسند ڪندس جنھن ۾ ھو اسان جي سمجھه لاءِ ڊپٽي نذير احمد جي ناول “(دا پيسٽيلنس آف نصوح) جو جائزو وٺي ٿو. ڊاڪٽر آصف فرخي، ڊپٽي نذير احمد جو پرپوٽو آھي، جنھن کي اڪثريت اردو جو پھريون ناول نگار سمجھي ٿي. ڊپٽي نذير احمد جو ناول ‘توبت النصوح’ پھريون دفعو 1874 ۾ ڇپيو ۽ ان کان پوءِ پاڪستان ۽ انڊيا ۾ ان جا سوين ڇاپا ڏٺا ويا آھن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *