تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

(حصو ٻيون ۽ آخري) … سنڌي لغت جي بدنصيبي … ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ڊاڪٽر بلوچ واري ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ’تجنيس‘ واري دائري جا لفظ ذري ذري جاچيم، لفظن جي دائرن ۾ ڪا خاص پختگي نظر نه آئي، هڪ ٻن لفظن ۾ غلطي به نظر آئي، ظاهر آهي ته جڏهن ان تي آڌاريل ’مفصل سنڌي لغت‘ سنوارجي ٿي ته ان ۾ ان جا اندارج درست ڪيا وڃن ها پر اهي ٿيندا ڪيئن ۽ ڪير ڪري؟ اهو اسان وٽ وڏو مسئلو آهي. آخر اهو ڪٽ پيسٽ واري ڪم جي ضرورت ڪهڙي آهي؟ خيال خاطر ’جامع سنڌي لغات‘ جي غلط صورتخطي، مثال جي غلط اندراج ۽ غير مناسب دائري جا ٽي مثال سامهون رکان ٿو، جيڪي ’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ به ساڳئي انداز سان ڪٽ پيسٽ ڪري رکيا ويا آهن:
لفظ جو غلط اندراج:
•جامع سنڌي لغات:تَجنِيسَ مُزِيل: ث. شعر ۾ ٻن هڪ جهڙن لفظن مان هڪڙي جي پويان وڌيل اکر پيش ڪرڻ واري صنعت ”ڪين بند ڪر تون خدا يا!هن بنده جو روزگار“.
•نئين جامع سنڌي لغات:تجنيس مُزِيل: ث. شعر ۾ ٻن هڪ جهڙن لفظن مان هڪڙي جي پويان وڌيل اکر پيش ڪرڻ واري صنعت ”ڪين بند ڪر تون خدا يا!هن بنده جو روزگار“.
•مفصل سنڌي لغت: تجنِيس مزِيل: [ا- مث] ڪنهن به شعر ۾ ٻن هڪ جهڙن لفظن مان هڪڙي جي پويان وڌيل اکر پيش ڪرڻ واري صنعت ’ڪين بند ڪر تون خدا يا!هن بنده جو روزگار‘.
جامع سنڌي لغات‘ ۽ ’نئين جامع سنڌي لغات‘ ۾ بنيادي فرق صرف صوتين ’ٽر- ڊر ۽ ڍر‘ جو آهي، باقي تقريباً ساڳيو مواد آهي.
’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ اندراج کي جيڪو اپڊيٽ ڪيو ويو، سو هن ريت آهي:
01-مُزِيل‘ بدران ’مزِيل‘ ڄاڻايو ويو آهي، اندازو آهي ته لغت جي ماهرن کي ’م‘ تي پيش مناسب نه لڳو هوندو.
02-اصطلاح/ لفظ جي وضاحت واري منڍ ۾ لفظ: ’ڪنهن‘ جو اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کي هو ’اپڊيٽ ڪرڻ‘ تصور ڪندا هوندا.
03-’واڪ جون نشانيون‘ تبديل ڪري ’نمايان ڪندڙ نشانيون‘ لڳايون ويون آهن. اها ڪار مناسب آهي، ليڪن شعر يا پهاڪي ۾ واڪ جون نشانيون ڪم آڻڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي.
04-ڊاڪٽر بلوچ ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ مثالي لفظن کي ’هيٺان ليڪ جي نشاني‘ رکي هئي، جيڪا ڪڍي وئي آهي.
اصل ۾ اهو لفظ ’مُزيل‘ جيڪو ’جامع سنڌي لغات‘ کان ٿيندو ’نئين جامع سنڌي لغات‘ ۾ آيو ۽ اتان وري ’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ داخل ٿيو، ته ڪٿي به پنهنجي درستي نه آڻي سگهيو. ان لفظ جي بنيادي معنى ئي اها ناهي، جيڪا لغت موجب گهربل آهي. جامع سنڌي لغات ۾ ڄاڻايل لفظ: ’مُزِيل‘ جو بنياد ’زَال‘ آهي، جنھن جي معنى ’هليو وڃڻ‘، ’ڦري وڃڻ‘، ’الڳ ٿي وڃڻ‘ ۽ ’هلاڪ ٿي وڃڻ‘. (المُنجد، 448) ان کان علاه لفظ ’مُزِيل‘، ’فُعِيل‘ جي وزن تي بيھي ٿو، اهڙي وزن ۾ هي لفظ مروج ئي ناهي. ان ڪارڻ جامع سنڌي لغات جِي علمي بنيادن تي نظرثاني ٿيڻ گهرجي ها! اصل تجنيس واري لفظ جو بنياد ۽ صورتخطي هن ريت آهي:
تجنيس مَذِيل:[ تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + مَذِيل- [مُذَيَّل جي مفھوم ۾] اسم مفعول (ذَالَ/ ذَيَّلَ = ڊگهو ٿيو، دامن وارو بڻيو، ڪتاب جي آخر ۾ ڪجهه وڌيو) آخر ۾ ڪجهه وڌائڻ] صنايع بدايع موجب اهڙا ٻه هم جنس لفظ جن جا اڳيان اکر ساڳيا ۽ آخري لفظ جي آخر ۾ هڪ يا ٻه حرف وڌائي مستعمل لفظ ڪم آڻڻ، جيئن: کٽ- کٽل، ڀت- ڀتر وغيره. هاڻي سور اهو آهي ته لغتن کي سوڌي سنواري نوان جلد ته تيار ڪرايا وڃن ٿا، پر منهنجي خيال ۾ اهو وقت ۽ قومي ڏوڪڙن جو زيان آهي.
مثال جو غلط اندراج:
•جامع سنڌي لغات:تَجۡنِيسَتامَ: ث. فقري يا مصرع ۾ ساڳيءَ صورتخطيءَ ۽ ساڳئي اچار وارن لفظن جي استعمال جي صنعت (انهن لفظن جي معنى ڀلي کڻي مختلف هجي ”وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن وَرُ وڏو ڪيو“ (شاهه)
•جامع سنڌي لغات:تَجۡنِيسَتامَ: ث. فقري يا مصرع ۾ ساڳيءَ صورتخطيءَ ۽ ساڳئي اچار وارن لفظن جي استعمال جي صنعت (انهن لفظن جي معنى ڀلي کڻي مختلف هجي ”وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن وَرُ وڏو ڪيو“ (شاهه)
•مفصل سنڌي لغت: تجنِيسَ تامَ: [ا- مث] تجنيس لفظي، ڪنهن فقري يا مصرع ۾ ساڳيءَ صورتخطيءَ ۽ ساڳئي اُچارَ وارن لفظن جي استعمال جي صنعت (انهن لفظن جي معنى ڀلي کڻي مختلف هجي)
’وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن وَرُ وڏو ڪيو‘ (شاهه/ ديسي)
’ڪرين ٿو وارَ، کولي وارَ، سؤ سؤ وارَ او سهڻا‘ (احمد خان مدهوش)
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ترتيب ڏنل لغت ۾ لفظ جو بنياد ڄاڻايل ڪونهي، جڏهن ته وصف بلڪل واضح آهي. البت، جيڪو مثال ڏنل آهي، ان ۾ ’ور‘ لفظ ٽي ڀيرا ڪم آندل آهي، جن جي اعراب ۾ فرق آهي: ’وَرَ‘، ’وَرُ‘ ۽ ’وَرُ‘. پھرئين لفظ (وَرَ = مڙس) جي آخر ۾ ’زبر‘ آيل آهي، جڏهن ته وچئين ۽ آخري (وَرُ = ڏِنگ- جٺ) لفظن جي آخر ۾ ’پيش‘ ڪم آندل آهي. آخري ٻه لفظ سماجي معنى نسبت پاڻ ۾ ويجها آهن. البت اڳيون لفظ ’مڙس‘ جي معنى ۾ مختلف معنى جو مثال بيشڪ آهي. مسئلو سامهون اهو ٿو اچي ته انهن لفظن جي صورتخطي، زيرن- زبرن جي خيال کان الڳ آهي. ان سبب ان کي ’تجنيس تام‘ جو مثال نه، بلڪ ’تجنيس ناقص‘ جو مثال چئي سگهجي ٿو. ٻڌائڻ جو مقصد ته ڊاڪٽر بلوچ جي نگرانيءَ ۾ ترتيب ڏنل لغت ۾ اهو مثال غير مناسب آهي، هاڻي جڏهن غير مناسب آهي ته ’مفصل سنڌي لغات‘ ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي ها! پر وري مسئلو اهو ئي ٿو سامهون اچي ته ان لاءِ به ته ’شيرواني پاتل‘ ماڻهو نه بلڪ ’ٻوليءَ جي علم‘ جا ماڻهو گهربل آهن.
دائري جو غلط اندراج:
•جامع سنڌي لغات:تَجنِيسَمُضارَع: ث. شعر ۾ ساڳئي آواز ليڪن معنى ۽ صورتخطي مختلف هئڻ واري صنعت ”لال لب لعل کان پڻ لال مٺا توکان ٿيا“.
•نئين جامع سنڌي لغات:تَجنِيسَمُضارَع: ث. شعر ۾ ساڳئي آواز ليڪن معنى ۽ صورتخطي مختلف هئڻ واري صنعت ”لال لب لعل کان پڻ لال مٺا توکان ٿيا“.
•مفصل سنڌي لغت: تجنِيس مضارع: ث. ڪنهن به شعر ۾ ساڳئي آواز ليڪن اُن جي معنى ۽ صورتخطي مختلف هئڻ واري صنعت ’لال لب لعل کان پڻ لال مٺا توکان ٿيا‘.
ڊاڪٽر بلوچ جي ڪاميٽي ان جي باريڪ بيني بيان نه ڪري سگهي، يعني ان دائري ۾ ئي لچڪ آهي. مثال مان تجنيس جا لفظ ’نمايان‘ ڪبا آهن، سي به ڪونه ڪيا ويا. اصل ۾ ان جو تفصيلي اشتقاق هن ريت بيھي ٿو:
تجنيس مُضارِع: [تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + مُضارِع- مُفاعِل- اسم فاعل (ضَرَعَ = سج لھڻ جي ويجهو ٿيو- هو ٻئي جھڙو ٿيو- هو ڀيٽ ۾ ويجهو ٿيو) ڀيٽ رکندڙ- حال ۽ مستقبل جي معنى ڏيندڙ- مثل- جھڙو- شريڪ- ويجهو- علم عَروض جو هڪ بحر (مفاعيلن فاعلاتن مفاعيلن فاعلاتن)، جيڪو سالم ڪم نه آندو ويندو آهي]تجنيس موجب هم جنس لفظن ۾ اڳيان، وچ يا آخر ۾ هڪ متحد المخرج يا قريب المخرج اکر/ آواز جي تبديلي واقع هجي، جيئن: مرد- فرد، قرب- قلب، ڪاٺ- ڪال وغيره.
اهي ڳالهيون جڏهن اڀياس ۾ آيون آهن ته سامهون اچن ٿيون، اهڙو اڀياس ڪير ڪرائيندو؟ ڪير ان جوقبلو درست ڪندو؟ ڪيئن نئين سري سان ڪاميٽي جڙڻ گهرجي؟ ڪاميٽيءَ ۾ ڪهڙي قسم جا ماڻهو هئڻ گهرجن؟ هي ائين سمجهو ته هڪ معمار بدران مزدورَ هٿ ڪري ان کان جڳھه جي مرمت پئي ڪرائي وڃي. پاڙن کاڌل ڀتين کي گنب هڻي اهو پيو ڏيکاريو وڃي ته هاڻي هن جڳهه کي ڪو خطرو ناهي، گهمو ڦرو ۽ کائو پيئو.. وس وارن کي گذارش آهي ته خدا جي واسطي قومي درد رکي، لاڳاپيل فيلڊ جي عالمن جو هڪ ڪٺ قائم ڪري، ڪو علمي انداز ۾ڪم کي اڳتي وڌايو. هن ڪٽ پيسٽ واري ڪم جي ڪا ضرورت ڪونهي، رهندو زيان ڪيو پيو وڃي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *