تازا ترين
  • *گهارو: پ پ ايم پي اي سردارخان چانڊيو جي گھر تي پوليس چڙهائي خلاف سچوا ۽ چانڊيا برادري جو مظاهرو *چانڊيا برداري پنھنجي سردار سان گڏ آھي اھڙو عمل ڪڏھن به برداشت نه ڪيو ويندو: احتجاج ڪندڙ*
  • *نصيرآباد ۾ سردار چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف ڌرڻو *پ پ ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي ارٿر پل تي ڌرڻو ھنيو، پوليس خلاف نعريبازي *پوليس چانڊيا ڀائرن جي گهرن تي بنا جواز چڙهائي ڪري سندن ساک کي نقصان پهچائي رهي آهي: مظاهرين*
  • *پيرونمل ۽ ڀرپاسي ۾ چڪي مالڪن اٽي جا من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا، پورهيت طبقو سخت پريشان *چڪي مالڪن سنڌ حڪومت پاران اٽي جو 41 روپيا 83 پئسا اگهه وارو حڪم به هوا ۾ اڏائي ڇڏيو *اٽو مهانگي اگهه تي ملڻ سبب سخت پريشاني کي منهن ڏيئي رهيا آهيون: شهري*
  • *وڳڻ ۾ سردار چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف احتجاجي مظاهرو *پوليس جي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جي گهرن تي چڙهائي جي مذمت ڪريون ٿا: مظاهرين *
  • *قاضي احمد ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *سياسي سماجي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو *فرانس ۾ گستاخ خاڪا شايع ڪري سموري دنيا جي مسلمانن جي دل آزاري ڪئي وئي: مظاهرين*
  • *سکر: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي *سکر: عدالت ۾ سرڪاري گواهه سب انسپيڪٽر غلام حيدر بروهي جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو *سکر: عدالت گواهه جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد ٻڌڻي 14 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *سکر: ٻڌڻي دوران مولانا عطا محمود سومرو، طارق سومرو، وڪيل اطهر عباس ۽ ٻيا پيش ٿيا*
  • *شيخ ڀرڪيو ۾ توهين آميز خاڪا شايع ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، فرانس خلاف نعريبازي *فرانس ۾ توهين آميز خاڪا شايع ٿيڻ سبب مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي: مظاهرين*
  • *شهدادڪوٽ ۾ شهري ايڪشن ڪاميٽي پاران اٽو مهانگي اگهه تي وڪرو ڪرڻ خلاف ڌرڻو *شهرين پاران ڪوٽو موٽو چونڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ، انتظاميه خلاف نعريبازي *دڪاندار اٽو 70 کان 80 روپيا في ڪلو وڪرو ڪري رهيا آهن، انتظاميه ننڊ سُتل آهي: مظاهرين*
  • *قمبر ۾ سچوا پاران سردار خان چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف احتجاج *سردار خان چانڊيو ۽ برھان چانڊيو کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي سندن ساک کي نقصان پهايو ويو آهي: اڳواڻ*
  • *اسلام ڪوٽ ۾ پورهيتن پاران ٿرڪول ڪمپنين جي مبينازيادتين خلاف ڌرڻو *سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ به به ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويا، ڇتي نعريبازي*
  • *دادو مان ناري پراسرار نموني گم، وارث سخت پريشاني جو شڪار *دادو: عزيز آباد ڪالوني واسڻ14 ورهين جي حليمان ڌيءَ الهرکيو لاشاري پراسرار نموني گم ٿي وئي*
  • *خانپور مهر ويجهو پوليس جي ڪارروائي، هڪ ڄڻو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *ڳوٺ حمل مهر واسي جان محمد پٽ سڄڻ مهر کي پسٽل ۽ گولين سميت گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *لاهور: راڻا ثناءُ الله خلاف منشيات اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي *اياز صادق جي تقرير دوران ڇا اسپيڪر ستل هو؟:راڻا ثناءُ الله *اسپيڪر اياز صادق جا لفظ ڪارروائي مان حذف ڇو نه ڪيا:راڻا ثناءُ الله*
  • *ميهڙ: ڳوٺ گاهي مهيسر ۾ مينهن ڪاهڻ تان جهيڙو، عورت سميت4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي واحد بخش زرداري، محمد صالح تيوڻو، مسمات شمل خاتون تيوڻو ۽ اصغر مهيسر اسپتال منتقل *زخمين کي ميهڙ اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو*
  • *وارهه ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائي خلاف شٽربند هڙتال *وارهه: پ پ جي سڏ تي ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا، دڪانن جا شٽر نه کُليا*

(حصو پهريون) برٽش ڪائونسل طرفان ملندڙ اسڪالرشپس …ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو

برطانيه طرفان بين الاقوامي ڀائيچاري، ثقافتن جي واڌ ويجهه ۽ تعليمي موقعن لاءِ برٽش ڪائونسل تنظيم ذميوار آهي جيڪا هيئر دنيا جي ڇهن کنڊن ۾ 100 کان وڌيڪ ملڪن ۾ عملي طور ڪم ڪري رهي آهي، مجموعي طور برطانيا طرفان دنيا ۾ تعليم حوالي سان 3000 هزار تعليمي پراجيڪٽ هلندڙ آهن.پاڪستان ۾ به برٽش ڪائونسل طرفان ثقافتي توڙي تعليمي حوالي سان ڪافي سرگرميون ۽ مختلف پراجيڪٽ هلندا رهيا آهن. هن مضمون ۾ برٽش ڪائونسل طرفان شاگردن لاءِ آفر ٿيندڙ سڀ کان اهم پروگرام گلوبل اسڪالرشپ بابت معلومات ڏجي ٿي. هن پروگرام تحت چار مختلف اسڪالرشپس سموري دنيا جي ملڪن لاءِ آفر ڪيون وڃن ٿيون، جن ۾ پاڪستاني شاگردن لاءِ به ڀرپور موقعو موجود آهي. جن بابت تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
01-ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ ۽ فيلوشپ پلان
02-چيونگ فيلوشپ
03-اي ايس هارنبي ٽرسٽ اسڪالرشپس
04-اسڪاٽلينڊ سيلٽائر اسڪالرشپس
05-چارلس ويلس ٽرسٽ اسڪالرشپس فار پاڪستان 
01-ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ ۽ فيلوشپ پلان: هي پروگرام انگلينڊ طرفان ڪامن ويلٿ تنظيم جي ميمبر ملڪن جي شاگردن ۽ ريسرچرس لاءِ آهي، هي پروگرام انهن محنتي ۽ ذهين شاگرد لاءِ آهي جن ۾ ريسرچ ڪرڻ، اڳواڻي ڪرڻ توڙي سمجاجي ڀلائي جا ڪم ڪرڻ جي صلاحيت آهي، ۽ انگلينڊ ۾ پڙهائي ڪرڻ جو خرچ نٿا ڀري سگھن. هن پروگرام جو مقصد دنيا کي بهترين اڳواڻ، استاد، سائنسدان ۽ ايجاد ڪندڙن ڏيڻ آهي.اعليٰ تعليم يعني ڊگري پروگرامس ۾ داخلا لاءِ مجموعي اسڪالرشپس جو تعداد 800 آهي جن جو گھڻو تعداد ماسٽررس، پي ايڇ ڊي، ۽ ڪنهه خاص ريسرچ پراجيڪٽ تحت ڏنو وڃي ٿو.ان کان علاوه ٿوري وقت لاءِ فيلوشپس ۽ ٽريننگس وغيره لاءِ الڳ سان ڪافي تعداد ۾ شاگردن کي موقعو ڏنو وڃي ٿو. پاڪستاني شاگردن لاءِ ايندڙ ڪامين ويلٿ اسڪالرشپ جي لاءِ طريقيڪار ۽ چونڊڻ جي ذميواري پاڪستان هاير ايجوڪيشن ڪميشن آهي.جيڪا هر سال هن اسڪالرشپ بابت درخواستون گھرائندي رهندي آهي. جنهن لاءِ لنڪ http://www.britishcouncil.org.pk/ آهي، ان کان علاوه خاص پاڪستان لاءِ ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ لاءِ لنڪ هي آهي. http://cscuk.dfid.gov.uk/apply/applicants/هيٺ ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ جي مختلف پروگرامن کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي.
Commonwealth PhD Scholarships
هي اسڪالرشپ مختلف ٿيمز جن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي واڌاري، هيلٿ سسٽمس جي بهتري، بين الاقوامي خوشحالي،امن، تحفظ ۽ حڪومتي ڪارونهوار جي مضبوطي، مسئلن کي گڏيل طور منهن ڏيڻ، هڪٻئي تائين رسائي، شموليت ۽ موقعا پيدا ڪرڻ جهڙن موضوعن تي ڪم ڪرڻ ڏني وڃي ٿي. هن اسڪالرشپ بابت تفصيل برٽش ڪائونسل جي ويب سائيٽ تي ڏنل هن لنڪ http://cscuk.dfid.gov.uk/apply/phd-scholarships-least-developed-countries-and-fragile-states/ ۾ آهي.
Commonwealth Split-site Scholarships
هن پروگرام تحت ڪو به ڪامن ويلٿ ملڪن جو شاگرد پنهنجي ملڪ ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ دوران اسپلٽ سائيٽ اسڪالرشپ تحت پنهنجي ريسرچ کي 12 مهيني لاءِ انگلينڊ ۾ اچي ڪري سگھي ٿو.
Commonwealth Master’s Scholarships
هي اسڪالرشپ ڪل وقتي ماسٽرس ڪرڻ لاءِ آهي، جنهن لاءِ بيچلر ڊگري سٺي سيڪڙو سان ئي ٻيو گھرجون پڻ پوريون ڪرڻيون هجن ٿيون، جن ۾ ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ پروگرام لاءِ هيڪ پاڪستان طرفان خصوصي جي آر اي ٽيست ورتي وڃي ٿي.
Commonwealth Shared Scholarships
هي اسڪالرشپ ماسٽرس ڊگري پروگرام لاءِ آهي، هي اسڪالرشپ انگلينڊ جي مختلف يونيورسٽين طرفان گڏيل پراجيڪٽس تحت ڏني وڃي ٿي، جنهن تحت منتخب ٿيل شاگرد کي انلگينڊ جي ٻه يا ٻن کان وڌيڪ يونيورسٽين ۾ گڏيل طور هلندڙ پروگرام ۾ داخلا ڏني وڃي ٿي. ماسٽرس ڪرڻ لاءِ
Commonwealth Distance Learning Scholarships
هي پروگرام غير ملڪي شاگردن کي سندن ئي ملڪ ۾ آن لائين سکيا لاءِ منقعد ڪيو وڃي ٿو، هن پروگرام تحت جزوي طورڪجهه ڪورس ڪرايا وڃن ٿا، پر اصل پروگرام مقامي ملڪ ۾ هلي رهيو هجي ٿو.
Commonwealth Rutherford Fellowships
هي فيلوشپ UK Department for Business, Energy and Industrial Strategy (BEIS)طرفان رٿرفورڊ فنڊ مان اعليٰ سطح جي ريسرچر ڪرڻ لاءِ آهي، جنهن لاءِ ريسرچرس انگلينڊ حڪومت جي طرفان منتخب ٿيل يونيورسٽين يا ريسرچ اسنٽيٽيوٽس ۾ هڪ کان ٻن سالن لاءِ پوسٽ ڊاڪٽريٽ ڪرڻ لاءِ اچي سگھن ٿا. هنن فيلوشپس جو ڪل تعداد 50 آهي، هن اسڪالرشپ لاءِ صرف پي ايڇ ڊي ڪيل ۽ پنهنجي شعبي ۾ بهترين ڄاڻ رکندڙ ماڻهن لاءِ آهي. هن فيلوشپ جو مقصد بين الاقوامي طور مڃيل ريسرچرس سان گڏجي ڪم ڪرڻ آهي.
Commonwealth Medical Fellowships
هي پروگرام ميڊيڪل فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي ڪلينيڪل اسڪلس تحت آفر ڪيو وڃي ٿو. Commonwealth Professional Fellowships هي فيلوشپس انگلينڊ جي بين الاقوامي ترقياتي شعبيDFID طرفان گھٽ ۽ وچ واري آمدني رکندڙ ڪامن ويلٿ ملڪن جي شهرين لاءِ ڏنيون وڃن ٿيون. جنهن لاءِ هي لنڪ آهي http://cscuk.dfid.gov.uk/apply/professional-fellowships/commonwealth-professional-fellowships/information-for-candidates/.
*هي پروگرام مڊل ڪيريئر رکندڙ پروفيشنلس جن کي ڪنهن پروفيشن ۾ 5 سال جو عرصو ٿي چڪو هجي ان لاءِ آهي.
*هن پروگرام 6 هفتن ان 3 مهينن جي لاءِ هوندو آهي.
*هن فيلوشپ جو مقصد پروفيشنلس کي پنهنجي شعبي ۾ وڌيڪ ڄاڻ ڏيڻ، کين وڌيڪ اسڪل سيکارڻ آهي ته جيئن هو پنهنجي شعبي ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگھن.
هي فيلوشپس هيٺين ٿيمس تحت ڏنيون وڃن ٿيون
*سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي واڌاري
*هيلٿ سسٽمس جي بهتري
* بين الاقوامي خوشحالي
*بين الاقوامي امن، تحفظ ۽ حڪومتي ڪارونهوار جي مضبوطي
*مسئلن کي گڏيل طور منهن ڏيڻ
*هڪٻئي تائين رسائي، شموليت ۽ موقعن لاءِ. هن فيلوشپ لاءِ گھرجون
*ڪامن ويلٿ ملڪ جو شهري هجڻ
* 5سال ڪل وقتي يا جز وقتي ڪم ڪرڻ جو تجربو
*تجربو فيلوشپ جي ٿيمس مطابق لاڳاپيل شعبي ۾ هجي
*درخواست ڏيڻ وقت ڪنهن به اداري جو ملازم هجي ۽ واپسي تي ساڳئي اداري ۾ اچي جوائن ڪرڻ
*انگلينڊ ۾ ڪنهن ريسرچ يا ڊگري پروگرام لاءِ داخل نه هجي.
*اڪيڊمڪس هن پروگرام ۾ صرف اڪيڊمڪ مينجيمينٽ بابت درخواست ڏيئي سگھن ٿا نه ڪي ريسرچ وغيره ڪرڻ لاءِ.
*درخواست ڏيڻ لاءِ مٿي ڏنل ويب سائيٽ تي ئي لنڪ موجود آهي.
وڌيڪ معلومات لاءِ https://www.ukcisa.org.uk/Information–Advice/Fees-and-Money/Government-Student-Support لنڪ تي ڏسڻ گھرجي، جتي يونائيٽڊ انگلينڊ جي حڪومت طرفان پرڏيهي شاگردن جي فيس ۾ مدد لاءِ ڪافي مفيد معلومات ڏنل آهي، ان کان علاوه انگلينڊ جي مختلف يونيورسٽين ۽ انهن ۾ موجود اسسٽنٽشپ ۽ اسڪالرشپس لاءِ هن لنڪ https://www.postgraduatestudentships.co.uk/ تي تفصيل ڏنل آهن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *