تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

(حصو پهريون) …عشق جو فني پھلو ۽ عاشقي جا ٽي خطرناڪ قسم ..صالح ميمڻ

عشق جو اڀياس هر دوُر ۾ ٿيندو رهيو آهي ۽ ان جي روين ۽ اثرن تي بحث به ٿيندا رهن ٿا، عشق ۾ جدائي واري حالت ۽ احساس کي ناقابل برداشت عمل ۽ سوچ کي سمجهندڙ ماهرن ۽فيلسوفن “ميسوڪ ازم“ چيو آهي. ميسوڪ ازم هڪ سوچ ۽ نظريي جو نالو آهي، هن سوچ وارو ماڻهو محتاجي، بي وسي ، لاچاري ، بي سمجهي وارين حالتن جو شڪار رهي احساس محرومي جو اظهار ڪندي هميشه ٻين ۾ پناھ وٺندو آهي، اهڙي عاشق کي مسوڪسٽ چيو ويو آهي. ٻين ۾ روحاني طور پناھ وٺندڙ عاشق پاڻ کي معشوق سان دوستي واري رشتي ۾ برابري جوڙڻ کان محروم رهندي ان جو ذهني غلام ٿي ويندو آهي ۽ معشوق جي حڪم ۽ مرضي جو تعبيدار رھندو آهي ۽ غلامي جي اهڙي خطرناڪ احسان ۾ هو پنهنجي حيثيت، انفراديت، شخصيت، راءِ ۽ وجود کان علاوه پنهنجي جسم ۽ جان تائين معشوق وٽ عشق جي ناتي ۾ گروي رکي ڇڏيندو آهي ۽ ان جي حڪم ۽ اشارن تي هلندو رهندو آهي، عاشقي ۾ اهڙي سوچ رکڻ وارن ماڻهن جا معشوق گهڻو ڪري نخرا ڪندڙ، ضدي، انا پرست ۽ لاپرواهه بڻجي پوندا آهن. اڻ ٽر نتيجي ۾ عاشق جي انهن وٽ ڪا اهميت ۽ حيثيت نه رهندي آهي. اهڙي عشق ۾ عاشق ٻيون ته سموريون شيون وڃائي ويهندو آهي پر پنهنجي آزادي به وڃائي ويهندو آهي. عاشقي ۾ ان جو حال اهڙي ٻار وانگر ٿي ويندو آهي، جيڪو ماءُ جي پيٽ ۾ پنهنجو ڌار جسماني وجود رکڻ باوجود مڪمل طور تي ماءُ جي سهاري جو محتاج هوندو آهي.
ميسوڪ ازم لاءِ صنم پرستي يا مذهبي حوالي سان بت پرستي جا اصطلاع به استعمال ٿيندا آهن ۽ انهن مثالن ذريعي ميسوڪسٽ نالي واري عاشق جي عاشقي جي تشريع ڪري سمجهاڻي ڏني ويندي آهي ته ميسوڪسٽ جڏهن پنهنجي پوري ذهن جي سموري توانائي هڪ طرف لڳائي سست ۽ بي وس بڻجي ويندو آهي ته ان جا ٻيا احصاب به ڪمزور ٿي ويندا آهن ۽ سندس جسماني، ذهني ۽ جنسي صحت به ٺيڪ نه رهندي آهي، زندگي جي سمورن روزمره جي ڪاروهنوارن ۾ ان جا فيصلا هدايتون ۽ عمل به بي اثر ۽ بي معنيٰ بڻجي ويندا آهن، ان ۾ يقين واري قوت گھٽجي ويندي آھي ۽ پنھنجو پاڻ تي ڪو به اعتماد نه رھندو آھي، اهڙا عاشق گهڻو ڪري تقدير تي ڀاڙيندا آهن، پنهنجي طور تي ڪجھه ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم رهندي جنسي ۽ نفسياتي بيمارين ۾ به وڪوڙجي ويندا آهن. فراري ۾ نشي آور شيون واپرائي موالي به بڻجي پوندا آهن، ڳالهين ۽ ليڪچرن سان اهڙن عاشقن کي ڪو به قائل نه ڪري سگهندو آهي، ڳالهيون سمجهي ماٺ به ڪري ويندا پر پنهنجي ميسوڪ ازم واري سوچ ڇڏڻ جي معاملي ۾ اهي اندروني ۽ بيروني طور تي پاڻ کي لاچار، بي وس، بي پهچ سمجهي ڪجھه نه ڪري سگهندا آهن. عاشقي ۾ ميسوڪ ازم جي شڪار عاشقن جي سڀ کان وڏي خرابي اها هوندي آهي ته هو پنهنجي شخصي خودمختياري ، آزادي ، پنهنجي انا ۽ شخصيت ٻين ماڻهن جي قدمن ۾ رکي ڇڏيندا آهن، جيڪي انهن جي اهڙي بي وسي لاچاري ۽ غلاماڻي سوچ واري انداز مان آقا بڻجي فائدا کڻندا رهندا آهن. عاشقي ۽ معشوقي وارو اهڙو رشتو سهاري ۽ مفاد جي ٻه طرفي تعلق جي بنياد تي هلندو ۽ قائم رهندو آهي. عشق جو هي انداز ۽ قسم عاشق کي تخليقي ڪم ڪرڻ ۽ پنهنجي ۽ پاڻ تي دارومدار رکندڙ ٻين جي زندگين ۽ مستقبلن لاءِ تخليقي انداز ۾ سوچڻ کان پري رکي نتيجي ۾ تباھه ۽ برباد ڪري ڇڏيندو آهي، عشق جو هي قسم جڏهن ماڻهن جي گهڻائي اختيار ڪندو آهي ته پوءِ قومون ترقي ۽ تخليق جون راهون ڇڏي تباهي ۽ تنزل طرف هليون وينديون آهن ۽ قومي وجود کي به اتان بربادي نصيب ٿيندي آهي.
اهڙي عشق جي انداز ۽ رويي جي بلڪل ابتڙ عشق جو هڪ ٻيو خطرناڪ ۽ تباھه ڪندڙ رويو به آهي جنھن ۾ ان ۾ عاشق، عشق ڪندي معشوق کي پنهنجو غلام بڻائي رکڻ چاهيندو آهي، عشق جي اهڙي رويي کي“سيڊازم“جو نالو ڏنل آهي ۽ اهڙو رويو اختيار ڪندڙ عاشق کي وري “سيڊسٽ“چيو وڃي ٿو، معنيٰ اهڙو عاشق جيڪو سيڊازم واري عاشقي ڪندو هجي. سيڊسٽ عاشق پنهنجي اڪيلائي، مسئلن جي خوف، معشوق جي جدائي جي احساس کان بچڻ لاءِ معشوق کي پنهنجي طاقت ۽ ذهني صلاحيت جي آڌار تي پنهنجي ذات جو حصو بڻائي رکڻ چاهيندو آهي، ان طرح هو معشوق کي پوڄاري، غلام، بي وس لاچار ، بي يارومددگار بڻائي پوري دنيا کان ڌار ۽ اڪيلو ڪري پاڻ ان جو اڪيلو ديوتا، آقا ۽ حڪمران بڻجڻ چاهيندو آھي. سيڊسٽ عاشق هميشه پاڻ کان ڪمزور ماڻهن سان عشق ڪندڙ عاشق هوندو آهي. جيڪو معشوق جي ڪمزورين مان فائدو کڻي ان کي وڌيڪ ڪمزور بڻائي پاڻ کي ان آڏو وڌيڪ طاقتور ظاهر ڪري فائدا کڻندڙ هوندو آهي. عشق جي هن سوچ ۾ گهڻو ڪري ڊڪٽيٽر قسم جا ماڻهو، وڏيرا، جاگيردار، سرمائيدار ۽ حڪمران مبتلا ٿيندا آهن، جيڪي داخلي يا روحاني طور تي عشق جي معاملي ۾ ڪمزور ھوندي به طاقت جي آڌار تي پاڻ کي طاقتور ظاھر ڪندا آھن، جيڪي اجتماعي عاشقي ڪندي ڪمزور خلق کي خود تڪليفون ڏئي، انهن لاءِ مصيبتن وارا ماحول ۽ حالتون پيدا ڪري، ڏک ۽ ڏهنج ڏئي وڌيڪ ڪمزور بڻائي انهن آڏو پنهنجي اهميت وڌائي پنهنجي ضرورت جتائيندا رهيا آهن.
جهڙي طرح ميسوڪ ازم ۾ عاشق پاڻ کي معشوق حوالي ڪري ان جو غلام بڻجي ٿو، تهڙي طرح سيڊازم جي سوچ وارو عاشق وري معشوق کي غلام بڻائي رکي ٿو. جدائي، اڪيلائي ، تنهائي جي خوف ۾ مبتلا سيڊازم جو شڪار عاشق نه رڳو عاشقي جي ذريعي معشوق کي هيٺائين سطح تي محدود رکي ٿو پر ان سان هر موقعي تي ذلت ڀريو ورتاءُ به ڪري ٿو. هڪ اڻ ڄاتل خوف جيڪو هن قسم جي عاشق جو پاڻ پيدا ڪيل هوندو آهي، ان جو صحيح حل معشوق سان برابري قائم رکڻ، ان سان ملي هڪ ٿي وڃڻ ۾ آهي، جڏهن ته تنهائي جي خوف مٽائڻ لاءِ ٻئي کي تنها ڪري ڇڏڻ ۽ ان لاءِ مسئلا پيدا ڪري پوءِ انهن مسئلن جا اڻ پورا حل پاڻ ڏيڻ ۽ ٻڌائڻ واري ھي عاشقي به انتهائي خطرناڪ بڻجي ٿي. انفرادي ۽ عام سطح تي اهڙي عاشقي دوستن ۾ به رهي ٿي ماءُ يا پيءُ جي ٻارن سان به ٿي سگهي ٿي، جيڪي ٻارن کي پنهنجو سهارو بنائڻ جي لاءِ پنهجي بزرگي ۽ محبت جو اظهار ان انداز ۾ ڪن ٿا جهڙو انداز ڪنهن سيڊيسٽ قسم جي عاشق جو هجي ٿو. اهڙو ٻار جيڪو مائٽن جي سيڊيسٽ هجڻ واري رويي جو شڪار ٿئي ٿو اهو ڪڏهن به پنهنجي آزاد مرضي سان زندگي ۾ ڪو تخليقي ڪم نه ٿو ڪري سگهي. ڄاڻايل هي ٻئي عشق اهڙي قسم جا روڳ آهن جن ۾ مبتلا فرد، اجتماعي طور تي طاقتور ڌريون عاشقي جي نالي ۾ اڻ محسوس طريقي سان معشوق يا معشوقن جا ازلي دشمن بڻجيو پون. اهڙي خطرناڪ ۽ خوفناڪ دشمني فردن ۽ قومن جي ترقي ۾ شاهي رڪاوٽ بڻجي وڃي ٿي.
عشق جو ٽيون خطرناڪ قسم پنهنجو پاڻ سان عشق ڪرڻ وارو آهي. جنهن کي نرگيسٽ يا نارسي ازم جا نالا مليل آهن. ھن قسم جي عشق ۾ جڏهن ڪو عاشق، عشق ڪندي ٺڪرائجي ٿو تڏهن ان کي جيڪو ڏک رسي ٿو سو کيس ناڪامي جو سخت احساس ڏياري ٿو. چيو وڃي ٿو ته عاشق جي انا کي مجروع ڪرڻ سان ان ۾ ناڪامي جوجيڪو احساس اڀري ٿو ان سان ان کي پنھنجو پاڻ تي جيڪا ڪاوڙ اچي ٿي اها پنهنجو پاڻ سان ھن قسم جي عشق جو شروعاتي اظهار هجي ٿي. نارسي ازم واري سوچ، ان قسم جي عاشقن ۾ ٻن قسمن جا جذبا اڀاري ٿي ھڪ اھو ته جڏهن ان جو طرف مخالف جنس ڏانهن هجي ٿو تڏهن اهو رخ ان کي جنسي عشق ڏانهن آڻي ٿو. جڏهن پنهنجي طرف وڃي ٿو ته پنهنجو پاڻ سان عشق ڪرڻ لڳي ٿو. ڪجھ ماڻهو هر ننڍي وڏي مسئلي ۾ پاڻ کي مظلوم ۽ ٻين کي ظالم سمجهندا رهندا آهن ۽ ڏک واري ڪاوڙ جو اظهار اهڙن ماڻهن جي سڀ کان وڏي عادت ۽ سڃاڻپ رهندو آهي. اهڙن اظهارن ۾ جڏهن شدت ايندي آهي تڏهن اها هڪ نفسياتي بيماري واري شڪل اختيار ڪري ويندي آهي. اهڙا ماڻهو عشق جي روين ۾ انا پرست، ڏاڍ آڏو جلدي جهڪي پوڻ وارا، هيڻن کي جهڪائيندڙ بڻجي ويندا آهن. جيڪا نرگيسٽ جي هڪ خطرناڪ شڪل آهي جيڪا سماج ۾ عاشقي جي عام مثالن ۾ ملي ٿي… هلندڙ

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *