تازا ترين
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *

(حصو ٻيون ۽ آخري) …لغتيات ۽ لغت نويسيءَ جو تحقيقي جائزو …عرفان ڏاهري

لغت نويس ئي پنهنجي ٻوليءَ جو اصل محافظ هوندو آهي، جيڪو پنهنجي جستجو ۽ جاکوڙ سان پنهنجي ٻوليءَ جي لفظي خزاني کي مالامال ڪري سگهي ٿو، جنهن جي لاءِ کيس تمام گهڻي محنت ۽ مشقت جي ضرورت هوندي آهي، اسڪيليگر(Scaliger) جي چوڻ مطابق: ”بدترين ڏوهاري قسم جي ماڻهن کي هڪدم قتل نه ڪرڻ کپي ۽ نه ئي کين ڪا سخت سزا ڏيڻ گهرجي،بلڪ انهن کي لغت (Dictionary) جي ترتيب جو ڪم ڏنو وڃي ته جيئن اهي ان ڪم وسيلي سڀني قسمن جون پيڙائون سڄي زندگيءَ ڀر ڀوڳيندا رهن.“
بهرحال لغت نويسيءَ جو ڪم انتهائي مشڪل هجڻ سان گڏوگڏ علم لسانيات جي ميدان ۾ ڪنهن به ٻوليءَ جي بچاءَ خاطر بنيادي حيثيت رکي ٿو،جنهن تي جيترو لکجي سو گهٽ آهي.
لغتيات ۽ لغت نويسيءَ جو مختصر تاريخي جائزو:
تاريخي حوالي سان لغت نويسيءَ جي تاريخ ايتري ڪا ضخيم ڪانهي بلڪ دنيا جي ڪجهه اهم ۽ مشهور ٻولين ۾ لغت نويسيءَ جو تاريخي رڪارڊ ملي ٿو،جيڪو ڪجهه هن ريت آهي.موجوده دور تائين جيڪي به لغتون لکيون ويون آهن، انهن ۾ هڪ ٻوليءَ واريون لغتون (Mono-lingual)،ٻن ٻولين واريون لغتون (Bi-lingual) يا وڌ ۾ وڌ ٽن ٻولين واريون لغتون (Tri-lingual) وغيره شامل آهن. اهي لغتون ٻن نمونن جون آهن جهڙوڪ ڪي لغتون اهڙيون هيون جن ۾ اسمن جو اڀياس ڪيو ويندو هو، مثال طور جيڪو لفظ ڏنو ويو آهي ان مان ڪهڙي شيءِ جو تصور جڙي ٿو،جيئن ماڻهو،جانور،جيت وغيره. ان قسم جي لغتن کي(Onomasiological) چيو ويندو هو ۽ ڪي لغتون وري اهڙيون هونديون هيون، جن ۾ لفظن جو معنائون، اچار،ماخذات ۽ انهن جو جملن ۾ استعمال وغيره جيئن اڄ جي دور ۾ مختلف ٻولين جي لغتن ۾ ملي ٿو،سو ان قسم جي لغتن کي وري (Semasiological) سڏيو ويندو هو.
بناوت جي لحاظ کان لغتن کي ٻن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي.
1-وڏي سائيز واري لغت (Macro-structure Dictionary)
2-ننڍي سائيز واري لغت (Micro-structure Dictionary)
وڏي سائيز واري لغت ۾ فقط لفظن جو ڪل مجموعي تعداد ۽ انهن جون معنائون ڏنل هونديون آهن، جڏهن ته سندس ترتيب الف ب وار (Alphabatically) ڏني ويندي آهي.جڏهن ته ننڍي سائيز واري لغت ۾ نه رڳو لفظن جي ترتيب ۽ مجموعي تعداد شامل هوندو آهي پر گڏوگڏ ان لفظ بابت تفصيلي وضاحت به شامل هوندي آهي. مثال طور اچار،پيش ڪرڻ جو اندازِبيان،ان جا مختلف ماخذات،مختلف صورتون ۽ مختلف معنائون ۽ جملي يا ڪنهن شعر ۾ ان جو استعمال وغيره.
بهرحال سڀ کان پهرين لغت نويسيءَ جا تاريخي آثار بابل ۽ سميريا وغيره جهڙين تهذيبن ۾ ملن ٿا،جن ۾ فقط مخصوص معنائن خاطر مختلف نشانين جو استعمال ڪيو ويندو هو،جنهن کي ماهرن موجب ڪلاسيڪل لکت سڏيو وڃي ٿو ۽ چيو وڃي ٿو ته ٻه هزار سالن کانپوءِ يورپ وارن به اهو ئي طريقو اختيار ڪيو هو،پر اهو ايترو جٽادار ثابت نه ٿي سگهيو،سو جيئن ئي صورتخطيءَ جو جنم ٿيو ته تيئن ئي لغت نويسيءَ جي دنيا جو به آغاز ٿيو. تنهنڪري سڀ کان پهرين لغت نويسيءَ جو ڪم چيني ٻوليءَ ۾ ٿيو ۽ ٻه (2) قبلِ مسيح ۾ هين ڊائنسٽي (Han Dynsty) جي دورِ حڪومت ۾ ”اِيريا (Erya) “ جهڙي قديم لغت ملي ٿي،جنهن ۾ لفظن ۽ فقرن جون معنائون ڏنيون ويون هيون، تنهن کانپوءِ زو شين (Xu Shen) نالي هڪ لغت نويس “Shouwenjieze” جهڙي لغت تيار ڪئي،جنهن ۾ هڪ هزار چيني ڪردارن (Characters) جون معنائون ۽ اچار شامل هئا، تنهن کانپوءِ سونگ ڊائنسٽي ۽ ٽينگ ڊائنسٽيءَ ۾ “Qieyun” ۽ “Yupian”وغيره جهڙيون لغتون ملن ٿيون.چيني ٻوليءَ کانپوءِ ٻين ٻولين ۾ باقاعده لغت نويسيءَ جي شروعات ٿي وئي ۽ اهڙي ريت لاطيني،عبراني،جرمني،روسي،جپاني،وغيره جهڙين ٻولين سان گڏوگڏ برصغير ۾ پالي،پراڪرت،سنسڪرت ۽ اپڀرنش،هندي ۽ فارسي وغيره جهڙين ٻولين جي لغت نويسيءَ تي ڪم شروع ٿيو، جنهن ۾ برصغير جي ٻولين ۾ نروڪتا “Nirukta”،ڪوشا”Kosha” فخرِ قواس “Faxr-e-Qavas”، ۽ فرهنگِ پنج بخشي”Farhang-e-panjbakshi” وغيره جهڙيون لغتون پهرين قبلِ مسيح صدي کان ملن ٿيون،جيڪي پاريي “Paryay” ( لغتن کي ترتيب ڏيڻ جو طريقو) جي مطابق ترتيب ڏنل هيون.
ماهرن جي تحقيق موجب انهن ٻولين ۾ لکيل لغتون گهڻي ڀاڱي شاعريءَ جي فارميٽ ۾ هيون ۽ انهن جي لکڻ جو رجحان لڳ ڀڳ نائين صديءَ کان اڻويهين صدي تائين پنهنجي عروج تي پهتو ۽ ماهرن جي هڪ اندازي موجب ان وچ ۾ برصغير جي مختلف ٻولين ۾ هڪ سئو ٽيهه (130) لغتون لکي تيار ڪيون ويون،اهڙي ريت اڄ جي دور ۾ بين الاقوامي سطح جي حيثيت ماڻيندڙ انگريزي ٻوليءَ ۾ لغت نويسيءَ جو ڪم قابلِ تعريف ڪم ڪيو ويو آهي،هوئنن ته ان ٻوليءَ جون ڪيتريون ئي لغتون ملن ٿيون پر موجوده دور ۾ به استعمال ٿيندڙ ”آڪسفورڊ انگلش ڊڪشنري“ تمام گهڻو مشهور و معروف آهي،جنهن جو تاريخي پسمنظر ته تمام گهڻو دلچسپ آهي پر اسان هتي اهو ٻڌائيندا هلون ته ان جي رڳو ٻن ايڊيشنز ۾ ستٽيهه هزار ٻه سئو ويهن صفحن تي ڏهه لک اڻٽيهه هزار اٺ سئو پنجويهه (10،29،825) لفظن جون معنائون شامل آهن. اهڙي ريت رڳو اردو ٻوليءَ جي جيڪا ڊڪشنري تيار ڪئي وئي آهي سا به ٻاويهن جلدن تي مشتمل آهي ۽ هاڻي ته اهي ڊڪشنريون ڪمپيوٽرائزد به ڪيون ويون آهن ۽ اسان جيڪڏهن ڏسون ته موجوده دور ۾ مختلف ٻولين جي لغتن تي ڪم ٿي رهيو آهي پر اسان جي مادري ٻوليءَ جنهن جي لغت نويسيءَ جي تاريخ تمام گهڻو مايوس ڪندڙ آهي،ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ڪيترائي سائنسي ۽ ادبي اصطلاح وغيره ( جيڪي ٻين ٻولين جا آهن) اصل صورت ۾ ئي استعمال ڪرڻا پون ٿا جنهن جو ڪوبه متبادل رستو اڃا تائين فراهم ناهي ڪيو ويو. تنهنڪري رڳو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ڪم ساراهه جوڳو آهي باقي ٿيو خير! جيڪڏهن ان کان پهرين يا پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي لغت نويسيءَ تي ڪم ٿيو به آهي ته اهو ان جي برابر يا ان کان وڌيڪ قابلِ تعريف ناهي، جيتوڻڪ اهو ڪم به ائين سمجهجي ته هڪڙي شروعات هئي جيڪا ڊاڪٽر صاحب ايندڙ سنڌي لغت نويسن جي لاءِ هڪ سڌي راهه هموار ڪرڻ خاطر ڪئي هئي، مگر افسوس اسان نئين تحقيق ته هڪ پاسي پر سندس ئي لغت کي مڪمل طور ڪمپيوٽرائزد ناهيون ڪري سگهيا ! تنهنڪري اعليٰ اختيارين ۽ لسانيات ۽ لغتيات جي ماهرن کي ان طرف سنجيده ٿيڻو پوندو ۽ نون اصطلاحن ۽ لفظن ( جيڪي جامع سنڌي لغات يا ان کان پهرين وارين لغتن ۾ ناهن) جي کوجنا ڪرڻي پوندي ته گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ ۾ شامل ٿيندڙ ٻين ٻولين جي اصلوڪن لفظن بدران ڪي متبادل سنڌي لفظ ٺاهڻا پوندا،ڇاڪاڻ ته هن گلوبل وليج واري دور ۾ ٿورا ڪڻا ٿالهي ۾ ڀلا! واري چوڻي تي گوڏا کوڙي ڪونه ويهي رهبو….!!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *