تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

(حصو ٻيون ۽ آخري) … يورپ ۾ مذهبي سڌاري وارين تحريڪن جو تحقيقي جائزو … شعيب سيال

پھريون نظرياتي ماڻھو جنھن يورپ ۾ مذھبي سڌارن واري تحريڪ جنھن کي Protestant  Movement  چئجي ٿو ان جي باقائدھ شروعات  John Wycliff نالي آڪسفورڊ يونيورسٽي جي مذھبي شعبي جي پروفيسر رومن ڪيٿولڪ چرچ خلاف ڪئي جنھن ۾ ھن ڪيترائي لاطيني ۾ ننڍڙا ڪتابڙا لکيا ۽ ملائيت ۽ پاپائيت خلاف کُلي بغاوت ڪئي. انھن ڪتابڙن ۾ ھن پاپائيت جا اڇا چٺا وضاحت سان لکيا ۽ چرچ جي عياشين، سياسي ڪردار، ظلم ۽ ڏاڍ حد کان وڌيڪ پوپن ۽ بزرگن جي عزت جي خانقاھن جي لڪيل حرڪتن ۽ رشوت، تقدير ۽ تدبير وغيرھ تي  کليو تبصرو ڪيو. انکان علاوھ ھن انجيل جو عام ٻولي ۾ ترجمو پڻ1384۾ ڪيو جنھنکي ٺاھي سينگھاري 1388 ۽ 1395 ۾ وائڪلف جي ساٿي John Purvey پيش ڪيو. ھي يورپ ۾ انجيل جو پھريون ترجمو ھو جيڪو عام ماڻھن جي ٻولي ۾ ٿيو. ھن کي يورپ جي سڌاري واري تحريڪ جو وھائو تارو Morning star به سڏيو وڃي ٿو. انکانپوءِ ٻيو مذھبي نظرياتي ماڻھو جيڪو ساڳي صدي ۾ بوھيميا ۾ پيدا ٿيو انجو نالو John Huss of Bohemia  ھو جنھن به وايڪلف وانگر ڪيٿولڪ چرچ خلاف بغاوت ڪئي ۽ Bohemian Reformation  ۾ ڪردار ادا ڪيو. ھنن جي پولڳن پاڻ کي Hussitism جو پوئلڳ چيو. ھي يورپ جي سڌاري واري تحريڪ ۾ اھو ٻيون شخص ھيو جنھن باقائدھ ڪيٿولڪ چرچ خلاف سڌارا Episcopal Reforms آندا. دراصل ھي پريگ Prague ملڪ ۾ چارلس يونيورسٽي ۾ ڊين آف فيڪٽلٽي ھيو. ھن بوھميا جي ڪيٿولڪ چرچ جي ڪيترن ئي ڳالھين جي مخالفت ڪئي جھڙوڪ چرچ جي تاريخ ۽ ڪرت جنھنکي  Ecclesiology  چئجي ٿو يا روحانيت کي پئسن تي وڪڻڻ جنھن کي Simony چئجي ٿو يا پوپ جي خداوند ڪريم اڳيان ھجت ھلڻ جنھن کي Eucharist چئجي ٿو وغيرھ جي سختي سان مخالفت ڪئي. ملڪ جي پادرين ملي ڪري نيٺ ھنن کي جيل ۾ وجھي,ڪيس ھلرائي ساڙائي مارائي ڇڏيو. وائڪلف ۽ جون ھس جي شروع ڪيل تحريڪ ۽ قرباني نيٺ سورھين صدي ۾ رنگ لاٿو ۽ Reformation باقائدھ نشات ثانيا جي ڇانو ۾ تحريڪ ٿي اڀري آئي جنھنجي  Erasmus جھڙن Humanists به حمايت ڪئي. ان تحريڪ جو بنيادي متن Agendaum ھيو ته عام ماڻھو جو به بائيبل کي پڙھن جو حق آھي ۽ عام ماڻھو جو ان کي تشريح ڪرڻ جو به حق آھي. 
يورپ جو عام ماڻھو جڏھن شھري زندگي ۾ رھڻ لڳو, علم پرائڻ طرف ڌيان ڏيڻ لڳو ۽ سياست جي ڪرت کي سمجھڻ لڳو ته انھن ملائن ۽ پدرين جي حرڪتن، سوچن ۽ حڪمت عملين پٺيان ذاتي مقصد يا پارٽي مقصد ڳولڻ شروع ڪيا. سورھين صدي تائين جيئن ته پرنٽنگ پريس ۽ علم جو عام ٿيڻ شروع ٿي چڪو ھو انڪري ھاڻي ڪافي ماڻھو علم پڙھڻ به شروع ٿيا ۽ سوال اٿارڻ به . انھن ماڻھن مان چرچ جو پنھنجو ھڪڙو پادري Martin Luther نالي سان سورھين صدي جي جرمني ۾ پيدا ٿيو جنھن يورپ ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنھنجي طبقي يعني papcy ۾ اھڙيون ته ڇرڪائيندڙ ڳالھيون ڪيون جو سمورا ڪيٿولڪ مولوي ھاڻي صفا چڙي پيا. لوٿر تي جيئن ته اڳم ئي امير طبقي جو ھٿ ھو انڪري ھو بيخوف ٿي ڪري ملائيت خلاف 95 اھڙيون ڳالھيون ڪيون جيڪي عام ماڻھو پڙھڻ کانپوءِ پاپائيت کان بيزار ٿي پيا. 1517 ۾ ھن Ninety Five Theses  شايع ڪري چرچ جي ڀت تي چنبڙائي مولوين کي جوابن جي کُلي چيلينج ڪئي جنھن کانپوءِPope Leo X  ھن کي Excommunicate ڪيو. هن لاءِ فتويٰ ڪڍي. جنھن کي ھن کنگھيو ئي ڪونه ۽ ساڙي ڦٽي ڪري ڇڏيائين. جيڪا ڳالهھ لوٿر جي وڌ ۾ وڌ پاپائيت لاءِ سھڻ ڏکي ھئي سا ئي انھن جي مروج ھڪڙي قانون Law of Indulgence  جي سرعام مخالفت ڪرڻ ۽ عيسائي حج ڪرڻ جي مخالفت وغيرھ. لوٿر جي ڳالھين ھاري طبقي Peasantry ۾ بغاوتي شعور پيدا ڪيو ۽ انھن بغاوت ڪئي. لوٿر ملان ھوندي ۽ حق جون ڳالھيون ڪندي به غريب ھارين جي ڀيٽ ۾ جرمن امير طبقي جي حمايت ڪري جاگيردارن جو ۽ سرمائيدارن جو مولوي بڻجي ويو. وائڪلف، جان ھس ۽ لوٿر يورپي ريفارميشن ۾ اھم ٽي مذھبي فلسفي ھئا جنھن يورپ جي مذھبي ارتقائي خيالن ۾ اھم ڪردر ادا ڪيو. ساڳي ئي صدي ۾ سوئٽزرلينڊ ۾ John Calvin نالي ھڪ مذھبي فلسفي پيدا ٿيو جنھن به سڌاري واري تحريڪ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو ۽ Predestination  واري ڪيٿولڪ اصول جي ابتڙ انجي نئين تشريح ڪئي ته خداوند ڪريم ئي اڪيلو فيصلو ڪندو ته نجات ڪنھنکي ملندي ۽ دوزخ جي حوالي ڪنھن کي ڪيو ويندو. ان کانپوءِ سياسي سطح تي ڪيٿولڪ چرچ خلاف جيڪا وڏي باھ ٻري تنھن ۾ انگلينڊ جي بادشاھ Henry VIII جو وڏو اھم ڪردار آھي جنھن پنھنجي پسند جي شادي Anne Bolyne  سان ڪرڻ خاطر پھرين ڪيٿولڪ زال Catherine of Aragon کي طلاق ڏيڻ چاھي. جنھنجي اجازت چرچ طرفان نه ملڻ ڪري چرچ جي پوپ کي منسوخ ڪري چرچ جي طاقت پنھنجي ھٿ ۾ رکي ڇڏي. ازانسواءِ ,ايني بولين جنھن سان ھينري لانوان لھڻ چاھيون تنھنجون سموريون ھمدريونLutherism   جي ڪري به پروٽيسٽنٽ تحريڪ سان ھيون . ان لاءِ ھينري وٽ پروٽيسٽنٽ کان علاوھ ٻيو ڪو به رستو نه بچيو ھو. ھتي ھي ڳالھه به ٻڌائيندو ھلان ته بادشاھ ھينري کي لوٿر جي نظرين ۽ پروٽيسٽنٽ خيالن سان ڪو لڳاءُ نه ھو، بلڪ ھو لوٿرازم جي مخالفت جي ڪري 1521 ۾ “اميرالايمان” جي لقب سان به نوازيو ويو ھو. ھينري کي ڇھن شادين مان ڪل ٽي ٻار ٿيا جن مان ٻه ڌيئر ۽ ھڪ پٽ ٿيو جن جا مذھبي عقيدھ مختلف فرقن جي مائر  ھجڻ ڪري مختلف ھيا. ھينري کانپوءِ ان جي ڌي شھزادي ميري Queen Mary پنھنجي ماءُ جي فرقي تي ھلندي ڪيٿولڪ جي حامي بڻي ۽ اسپين جي بادشاھ فلپ ٻين سان پرڻي.اسپين ڪيٿولڪ ملڪ ھجڻ جي ڪري انگلينڊ ۾ به راڻي ميري جي مدد سان ڪيٿولڪ چرچ جي حڪمراني چاھي پيو. ميري ڪيٿولڪ دستور لاڳو ڪندي ڪندي ڪافي ماڻھو مارائي ويٺي جنھن ڪري ھن کي Bloody Mary جو لقب ڏئي ھن جي ڀيڻ راڻي اليزبيٿ کي اڳتي آندو ويو.
سورھين صدي جي  انگلينڊ ۾ باقائدھ ڪيٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ جا فساد وڌڻ لڳا ۽ آسپاس جي ملڪن ۾ به اھو مذهبي جھيڙو شروع ٿيو. خاص ڪري انگلينڊ ۽ اسپين ۾ جنگ لڳي ٿي جنھن ۾ اسپين جا جھاز جنھن کي Armada سڏيو ويو سي تباھه ٿيا. ان جو مثال ايئن وٺجي جيئن مسلمان دنيا ۾ سني شيعا جھيڙا، فساد ۽ جنگيون ٿيندا رھن ٿا. ٻنھي پاسي شديد تشدد ۽ ڏاڍ استعمال ٿيو ھن جھيڙن ۾ آخر ڪار پروٽيسٽن جي فتح ٿي ۽ ڪافي ملڪن ۾ نوان چرچ کوليا ويا ۽ ڪيٿولڪ کي ڪافي بري شڪست آئي. نيٺ يورپ ۾ 1648 ۾ Treaty of Westphalia تي صحيح ڪري نوان چرچ ٺھڻ تي راضپو ظاھر ڪيو ويو جن ۾ Calvinism, Lutherism & Catholicism  اھم ھئا. انھن مان اڳتي ايندڙ صدين ۾ ٻيا چرچ ۽ فرقا به وڌيا ۽ پھريون دفعو سرڪاري سطح تي رياست کي مذھب کان الڳ ڪيو ويو. 
تاريخ  ڏاھن لاءِ سبقن جو ڪتاب آھي ۽ احمقن لاءِ آکاڻين جو. تاريخ جو ادراڪ قومي شعور ۽ ساڃاھ لاءِ لازم آھي. ان يتري ڊگھي بحث جو مطلب آھي سنڌي ماڻھو پنھنجي تاريخ کي پڙھن ۽ پنھنجي مذھب جي تاريخي پرک ۽ ان ۾ پيدا ٿيل فرقن جي سياست کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪن. مذھبن ۾ خرابيون ڪونھن پر مذھب جن جي ھٿن ۾ آھي ۽ جيڪي ان جا ٺيڪيدار ٿي ويٺا آهن تن جي نيتن ۾ کوٽ آھي جن شخصي مفادن، فرقن جي مفادن ۽ پارٽي پاليٽڪس کي مذھب سچائين تي فوقيت ڏني آھي. سنڌي سماج ۾ ھيٺائي سطح تائين مذھبي انتھاپسندي ۽ رجعت پسندي جو سبب آھي ئي تاريخ جي علم جي کوٽ. سنڌ ۽ پاڪستان جي مولين فرقاپرستي جا سبق پڙھائي ھلندڙ نسل ۽ ايندڙ نسلن کي غلام ڪرڻ لاءِ اھڙيون ئي حڪمت عمليون اپنايون آھن جيڪي ھزارن سالن تائين عيسائي پادرين اپنائي قومن کي اوندھ ۾ رکيو. نوجوان نسل کي گھرجي بقول جي ايم سيد جي ته انهن “اوندھ جي طاقتن” کي علمي شعور ذريعي شڪست ڏين.  ايئن ناھي ته وکر ڪونھي. وکر ته ڍيرون ڍير آھي پر وھائڻ وارا ويسرا لڳا پيا آھن.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *