تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

(حصو پهريون) … انسان، فطرت ۽ فلسفو … اسد ناريجو

ڪورونا وبا جي نتيجي ۾ هر سماجي ۽ فڪري دائري اندر نوان سوال اڀريا آهن، جن جو اظهار پهرين ڏاڪي ۾ هن ساڳي دنيا اندر رهندڙ هر انسان آڏو ھڪ مونجھاري جي صورت ۾ ٿي رهيو آهي. مثال طور سياسي دائري تي جيڪڏهن نظر وجهون ته موجوده صورتحال ۾ سياسي عمل ۽ ان جي طريقيڪار جو سوال، ڪورونا جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ سماجي اڪيلائي ۽ فرد تي اُن جي نفسياتي اثر جو سوال، دنيا جي حاوي معاشي ڍانچي (نيولبرلزم) جي ناڪامي ۽ سماجي-پيداواري رشتن جي بدلاءُ کان وٺي موجوده دنيا جي مستقبل بابت سوالن ۽ انومانن، هر جاءِ تي بحث ۾ اهم حيثيت ماڻي ورتي آهي.سلاووج ججيڪ ته ان سڀ کي هڪ جملي ۾ سيهڙي ٿو ته هي وبا اسان کي بربريت(باربرزم) يا وري سماجي معاشي برابري (ڪميونزم) ڏانهن ڌڪي ويندي. اهڙي حالت ۾ پاڻ کي سياسي ۽ عوامي بڻائي،پهرين کان وڌيڪ سرگرم ٿيڻ ۽ حڪمت عمليون جوڙي سماجي بدلاءٌ طرف وڃڻ جي ڪوشش ڪرڻ،مان سمجھان ٿو، نه صرف وقت جي ضرورت پر هر ترقي پسند فرد ۽ نظرياتي سياسي پارٽي جو فرض پڻ آهي.
مٿي ڄاڻايل دائري ۽ سوالن جي اُبتڙ هن مضمون ۾ مان هڪ ٻئي سوال بابت ڳالهه رکڻ ٿو چاهيان. اِهو سوال گھڻن ماڻهن لاءِ متان ايترو غور طلب يا بحث لائق نه به هجي. پر مان سمجهان ٿو ته انسان ۽ باقي فطرت جي تعلق جو سوال هاڻوڪي وبا جي حالتن ۾ پڻ هڪ اهم سوال ٿي اُڀريو آهي. جنهن کي سائنسي ۽ سياسي سان گڏ فلسفياڻي اک سان ڏسڻ به ضروري آهي.ڇا انسان زمين جو آقا آهي يا هو پاڻ هن وِشال ۽ اَکُٽ فطرت جو هڪ نتيجو آهي؟ هڪ مضمون ۾ اهڙن سوالن سان انصاف ڪرڻ مشڪل آهي پر مان يورپ سميت ٻي دنيا جي فلسفن جي مدد وٺندي ان سوال کي جواب ڏيڻ جي ڪوشش ضرور ڪيان ٿو.
عام ۽ عالمي طور تي فلسفي مٿان يورپ جي هڪ هٺي کي تسليم ڪيو ويندو آهي ۽ يورپ جي فلسفين جو پورهيو آهي به عزت ۽ ساراهه جوڳو پر ان جي عالمي قبوليت ۽ هڪ هٺي جي پٺيان پڻ گھرا تاريخي سبب آهن. يورپ جي بيٺڪيتي سرمائيداري لڳ ڀڳ پوري زمين تي بيٺڪون ٺاهي پنهنجي مذهب ۽ فلسفي کي حڪمران طبقي جي حيثيت ۾ پکيڙيو ۽ بيٺڪن ۾ پهريان کان موجود فلسفي ۽ ٻين نظرين کي يا ته مُنڍئون دٻايو ويو يا وري اُن کي يورپي رنگ ڏنو ويو.
“اهو تصور ته دنيا بابت اسان جا خيال (يقين) سڌا سنوان ڪنهن سببي نتيجي مان نٿا اڀرن ته پوءِ اهي سڀئي ضرور اسان جي ذھن جي آزاد تخليق هوندا، ڪنهن شاعراڻي الهام جي نتيجي جيان. انهن ڳالهين پويان ڪلاسيڪي ۽ جديد فلسفي اندر هڪ مضبوط بشري (اينٿروپوسينٽرڪ) مُتو لڪيل آهي، جيڪو دنيا جي سوالن کي انساني فطرت ۽ انساني رويي جي سوالن ۾ بدلائي پرکي ٿو.” هي لفظ حاضر دور جي جدلياتي فيلسوف ۽ جديد تنقيدي حقيقت نگاري (ڪِرٽِڪل ريئلزم) جي باني فيلسوف رواءِ ڀاسڪر جا آهن. هو اڳتي لکي ٿو ته ، “هن ڳالھه جو هڪ پاسو اهو به آهي، جنهن کي مان خيالي ڌوکو(ايپسٽيمڪ فالاسي) سڏيو آهي، جيڪا هميشه علمِ الوجودي (اونٽولاجيڪل)سوالن کي علم الخيالي (ايپسٽيمولاجيڪل) سوالن ۾ بدلائي ٿي ڇڏي”.
مٿئين بيان ۾ڀاسڪر خيال پرستن، عقليت پسندن ۽ تجربيت پسندن جي فلسفياڻي حد بندين۽ محدوديت کي بيان ڪرڻ ٿو چاهي، جيڪي ويهين صديءَ ۾ سائنسي حقيقت پسندي کي رد ڪري داخليت پسندي طرف ِڌڪجي ويا. انهن ڳالهين منجهه جيڪا ڳالهه اهم ۽ پنهنجي موضوع سان ڳنڍيل آهي سا آهي اولھه جي فلسفي اندر انسان پڻي جي (بشري) عنصر جوحاوي هجڻ. ڀاسڪر جي ڳالھه کي جيڪڏهن اڳتي وڌايون ته چئبو اهو انسان پڻي جو عنصر، اولهھ جي فلسفي ۾ اوائلي دور کان حاوي رهيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ اولھه اندر پنهنجي چوڌاري فطرت کي انسان کان ڪٽيل سمجھڻ، فطرت مٿان انسان جي عقلي برتري ھئڻ ۽ فطرت کي جامد قرار ڏئي، انساني سرگرميءَ کي فطرت کان ماورا يا اتم سمجھڻ، وغيره کي حقيقت طور قبوليو ويو آهي. هن ڳالھه مان منهنجو مقصد اهو ثابت ڪرڻ ناهي ته اولهھ جو فلسفو يڪ رنگي هو يا ان منجهه مختلف ڌارائون ناهن رهيون، پر مقصد صرف اِهو آهي ته فلسفياڻي سوالن ۽ مونجھارن ۾ انسان پڻي جو عنصر اولهھ اندر عمومي طور تي حاوي رهيو آهي. مثال طور خيال پرستي اوائلي دور کان ويهين صديءَ تائين هڪ نه ٻي صورت ۾ موجود رهندي آئي آهي، جنهن جي بنيادي بيهڪ ۽ سرشتو، انساني شعور چوڌاري ڦري ٿو، پوءِ ڀلي اها ان جي وڌايل ڪائناتي صورت ڇو نه هجي( جنهن ۾ دوئيت (ڊيوئلزم) به شامل آهي). خيال پرستي هڪ مڪمل فڪري نظام جي صورت ۾ افلاطون کان شروع ٿي ۽ ان جو اثر هڪ نه ٻي بدليل ۽ اسريل صورت ۾ ويهين صديءَ تائين موجود رهيو آهي (جنهن ۾ ايڊمنڊ هُسرل جي فينومينالوجي، سندس شاگرد مارٽن هائيڊيگر جو ”ڊزائين“ وارو تصور ۽ جين ِهپولائيٽ جي نيو هيگلزم وغيره ڳڻائي سگھجن ٿا). شايد ان جي ڪري ئي ويهين صدي جي هڪ فيلسوف الفريد نارٿ وائيٽ هيڊ چيو آهي ته “اولهھ جو فلسفو افلاطون جي نقش قدم جو هڪ تسلسل آهي.“ان جو ٻيو مثال تجربيت پسندي واري ماديت ۽ خيال پرستي آهي، جيڪا پڻ، ڀاسڪر جي ڳالھه جيان، انسان پڻي جي ور چڙهيل رهي آهي. جنهن ۾ انفرادي تجربن تي آڌاريل سندن اونٽالوجي کين مادي ۽ فطري جوهر کان لاتعلقي تي مجبور ڪري ٿي ۽ فطري ڏيکاءُ جي حواصياتي ڄاڻ تي ڀاڙائي ٿي. نتيجي طور تجربيت پسندي خاص ڪري جان لاڪ، برڪلي، ڊيوڊ هيوم ۽ ان جي ويهين صدي جي اسريل صورت ِوي يانا سرڪل جي ڏنل منطقي اثباتيت (لاجيڪل پازيٽوزم: جنهن ۾روڊوف ڪارنيپ، مورٽس شلڪ، اوٽو نوراٿ ۽ اڳتي هلي ڪارل پوپر وغيره شامل ٿيا) فطرت جي جوهري سرشتن ۽ ڪارڻيت واري قانون کان انڪاري ٿي، ڄاڻ کي انفرادي تجربن جي آڌار تي سمجھڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھي. هن انسان پڻي جو اثر ٻئي پاسي اهو به رهيو آهي ته يورپ جو فلسفو انفراديت جي سوال تي به تنگ نظري جو شڪار رهيو آهي. جنهن ۾ هڪ فرد کي دنيا ۽ سماج کان ڪٽي هڪ الڳ ٿلڳ جز طور سمجهيو ويو آهي. جنهن ۾ فرد دنيا سان تعلق ۾ ايندو ته آهي ۽ اثر انداز به ٿيندو آهي پر هڪ ”فرد“ جو مطلب هڪ فرد، اڪيلو ۽ واحد وجود آهي. هڪ فرد معني هڪ اڪيلو روح رکندڙ جسم. جنهن کي ڊيڪارت ٿِنڪنگ سبسٽَنس سڏيو آهي.جيڪو هن سماج ۾ به رهي ٿو ۽ سماج کي جوڙي به ٿو ۽ ان تي اثر انداز به ٿئي ٿو پر اِهي سڀ تعلق ان فرد جي هوند لاءِ ضروري ناهن.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *