تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

(حصو ٻيون ۽ آخري)…عشق جو فني پھلو ۽ عاشقي جا ٽي خطرناڪ قسم …صالح ميمڻ

عشق هڪ فن به آهي:
دنيا جي ٻين سمورن ڪمن ۾ حضرت انسان ڪنهن به نقصان جي صورت ۾ آخرڪار پنهنجي غلطي کي محسوس ڪري مڃي وٺندو آهي ۽ پنهنجي اصلاح به ڪندو آهي پر حضرت عشق جي معاملي ۾ ڪنھن نقصان جي صورت ۾ پنهنجي غلطي کي مڃڻ جي لاءِ قطعي تيار نه هوندو آهي. سبب سادو ۽ ھڪڙو آھي ته جسم جي ڪنھن ٻئي حصي جي ڪا خرابي يا بيماري ماڻھو کي محسوس ٿيندي آھي ۽ دماغ يا شعور ان کي سمجھي يا محسوس ڪري رھيو ھوندو آھي پر ذھني خرابي يا ذھني بيماري جي معاملي ۾ ذھن ان کي خود سمجھي نه سگھندو آھي، عشق جي باري ۾ هڪڙي خطرناڪ فڪري غلطي عام طرح هميشه کان رهي آهي ۽ اڄ به ملي ٿي اها آهي ته عشق جي معاملي ۾ ڪجهھ سکڻ يا سکي ڪجهھ حاصل ڪرڻ جي ڪا به ضرورت نه سمجھي وئي آھي، سمجھيو ويندو آھي ته عشق ڪنهن نه ڪنهن سان اوچتو ٿي ويندو آهي، اها ڳالھه انسان جي وس کان ٻاهر هوندي آهي ته هو ان کي ٿيڻ کان روڪي سگهي، ان جي مقابلي ۾ هي ڳالهھ پنهنجي طور تي چٽو سچ آهي ته عشق ڪنهن به طرح ايترو سستو ۽ آسان ڪم به ناهي جو انسان ان کي سمجهھ ۽ محنت کانسواءِ ڪري سگهي. عشق ڪرڻ هڪڙو ڌار معاملو آهي ۽ عشق ۾ مبتلا ٿيڻ ٻيو ڌار معاملو آهي. انهن ٻنهي معاملن کي گڏائي نه ٿو سگهجي، رڳو منجهائي سگهجي ٿو. اصل ۾ عشق انسانن جي ٻن صنفن مرد ۽ عورت وچ ۾ تضادن کي حل ڪري انهن درميان جذباتي، شعوري، سماجي ۽ جسماني هم آهنگي۽ هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ جي هڪ رياضت آهي، ان لاءِ ذاتي ملڪيت واري هن نظام اندر پيدا ڪيل رواجن، رسمن، ضابطن ، ڏاڍ ۽ ظلم کي ختم ڪرڻو پوي ٿو، خوف ۽ لالچ جي به نفي ڪرڻي پوي ٿي ۽ اهو سڀ ڪجھه حقيقي بامعنيٰ سمجھه، ڄاڻ ۽ محنت کانسواءِ ڪڏهن به ممڪن نه ٿو رهي.
هي دوُر اهڙو به آهي جنهن ۾ جنهن شئي جي ضرورت پوي اها شي ڪو پيسه ڏئي خريد ڪرڻ جي مالي پوزيشن ۾ آهي تنهن ڪنھن حد تائين خريد ڪري وٺي ٿو. ان ڪري اهو به سمجهيو وڃي ٿو ته عشق به ڪا اهڙي شي آهي جيڪا خريدڪري سگجي ٿي جيڪو ان کي خريد ڪرڻ واري پهچ رکي ٿو اهو خريد ڪري وٺي ٿو جيڪو اهڙي پهچ نه ٿو رکي اهو ان کان محروم رهي ٿو. دولت جي سهاري تي ڪجهھ ماڻهو ڪنهن جو عارضي پيار خريد ڪري وٺندا آهن ۽ سمجهي رهيا هوندا آهن ته هو ائين ڪري عشق فرمائي رهيا آهن. گهڻن لاءِ معشوق اهو هوندو آهي جيڪو خوبصورت ۽ فيشن ايبل هجي. ان طرح معشوقي جا ٻيا به ڪيترائي معيار طئي ڪيا ويا آهن، انهن سڀني معيارن جو اڀياس ڪري ڏسبو ته خبر پوندي ته اهي معشوق نه پر ڪنهن دڪان تان خريد ڪيل ڪي اهڙيون شيون هونديون يا پوءِ خريدڻ واري خواهشن ۾ موجود هونديون آهن. عاشقي ۽ معشوقي جا دعويدار گهران انهن جا خريدار بڻجي نڪرن ٿا، وڪري جي ڪا جنس بڻجي پنهنجي نمائش ڪن ٿا. اهي عشق کي هڪ فن يا رياضت نه پر هڪ فيشن سمجهن ٿا يا لباس جي ڪا ڊزائين سمجهن ٿا، ان کي خريد ڪندا ۽ بدلائندا رهن ٿا.
اسان ھتي ھن ڳالھه کي چٽو ڪريون ٿا عشق ھر ماڻھو جو معاملو آھي، ان لاءِ ڪي خاص ماڻھو پيدا ٿيل نه آھن، شاعرن جي عاشقاڻي شاعري ۾ انھن مان گھڻن طرفان عشق جو يڪ طرفو اظھار عشق جي مٿي ڄاڻايل ٽن مشھور قسمن جي معيار تي ضرور جانچڻ گھرجي پر عشق واري سوچ مطابق اھي ٽئي خراب رويا شاعرن کان سواءِ ٻين جا به ٿي سگھن ٿا ان ڪري ھر ماڻھو جي عشق، پيار، محبت، پريم يا ڪنھن ٻئي نالي واري ان ساڳئي جذبي کي به انھن معيارن تي پرکڻ گھرجي، ان پرک مان ئي پتو پوندو ته ڪھڙو ماڻھو ڪھڙي قسم جي سوچ کي فالو ڪري رھيو آھي، اھو سوچ ۽ ان سوچ مطابق رويو ان ماڻھو کي ۽ ان سان سلھاڙيل ٻين کي ڪھڙو فائدو ۽ نقصان رسائي سگھي ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *