تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

(حصو پهريون ) … راولپنڊي سازش ڪيس … ليکڪ: ڪيپٽن ظفرالله پوشني تبصرو: حسين جروار

ظفرالله پوشني جيڪو پاڪستاني فوج ۾ ڪيپٽن جي عهدي تي فائز هو، تنهن کي راولپنڊي سازش ڪيس ۾ چئن سالن جي سخت پورهئي سان سزا ملي، جيڪا هن حيدراباد جي سينٽرل جيل ۾ ڪاٽي. سندس جيل جي يادن تي مشتمل ڪتاب ” زندگي زندهه دلي ڪا نام هي“ جيڪو اردو ۾ لکيل هو تنهنجو انگريزي ڇاپو ”پرزن انٽرليوڊ“ جي نالي سان آڪسفورڊ پريس طرفان ڇپايو ويو آهي. جنهنجي مهورتي تقريب آڪسفورڊ پريس پاران آڪسفورڊ ڪتابي ميلي اسلام آباد توڙي ڪراچي ۾ ٿي گذري. ظفرالله پوشني راولپنڊي سازش ڪيس جو آخري زندهه قيدي آهي، سندس عمر هن وقت 94 سال آهي ان ڪيس جا سمورا قيدي سن ٻه هزار تائين وفات ڪري چڪا آهن.
راولپنڊي سازش ڪيس ڇا آهي؟
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جي رڳو چار سالن اندر 1951 ۾ پاڪستان ۾ پهرين مارشلا لڳائڻ جو منصوبو پيش ڪيو ويو هو، جنهن ذريعي گورنر جنرل خواجه نظام دين ۽ وزيراعظم لياقت علي کي گرفتار ڪري سندن حڪومت جو خاتمو آڻڻو هو ۽ ملڪ ۾ مارشلا لڳرائڻو هو. ان منصوبي جي آخري گڏجاڻي ميجر جنرل اڪبر خان جي گهر 23 فيبروري 1951۾ ٿي. جنرل اڪبر جي گهر واري بيگم نسيم اڪبر، مسلم ليگي اڳواڻ بيگم جهان آرا، شاهنواز جي ڌي هئي جنهن جي ڪري سندس رسائي، ڄاڻ سڃاڻ ۽ واسطا تمام گهڻن ماڻهن، جن ۾ اديب، شاعر، سياستدان وغيره شامل هئا. هن منصوبي جي هڪ انوکي ۽ غير معمولي نوعيت هي هئي ته ملڪ جي وجود سان ئي کاٻي ڌر ۽ خاص طرح ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان، حڪومت جي پاران شديد دٻاءِ جو شڪار هئي، مٿس اڻ اعلانيه بندش پئجي چڪي هئي، سندس سرگرميون لڪل نموني ٿي رهيون هيون۽ سندس اڳواڻ ۽ ڪارڪن روپوش رهي سرگرميون ڪري رهيا هيا. جيئن ته اهو زمانو عالمي طرح کاٻي ڌر جي طاقت جو زمانو هو، پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ چين ۾ به تازو 1951 ۾ انقلاب اچي چڪو هو۽ اهو سڀڪجهه راولپنڊي سازش ڪيس کان صرف ٻه سال اڳ ٿيو هو ، سو جنرل اڪبر، پنهنجي گهر واري معرفت، ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻن جن ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري سجاد ظهير، محمد حسن عطا ۽ انگريزي اخبار ، دي ٽائيمس جي ايڊيٽر، مشهور ترقي پسند شاعر فيض احمد فيض کي به گهرايو ۽ انهن سان وعدو ڪيو ته جيئن ئي هو مارشلا وسيلي اقتدار ۾ ايندا، ته ڪميونسٽ پارٽي ۽ ان سان سلهاڙيل مزدورن جون ٽريڊ يونينيون جيڪڏهن مارشلا کي خوش آمديد چون ۽ دي ٽائيمس اخبار مارشلا جي حمايت ۾ ايڊيٽوريل ۽ مضمون لکي. بدلي ۾ جنرل اڪبر جي حڪومت ڪميونسٽ پارٽي مٿان پابندي ختم ڪندي ۽ کين آزادانه سرگرمين جي اجازت ڏني ويندي ۽ ڇهن مهينن بعد جيڪا اليڪشن ٿيندي جنهن جو وعدو جنرل اڪبر ڪيو، ان ۾ ڪميونسٽ پارٽي کلي طرح حصو وٺندي پر اها گڏجاڻي نتيجه خيز ثابت نه ٿي ۽ ان منصوبي تي سول توڙي فوجي آفيسرن اتفاق نه ڪيو.
جنرل اڪبر ۽ لياقت علي جي اختلافن جو سبب؟
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ دوران ئي ڪشمير ۾ انڊين آرمي ۽ پٺاڻ قبيلن جي وچ۾ جهڙپون شروع ٿي ويون، جنهن دوران پٺاڻ قبيلن ۽ انڊين آرمي جي وچ۾ مقابلو ٿيو. جنرل اڪبر جيڪو ان وقت برگيڊئير هو سو پنهنجو نالو مٽائي “جنرل طارق“ جي نالي سان وڙهندو رهيو پر لياقت علي خان توڙي جنرل ڊوگلس گريسي جيڪو ڪمانڊر ان چيف هو تنهنجي منع ڪرڻ تي جنگبندي ڪرڻي پئيجي وئي ۽ ڪشمير تي هندسستان جو مستقل قبضو ٿي ويو. جنرل اڪبر کي ان مسئلي جي ڪري لياقت علي خان سان وير ٿي ويو هو ۽ هو۽ سندس زال بيگم نسيم سر عام لياقت علي خان جي حڪومت جي مخالفت ڪندا هئا ، جنهن ڪري سرڪار جنرل اڪبر تي ڪرڙي نظر پئي رکي. ان دوران جنرل اڪبر جي پروٽوڪول ۾ هڪ پوليس آفيسر اقصار علي شاهه هو جيڪو ٻن سالن کان سندس ڊيوٽي ۽ پروٽوڪول آفيسر طور تي ڪم ڪري رهيو هو تنهن ٻن سالن دوران ٿيندڙ اهڙين سرگرمين جي خبر ڪڏهن حڪومت کي ڏني ٿي، ڪڏهن نٿي ڏني پر تازي جنرل اڪبر جي گهر ٿيل گڏجاڻي جنهن ۾ فوجي ۽ سويلين شامل ٿيا، گڏجاڻي متعلق پوليس جي آءِ جي کي اطلاع ڪيو، جنهن هڪدم نارٿ ويسٽ فرنٽئير صوبي جي گورنر کي آگاهه ڪيو، جنهن وزيراعظم لياقت علي خان کي ٻڌايو. ترت ئي ڪارروائي ڪندي، هيٺين فوجي آفيسرن ۽ سولين کي گرفتار ڪيو. جن ۾ ميجر جنرل اڪبر خان، چيف آف دي جنرل اسٽاف، ميجر جنرل نظير احمد ايئر ڪمانڊور، محمد خان جنجوعه، برگيڊئير عبدالالطيف خان، برگيڊئير محمد صادق خان، ليفٽيننيٽ ڪرنل ضياءِدين، ليفٽينينٽ ڪرنل نياز محمد ارباب، ميجر اسحاق محمد ( جنهن اڳيان هلي مزدور ڪسان پارٽي ٺاهي)، محمد حسن خان، ڪيپٽن خضر حيات.مٿين فوجي آفيسرن کان علاوه شاعر، اديب ۽ ڊيلي ٽائيمس جي ايڊيٽرفيض احمد فيض ، سجاد ظهير ۽ محمد حسن عطا، ڪميونسٽ پارٽي ۽ بيگم نسيم جيڪا جنرل اڪبر جي گهر واري شامل هئا. جيئن ته ان وقت پاڪستان جي گادي جو هنڌ ڪراچي هو ۽ حيدرآباد سنڌ صوبي جو ٻيو نمبر وڏو شهر ۽ صوبائي گادي جو شهر هو تنهن ڪري سمورن ملزمن کي حيدرآباد جيل آندو ويو جتي اسپيشل ٽريبيونل ٺاهيو ويو جنهن ذريعي اهو ڪيس هلڻو هو. ڪتاب جي ليکڪ ظفرالله پوشني موجب ، حيدرآباد ۾ رکڻ جو صرف هڪ ئي مقصد هو ته گرفتا سڀ ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جا رهڻ وارا هئا ان ڪري جيڪڏهن انهن کي اتي جي جيلن ۾ رکجي ها ته حڪومت وٽ پبلڪ جي سپورٽ موجود نه هجي ها. هن لکيو آهي ته حيدرآباد 1951 ۾ئي مهاجرن جو اثر وارو شهر ٿي ويو هو ۽ لياقت علي خان مهاجر پبلڪ جي سپورٽ وٺڻ لاءِ هنن کي حيدرآباد جيل ۾ رهايو. ٻيو ته هي جيل سندن اصل علائقن کان پري به هو، تنهن ڪري کين تڪليف ڏيڻ، ميل ملاقات گهٽائڻ پڻ هڪ اهم مقصد هو.
ظفرالله پوشني فوج جو بلڪل جونئير آفيسر هو ۽ سندس مڱڻي ٿيل هئي. سڀ مختلف ڏينهن تي گرفتار ڪري حيدرآباد جيل آندا ويا. ظفرالله پوشني وڏيون مزيدار يادون لکيون آهن جنهن ۾ حيدراباد جيل اندر ئي ٽريبيونل جي ڪارروائي هلندي رهي. هنن قيدين هڪٻئي سان شرطون لڳايون ته پاڻ آزاد ٿي وينداسين، جن مان صرف هڪ ٻن جو اهو خيال هو ته هي نازڪ ڪيس آهي ، باقين کي لڳي پيو ته اهي جلد آزاد ٿيندا پر جنرل اڪبر خان جي زال نسيم بيگم فيصلي کان اڳ کين ٻڌايو ته سوائي سندس جي (بيگم نسيم) باقي سڀن کي سزا ملندي، اها ڳالهه هنن کي نه رڳو پنهنجي ذريعن مان خبر پئي پر فيض احمد فيض سان به هڪ ايم اين اي فيصلي کان ٻه ڏينهن اڳ ملڻ آيو هو جنهن پڻ هنن کي ٻڌايو هو. جنرل اڪبر کي 12 سال، ظفرالله پوشني ۽ فيض احمد فيض کي4-4 سال سزا آئي. هن ڪيس ۾ سرڪار جو وڪيل مشهور قانوندان اي ڪي بروهي هو ، تنهن ڪري سمورا قيدي کيس نا پسند ڪندا هئا. سرڪار 307 شاهدن جي لسٽ پيش ڪئي جنهن مان 200کن شاهد هن ڪيس ۾ پيش ٿيا، سڀ قيدين جا مختلف وڪيل هئا پر انهن ۾ قيدين جو هڪ اهم وڪيل حسين شهيد سهروردي هو جنهن جي وڪالت جا چرچا هئا.بقول ظفرالله پوشني جي حسين شهيد سهروردي جي جرح شاهدن کي “ڀولڙو“ ٺاهي ڇڏيو هو. ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ ٽربيونل جي جج جسٽس محمد شريف سزا جي فيصلي خلاف اختلافي نوٽ لکيو هو.هن ڪيس ۾ ميٽنگ دوران جنرل اڪبر جي گهر آيل آرمي آفيسرن کي وعده معاف گواهه بڻائي کين آزاد ڪيو ويو هو، ان دوران وزير اعظم لياقت علي جي اوچتي قتل هنن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون هيون، ڇو جو اهي ڳالهيون هلڻ لڳيون ته اهو ڪيس ڪٿي هن ڪيس سان جڙي ويو ته راولپنڊي سازش ڪيس وڌيڪ نازڪ ٿي ويندو. ڪيس هلندي اي ڪي بروهي هنن سمورين قيدين جي دعوت جو سوچيو ۽ کين چورائي موڪليو ته هو سندس دعوت کائين پر هنن جي وچ۾ شديد اختلاف ٿي ويا ۽ اڪثريت جي راءِ هئي ته سندس دعوت کائڻ کپي پر پوءِ فيض احمد فيض ان تڪرار نبيرڻ لاءِ اي ڪي بروهي جي دعوت کي ٺڪرائي ڇڏيو. ظفرالله پوشني موجب فيض سانڊي کان ڏاڍو ڊڄندو هو ، اڪثر سندس ڇت مٿان جڏهن سانڊي هوندي هئي ته فيض احمد فيض يا اتان اٿي هليو ويندو هو يا وري پنهنجي کٽ سرڪائي ڇڏيندو هو.
ظفرالله پوشني لکي ٿو 1953۾ اينٽي احمديه تحريڪ ويسٽ پاڪستان ۾ هلي جنهن جي اڳواڻي مولانا مودودي ڪري رهيو هو. جنهن جي نتيجي ۾ لاهور ۾ مارشلا لڳائي وئي ۽ احرار پارٽي ۽ ملان جيڪي اها تحريڪ هلائي رهيا هئا انهن کي فوجي ڪورٽ پاران سخت سزائون مليون. مولانا مودودي کي چڙ ڏياريندڙ پمفليٽ لکڻ جي ڏوهه ۾ پهرين موت جي سزا ڏني وئي، پوءِ سندس ان سزا کي 14 سالن جي سزا ۾ تبديل ڪيو ويو، روزانو اهڙي قسم جي سزائن سان ڀريل خبرون پيون اينديون هيون پر جلدئي مارشلا هٽڻ کان پوءِ انهن کي آزاد ڪيو ويو، تنهن تي ظفرالله پوشني جو خيال هيو ته اهو مارشلا ۽ سزائن وارو ڊرامو ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، جيڪڏهن انهن کي 6 مهينائي پر اصلي سزا اچي ها ته بهتر هو. ان دوران ئي خبر آئي ته ميان ممتاز دولتانه جيڪو پنجاب جو وڏو وزيرهو تنهن استعيفا جو اعلان ڪيو ته ان جي جاءِ تي ملڪ فيروز خان نون کي پنجاب جو وڏو وزير بڻايو ويو. هڪ ڀيرو ريڊيو تان اعلان ٿيو ته گورنر جنرل غلام محمد ، خواجه نظام دين کي هٽائي محمد علي بوگرا کي نئون وزير اعظم مقرر ڪيو هو پر سڀ کان اهم خبر اها هئي ته اسان جي ڪيس جي سرڪاري وڪيل اي ڪي بروهي کي وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو هو، جنهن تان اسين سڀ وٺي کلياسين. جيل ۾ ظفرالله پوشني سوڀي گيانچنداڻي جو به ذڪر ڪيو آهي، هن سميت ڪافي ڪميونسٽ پارٽي جا ڪارڪنن جيڪي راولپنڊي سازش ڪيس بعد هتي گرفتار ٿي آيا هئا. ان کان علاوه سنڌ هاري ڪميٽي جي ميمبرن مير محمد ٽالپر ۽ ڪامريڊ غلام محمد لغاري سان ملاقات جو ذڪر ڪيو آهي، جن سندن گرفتاري خلاف اپيل داخل ڪئي هئي جنهن کان پوءِ هو آزاد ٿي ويا. جيل ۾ رهڻ دوران مختلف مقامي ماڻهن سان ملاقاتن جوبه هن ذڪر ڪيو آهي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *