تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

(حصو ٻيون ۽ آخري) …موجودا سنڌي ناول جا فني مسئلا …اڪبر لغاري

ڪردارن جي گفتگو ۾ يڪسانيت:
موجوده ڪجهه ناولن ۾ مون اهو به ڏٺو آهي ته، مک ڪردار، ان جا ساٿي ڪردار ۽ ضمير متڪلم يعني خود ناول نگار، هڪ ئي لهجي ۾ ڳالهائين ٿا ۽ اڪثر سڀ دانشوراڻي لهجي ۾ ڳالهاين ٿا. سندن معلومات، لفظيات ۽ جذبات بلڪل هڪجهڙا آهن. خبر ئي نٿي پوي ته ڪير پيوڳالهائي. سادا ۽ گھٽ پڙهيل ڪردار به، مصنف وانگر مفڪر بنيل نظر ايندا آهن. ڪردارن جي انفراديت برقرار ئي تڏهن رکي سگهجي ٿي جڏهن هو ٿورو يا گھڻو هڪٻئي کان مختلف هجن، ٻولي ۽ لهجي ۾ به، فڪر ۽ جذبي ۾ به.
ناول نگار جي ناول ۾ بيجا مداخلت:
ناول نگار، پنهنجي ڪردارن جو خالق هوندو آهي ۽ جيڪا ڳاله کيس چوڻي هوندي آهي اها هو ڪهاڻي جي واقعن ۽ ڪردارن جي قول ۽ فعل جي ذريعي چوندو آهي. ائين کڻي چئجي ته هو پاڻ کي ڪردارن جي ذريعي منڪشف ڪندو آهي. پر ڪٿي ڪٿي، هو ڪردارن کي آزاد ڇڏڻ بجاءِ ، هنن کي جڪڙي ٿو ڇڏي ۽ پاڻ سڌي طرح ناول جي بحث ۾ بحيثيت راوي شامل ٿيو وڃي جنهن سان ناول ۾ هڪ اڍنگائي اچيو وڃي.
شاعري جو بيجا استعمال:
ناول ۾ شاعري شامل ڪرڻ تي هرو ڀرو ڪا پابندي ته ڪانهي پر اها اٽي ۾ لوڻ برابر هجڻ گھرجي. ڪيترن ئي ناولن ۾ شاه لطيف جي شاعري جي ڀرمار آهي. ان کان علاوه ڪجھ ناول نگار پاڻ، شاعري تي به طبع آزمائي ڪندا آهن ۽ ان کي ناول ۾ ڪافي جاءِ  ڏيندا آهن. گھڻي شاعري توڙي ٻيا غير ضروري اقتباس، ناول جي جماليات تي منفي اثر وجھندا آهن.
تعريفي طوفان:
تعريف هر فنڪار ۽ تخليقڪار جو حق آهي ۽ کيس جائز حق ملڻ گھرجي.  تعريف مصنف لاءِ  انعام به آهي ته اجورو به جنهن جي ادائيگي سان منجهس وڌيڪ اتساه پيدا ٿيندو پرڪجه جڳهين تي اهو ڏسڻ ۾ آيو آهي ته ڪجھ دوست بيجا تعريفن سان زمين آسمان هڪ ڪريو ڇڏين، جنهن جي ابتدا مهاڳ کان ئي ٿيو وڃي. پوءِ تبصرن ۽ ريويو جي شڪل ۾ هڪ مهم هلي ٿي. ڪيترائي ئي اهڙا ليکڪ، ناول تي ريويو ۽ مهاڳ پيا لکندا آهن، جن کي ناول جي فن جي بنيادي ڄاڻ به ڪانهي. انهن مان اڪثريت ته ناولنگارن جي دوستن جي آهي، نتيجي ۾ اهي هر ناول کي شاهڪار قرار ڏيئي چون ٿا ته هن کان بهتر ڪو ناول نه ڇپيو آهي نه ڇپبو. انهيءَ کي تعريفي وبا چئبو ته به وڌاءُ نه ٿيندو. تعريف، ليکڪ ۾ خود احتسابي جي عمل کي نهوڙي ڇڏي ٿي ۽ هو پنهنجي ناول جي خامين تي غور ڪرڻ بجاءِ  انهن کي پنهنجي ايندڙ ناول ۾ به جيئن جو تيئن دهرائي ٿو. ياد رکجي ته بيجا تعريف، ادب لاءِ  مٺو زهر آهي. سڄڻ پائي اها آهي ته تخليقڪار کي سندس تخليق جون خوبيون ۽ خاميون ٻيئ ٻڌائجن. ائين ئي اسان بهتر ادب پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب وينداسين.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *