تازا ترين
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*
  • *مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳاهيجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ وارداتن خلاف احتجاجي ريلي *پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا، رهواسي غير محفوظ آهن: مظاهرين*
  • *هالا ڀرسان ڇلگري وٽ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، گمبٽ واسي 5 گهر ڀاتي زخمي *پوليس زخمين کي اسپتال منتقل نه ڪيو، خانگي گاڏي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *ملير: نئين سبزي منڊي ويجهو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شامدار طور ٿي، زخمي اسپتال منتقل*
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

(حصو پهريون) … سنڌي لغت جي بدنصيبي … ڊاڪٽر الطاف جوکيو

سنڌي لغت تي ڪم ڪرڻ جو رستو اسان کي انگريزي دؤر ۾ حاصل رهيو. سنڌي لغت تي جامع انداز سان ڪم ڪرڻ جو درد ’سائين جي ايم سيد‘ محسوس ڪيو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جيئن ئي ولائت مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺي آيو ته سائين جي ايم سيد کيس پاڻ وٽ سڏائي، سهولتن ڏيڻ جي هام ڀري، سنڌي لغت تي ڪم ڪرائڻ جو بندوبست ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ روزانو هڪ ٻه ساٿي وٺي، آسي پاسي وڃي لفظن جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ شروع ڪئي. ڪافي لفظ گڏ ڪري ورتائين، پر اهو ڪم پهاڙ جيڏو هيو. هڪ پاسي جي ايم سيد جي کري سياست ته ٻئي پاسي ڊاڪٽر بلوچ جي نفاست پسند زندگي، نيٺ ڊاڪٽر بلوچ گهڻو وقت رهي نه سگهيو. ان بعد سائين جي ايم سيد، سنڌي ادبي بورڊ جي پليٽ فارم تان ’سنڌي لغت‘ جي هڪ اسڪيم به منظور ڪرائي ورتي، جنهن جي واڳ ڊاڪٽر بلوچ جي حوالي ڪئي وئي.مون کي اندازو ناهي ته ڊاڪٽر بلوچ سان گڏ ڪهڙي ٽيم هئي پر ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جهڙو عالم گڏ ضرور هو. اندازو آهي ته سنڌ جي مختلف لهجن جي ماڻهن تي اهو ڪم رکيو ويو ته اهي سنڌي لفظ سهيڙين ۽ هڪ مرڪز تي ڏياري موڪلين، جنهن جي نگراني ڊاڪٽر بلوچ پئي ڪئي.
ڊاڪٽر بلوچ سنڌ جو اهو عالم هو، جيڪو هڪ اداري جي حيثيت رکندڙ هو. هن صاحب وٽ علمي ۽ ادبي وسيع نظري هئي. سنڌي ٻوليءَ جا ڪافي علمي ۽ ادبي ڪم هن جي قابليت جا ساکي آهن. هن جي نگرانيءَ ۾ تيار ٿيندڙ ’جامع سنڌي لغات‘ هڪ اعلى ۽ عظيم ڪم آهي. اهو اهڙو بنيادي ڊاڪيومينٽ آهي، جنهن تي سنڌي ٻوليءَ جو ڪوٽ بيٺل آهي. ڪوٽ به اهڙو جنهن کي ظاهري ڪا فنا ناهي. پر اها ڳالهه ذهن تي هجڻ گهرجي ته دنيا جون جيڪي به لغتون ترتيب ڏنل آهن، ان ۾ سال بسال يا گهٽ ۾ گهٽ ڏهين سال لفظن جو اضافو ڪري کيس وڌايو ويجهايو ويندو آهي. اهو هڪ سائنسي انداز آهي ۽ اها ڳالهه مسلَم به آهي. هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان لغت تي ٻيهر نظر ڌرجي ۽ جيڪي لفظ نادانسته رهجي ويا آهن، انهن جو اندراج ڪجي. جن لفظن ۾ چڪون رهجي ويون آهن، انهن جي درستي ٿيڻ گهرجي، جن لفظن تي اعراب جا مسئلا سامهون آيا آهن، تن کي ٻيهر سنوارجي.هاڻي سوال اهي ٿا پيدا ٿين ته
01-نظرثاني ڪهڙن بنيادن تي ٿيڻ گهرجي؟
02-ڪهڙي اداري کي ان ڪم جي نظرثاني ڪرڻ گهرجي؟
03-ان لاءِ ڪهڙن ماهرن جو تعين ٿيڻ گهرجي؟
منهنجي خيال ۾ ته سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي ٻوليءَ اختياري جي اختيار ۾ اهي معاملا اچن ٿا. سنڌي ادبي بورڊ ته ان معاملي ۾ چُپ رهيو آهي، البت سنڌي ٻولي اختياريءَ ان تي سوچيو ضرور آهي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڊاڪٽر بلوچ، سنڌي ٻولي اختياريءَ جي بنياد لاءِ جيڪا ڪوشش ورتي اها چند ماهرن سواءِ اڳتي هلي، ٻوليءَ جي معاملي ۾ سائنسي انداز سان ڪم ڪري نه سگهي. ٻوليءَ تي سائنسي انداز سان ڪم ڪرڻ بجاءِ هڪ ادبي ۽ پبلشنگ ادارو بڻجي ويو.سنڌي ٻولي اختياريءَ پاران ’مفصل سنڌي لغت‘ تي ڪم لاءِ اسڪيم جوڙي وئي. ڪم ٿيو، ان تي ڪي اعتراض به اٿيا، انهن اعتراضن کي منهن ڏيندي، اٿارٽيءَ ڪم شروع ڪيو. ڳالهه ڏاڍي ڀلي پئي لڳي ته هيءَ لغت، ڊاڪٽر بلوچ واري نگرانيءَ ۾ تيار ٿيل ’جامع سنڌي لغات‘ تي مبني آهي ۽ ان ۾ ضروري اندراج ٿئي پيو. بيشڪ اها ڳالهه تمام خوشيءَ جهڙي آهي.جڏهن ان جو پهريون جلد تيار ٿيو ته لغت تي وڏن فونٽن سان نالن اچڻ تي اعتراض ٿيا. حقيقت ۾ جڏهن اداري پاران ڪا لغت شايع ٿيندي آهي ته ان ۾ وڏن فونٽن سان نالن جي ڪا ضرورت ئي نه هوندي آهي. صرف پيش لفظ ۾ ئي ٽيم ۽ ٽيم جي نگراني ڪندڙن جا نالا هوندا آهن. مثال طور ’آڪسفورڊ ڊڪشنري‘ جڏهن به شايع ٿي آهي ته ان جي مٿان ته ڪنهن جو به نالو نه هوندو آهي، باقي ’پريفيس‘ ۾ تفصيل ته لازمي ڏبو آهي.
مان بنيادي طور لسانيات جو شاگرد رهيو آهيان، ان سبب لغتن کي ڏاڍي شوق سان خريد ڪندو آهيان ۽ ضرورت آهر ان جو اڀياس رهندو آهي. ڪم ڪندي چند اهڙيون ڪميون يا خاميون ضرور نظر مان گذرنديون آهن، جن تي ڪم به ڪري وٺندو آهيان ۽ چند پيپر به ڇپيا آهن. ويجهڙ ۾ پروفيسر ضرار رستماڻيءَ جي سوال تي ’واؤ اشمام/ واؤ معدوله جي اڀياس نسبت اهو نتيجو ڪڍيم ته ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ’واؤ اشمام/ واؤ معدوله‘ جي اعرابن ۾ خاميون آهن.تازو مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ تي ’صنايع بدايع‘ جي خيال کان ڪم ڪيم. في الحال ويٺي ويٺي ’تجنيسن‘ تي ڪم ڪيو، ظاهر آهي ته لفظ جو بنياد لغتن مان کڻبو آهي. مون نوٽ ڪيو ته ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ اصطلاحن جي دائري ۽ چند لفظن جي صورتخطيءَ ۾ مسئلو آهي. هاڻي اهو ته ممڪن آهي ته ڪنهن ڪم ۾ خال رهجي ويا هجن يا رهجي ويندا آهن يا وري مخصوص فيلڊ جو معاملو هوندو آهي. باقي جڏهن ڪم ڏسجي ٿو ته سچ ته ڪم ڪندڙن جي اڻٿڪ محنت ۽ قابليت تي دلئون وه واه نڪري ٿي ۽ سلام پيش ڪرڻ لاءِ دل گهري ٿي.ساڳي نظر جڏهن ’مفصل سنڌي لغت‘ تي ڌرجي ٿي ته اندر ۾ هڪ ڪروڌ ۽ سنڌي قوم جي ويچارگيءَ تي افسوس ٿئي ٿو. ايئن ٿو لڳي ته ’اين.جي.اوز‘ وانگر بس ’ڏوڪڙن جي هڪ ٽٻڻيِ‘ آهي جيڪا کپائڻي آهي. اهو ان لاءِ ٿو چئجي ته جيڪي به ماڻهو لغت تي دسترس رکڻ جا ذوقين رهيا، انهن جو اهڙو معيار ئي ڏسڻ ۾ نه آيو، نه وري انهن جو اهڙو ڪم سامهون آيو.
ڪهڙي ضرورت پئي آهي جو لغتن تي صرف پنهنجن وڏن فونٽن ۾ نالن ڏسڻ خاطر يعني ’جيري خاطر ٻڪري ڪهڻ‘ واري ڪار ڪري، قوم سان راند کيڏجي. سچ ته هي اهڙو ته ذميواريءَ جو ڪم آهي جو هن جي لفظ لفظ تي ’رڪ جا چڻا‘ چٻڻا ٿا پون.پهرين ڳالهه ته هي ڪم اهڙي ماڻهوءَ جي هٿ وس هجڻ گهرجي، جيڪي ’ٻوليءَ جي علم‘ جا ماڻهو هجن ۽ مختلف ٻولين جي بنيادي اصولن کان واقف هجن. لغتن جا اصول ته بيشڪ ڪم ڪرڻ سان ئي جڙندا ويندا آهن، ليڪن ان جو اهم شرط ٻولين جي صَرف/ لفظن جي بيهڪ جو علم رکڻ آهي.هي مخصوص ليڪسيڪوگرافيءَ جو ڪم آهي، جنهن جو بدقسمتيءَ سان سنڌ جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ ڪو شعبو به ٺهي ڪونه سگهيو آهي ۽ نه وري ڪو اهڙو امڪان آهي.ان لاءِ ضرورت آهي ته اهڙا سينئر ۽ ماهر ماڻهن جو ڪو ڪٺ قائم ڪيو وڃي جيڪي لغتن سان دلچسپي رکندڙ هجن، جيڪي هڪ ئي وقت مختلف ٻولين جي بنيادن کان واقف هجن يا صَرف ۽ لفظن جي کوٽ پوٽ جا ماهر هجن ته جيئن هڪ معياري ڪم اڳتي ٿئي.
مان هڪ استاد جي حيثيت ۾ وس وارن اڳيان درخواست رکان ٿو ته ’مفصل سنڌي لغت‘ تي جيڪو ’جامع سنڌي لغات‘ تان ڪٽ پيسٽ وارو ڪم ٿئي پيو، اهڙي ڪم جي قوم کي ڪا ضرورت ڪونهي. قومي وقت ۽ ڏوڪڙ جو زيان آهي. ان معاملي تي نظر ثاني ڪن ۽ معياري ڪم وٺڻ لاءِ معياري ماڻهن جي مقرري ڪن.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *